لاهور موٽروي واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

اسلام آباد/لاهور/ڪراچي:- لاهور ۾ موٽروي واقعي خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، لاهور واقعي خلاف اسلام آباد، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ عورتن جا احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سي سي پي او خلاف نعريبازي ڪئي وئي، جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته لاهور واقعو پنجاب پوليس ۽ حڪومت جي .

حيدرآباد:- لاهور موٽر وي تي عورت تي جنسي تشدد، سن وزيران ڇڇر ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ، ڊاڪٽر ماها شاهه ۽ مروا واقعي خلاف انساني حقن ۽ عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف تنظيمن وومين ايڪشن فورم، ڊيموڪرٽڪ فرنٽ ۽ هيومين رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد پاران ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ شريڪ عورتن ۽ مردن لاهور موٽر وي واقعي خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن حسين مسرت، نسيم جلباڻي، پروفيسر امداد چانڊيو، پنهل ساريو، تاج جويو، سارنگ جويو، عاليا بخشل ٿلهو، لالا عبدالحليم پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ عورتن تي تشدد ۽ قتل وارا واقعا روز روز وڌي رهيا آهن ملڪي ادارا ناڪام ٿي ويا آهن. هر روز  4 عورتون قتل يا جنسي زيادتي جو شڪار ٿي رهيون آهن.هنن چيو ته قانون تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سان جنسي زيادتين توڙي قتل وارا واقعا وڌي رهيا آهن. هنن چيو ته لاهور موٽر وي تي هڪ طرف ۽ هڪ عورت اڪيلو ڏسي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي ته ٻئي طرف متاثر عورت کي لاهور پوليس جو عملدار قصور وار قرار ڏئي رهيو آهي جيڪو عمل انتهائي شرمناڪ آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سي سي پي او لاهور کي فوري طور هٽائي لاهور موٽر وي واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري سڀني متاثر عورتن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي