لاهور جي احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي، شهباز شريف جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

لاهور :- لاهور جي احتساب عدالت ۾ شهباز شريف خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻڌني، نيب پاران وڌيڪ رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت پاران نيب جي استدعا رد ڪئي وئي، شهباز شريف کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪيو ويو، نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته شهباز شريف کي جيڪو سوالنامو ڏنو ويو ان ۾ تضاد آهي، شهباز شريف کان پرڏيهي فيلٽس جي قرضن بابت جاچ رهيل آهي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته مون کي آخري پيشي کان پهريان ٻه سوالناما ڏنا ويا، سوالنامن جا جواب به ڏنا آهن، منهنجا جواب ريفرنس جو حصو آهن، شهباز شريف جو چوڻ هو ته مون هنن کي چيو ته جيڪو اوهان پڇڻ چاهيو ٿا اوهان ان کان اڳ به پڇي چڪا آهيو، عدالت نيب جي جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي شهباز شريف کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي.