لاهور مان ايس ايس پي گم ٿي ويو، اڳوڻو اسسٽنٽ اٽارني جنرل به اغوا

لاهور:- لاهور مان سينيئر پولس آفسر گم ٿي ويو، جڏهن ته اڳوڻو اسسٽنٽ اٽارني جنرل به اغوا ٿي ويو، جڏهن ته ٻنهي جو پاڻ ۾ گهرو تعلق ٻڌايو پيو وڃي.لاهور ۾ ايس ايس پي مفخر عديل پراسرار طور تي گم ٿي ويو جڏهن ته اڳوڻو اسسٽنٽ اٽارني جنرل شهباز احمد کي اغوا ڪيو ويو.پوليس مفخر عديل ۽ شهباز احمد جي ڳولا لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي .ان سلسلي ۾ فيصل ٽائون ۾ هڪ گهر جي جهڙتي به ورتي، جيڪو مفخر عديل ۽ شهباز احمد جي استعمال هيٺ هو ۽ ٻئي ڪجهه ڏينهن اڳ ان گهر ۾ آيا هئا.فرانزڪ ٽيمون گهر مان شاهديون گڏ ڪيون ۽ پوليس سامان جي چيڪنگ ڪئي. ايس ايس پي مفخر عديل جي استعمال هيٺ سرڪاري جيپ جوهر ٽائون شاپنگ مال ڀرسان پوليس کي ملي وئي آهي.مفخر عديل جي گهرواري نواب ٽائون ٿاڻي ۾ پنهنجي مڙس جي گمشدگي بابت رپورٽ داخل ڪرائي آهي. مفخر عديل 8 فيبروري کان ڪنهن ڪيس جي ڳجهي انڪوائري ڪري رهيو هو ۽ اڱاري جي رات 11 فيبروري تي اڪيلو سرڪاري جيپ تي گهران نڪتو هو ۽ ان جي فون رات اٺ وڳي بند ٿي وئي، ٻه ڏينهن گذرڻ جي باوجود مفخر عديل جو پتو نه پيو پئي.ايس ايس پي مفخر عديل پنجاب جو ڪانسٽيبلري لاهور ۾ مقرر آهي، هو ايس پي سول لائنز لاهور به رهي چڪو آهي.هوڏانهن اڳوڻي اسسٽنٽ اٽارني جنرل شهباز احمد لاهور جي علائقي گلبر اڪبر مارڪيٽ مان اغوا ٿي ويو. شهباز احمد جو تعلق نارووال سان آهي ۽ هن جي اغوا جو ڪيس سندس ڀاءَ جي فرياد تي نصير آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. سندس ڀاءُ سجاد احمد ٻڌايو ته شهباز احمد پنهنجي آفيس مان گم ٿي ويو آهي.