لاهوتي ميلي جي آخري ڏينهن تي “عرفانه ملاح” جي ميزباني “ماحولياتي تبديلين جو عورتن تي اثر” جي عنوان سان سيشن منعقد ڪيو ويو

ڄامشورو:لاهوتي ميلي جي آخري ڏينهن تي “عرفانه ملاح” جي ميزباني “ماحولياتي تبديلين جو عورتن تي اثر” جي عنوان سان سيشن منعقد ڪيو وپو جنهن ۾ سينئر صحافي زوفين ابراهيم، ماحولياتي جنرلسزم سان تعلق رکندڙ شبينه فراز، پروفيسر ۽ سائڪالاجسٽ ڊاڪٽر گلناز انجم ، ڊولپمينٽ اڪٽوسٽ سمرين خان غوري، آبادگار وڏيري نازو شرڪت ڪئي. سيشن ۾ ڳالهائيندي شبينا فراز چيو ته عورت کي صنف نازڪ چوڻ مان مراد آهي ته عورت ڪمزور آهي، هن چيو ته پاڪستاني عورت ماحولياتي تبديلي  کي منهن ڏيندڙن ۾ پهرين نمبر تي بيٺل آهي ڇاڪاڻ ته هن کي تعليم، صحت ۽ ٻيون سهولتون نه ٿيون ملن تنهن باوجود هوءِ دنيا بهترين ڪم سرانجام ڏئي ٿي، هن چيو ته خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي عورتن تي موسمياتي تبديلين جو وڏو اثر ٿئي ٿو، خاص ڪري جڏهن ٻوڏ جي وقت ۾  عورتون متاثر ٿين ٿيون ۽ کين ڪئمپن ۾ رهڻو پوي ٿو اتي هو پنهنجي گهر ٻارن کي بهتر نموني سنڀالين ٿيون. ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ سائڪالاجسٽ گلناز انجم چيو ته ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان ٿڌين ۽ گرم هوا جي تبديلين سان پڻ عورتن جي صحت تي ڪيترائي اثر ٿين ٿا، هن چيو ته ماحوليات تبديلين جا ذهن تي اثرات ٿين ٿا جنهن ڪري عورتن تي  ٿيندڙ گهريلو تشدد پڻ وڌيو آهي، پاڻي جو خراب ٿيڻ سان پڻ عورت جي صحت متاثر ٿئي ٿي. شهري عورتن لاءِ تشدد کي روڪڻ ڳوٺاڻي عورتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکيو آهي. آبادگار ۽ زميدار وڏيري نازو ڌاريجو ڳالهائيندي چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي، جنهن سبب آمدني گهٽ ٿي وئي آهي هن چيو ته اڳ ۾ پاڻي گهڻو هوندو هو ته  100 ايڪڙ زمين آباد ڪندا هئاسين هنئير ان جاء تي 25 ايڪڙ آباد ٿئي ٿي، هن چيو ته ٻيلو ڪٽڻ سان ماحول آلوده ٿي ويو آهي، گورنمينٽ جي نااهلي سبب  مسئلا وڌي ويا آهن. هن چيو ته 25 سالن کان ذميداري ڪري رهي آهيان. عورت ڪمزور ناهي.  هڪ ٻئي “ماحوليات جي بهتري  ۾ تخليقڪارن جو ڪردار” جي عنوان سان ويهڪ منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ موسقي پروڊيوسر ذوهيب قاضي ، آرڪيٽيڪٽ ماروي مظهر ، آرٽسٽ مريم آغا ۽  آرٽيسٽ انوشي اشرف شرڪت ڪئي، سيشن ۾ ڳالهائيندي مقررن چيو ته ڪيتريون ئي شيون جي اسان جن کي ناڪاره سمجهون ٿا انهن کي ٻيهر ڪتب آڻي مختلف شيون ٺاهي سگهجن ٿيون، هنن چيو ته آرٽ جي ذريعي ڪهاڻيون ٺاهي سگهجن ٿيون، هن چيو ته موسقي، آرٽ ذريعي موسمياتي تدبديلين بابت آگاهي مهم هلائي سگهجي. هنن چيوته ان ئي آرٽ مان ماڻهو سبق حاصل ڪن ٿا جن مان ڪو سٺو سبق ملي ٿو.