creative writing words and phrases cover letter writing service perth homework help earthquakes bangor creative writing phd proposal writing format for thesis business plan for purchase miami university creative writing mfa write my law essay australia do someone's homework for money sea past papers creative writing things to listen to while doing homework nz cover letter help

قومپرستن جي اتحاد جون ڳالهيون: ليکڪ محمد خان ابڙو

ڪجھه ڏينهن اڳ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ قومپرستن جي ڪا  گڏيل  پارٽي يا ڪو نئون   اتحاد ٺاهڻ جي ضرورت آھي ان بابت پنهنجي پارٽي طرفان پهل ڪندي هن ھڪ  ڪوآرڊينيشن ڪميٽي به جوڙي آهي جيڪا مختلف قومپرست جماعتن جي اڳواڻن ۽ سربراھن سان ملي ان  معاملي کي اڳتي وڌائيندي.  قادر مگسي صاحب جي ڳالهين موجب قوم پرستن جي اها نئين پارٽي يا نئون اتحاد وفاقي ۽ پارلياماني سياست ذريعي ميدان ۾ لهندو، اهڙي مقصد لاءِ هن پنهنجي پارٽي جي هيٺين قيادت جي چئن نمائندن گلزار سومرو، حميد ميمڻ، حيدر ملاح ۽ هوت خان گاڏهي تي مشتمل هڪ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي تشڪيل ڏني آهي جيڪا وري سمورن قوم پرست ڌرين سان رابطا ۽ ڊائلاگ ڪندي. قادرمگسي سنڌ جي قومپرست پارٽين جي ليڊرن جلال محمود شاھه، اياز لطيف پليجو، رسول بخش خاصخيلي، مسرور شاھه، رياض چانڊيو ۽ ٻين اڳيان جيڪي تجويزون ۽ خدشا رکيا آهن اهي قابل غور آهن. قادرمگسي خواهش ڏيکاري آهي ته سڀني صوبن جي قومپرست ليڊرن، وفاقي پارلياماني اڳواڻن کي گڏ ويهاري ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت قائم ڪرائڻ جي نئين طرح جدوجهد ڪري پارلياماني بالادستي کي مقتدر ڌرين کان ان جي حيثيت کي مڃرايو وڃي ۽ قبول ڪرايو  وڃي. قادر مگسي جو اهو بيان ٿورو  معنيٰ خيز آهي ڇاڪاڻ ته هن هڪ ئي وقت تي ڪيتريون ئي متضاد ڳالهيون ڪيون آهن جنهن ڪري  لڳي ايئن پيو ته هن اهو اعلان جلدي ۽ تڪڙ ۾ ڪيو آهي.  پاڻ جيڪڏهن سنڌ جي قوم پرست تحريڪ جي اڳواڻن ۽ انهن جي روين تي روشني وجهنداسين ته سائين جي ايم سيد کان پوءِ سنڌ ۾ ڪو به اهڙو قوم پرست ليڊر يا قومپرست پارٽي نظر ڪونه ايندي جيڪا سنڌ جي قومپرست تحريڪ ۾ جي ايم سيد جي دور جهڙي اهميت ماڻي سگهي هجي. يا ان جي اصولن ۽ نظرئي تي پابند ھجي پر پنھجي سياست کي چمڪائڻ لا ان جو نالو ضرور اسعمال ڪيو ويندو رھيو آھي. هن وقت هڪ اڌ اڳواڻ کان سواءِ  سڀني قومپرست پارٽين جا ليڊر هونئن ئي اقتدار جي ايوانن ۾ پهچڻ جا جتن ڪندي نظر اچن ٿا. قادرمگسي جو به نه فقط شروع کان اهو موقف رهيو آهي ته پارلياماني سياست ئي مسئلن جو حل آهي بلڪه هو ان رستي تي هلندي ڪافي وقت کان اليڪشنن ذريعي ايوان ۾ پهچڻ لاءِ ڪوششون ڪندي به نظر اچي ٿو. هن وقت قادرمگسي جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان مان تنگ ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ ته عمران ھاڻ   انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جو حصو ٿي ويو آهي، قادر مگسي جي اهڙي بيان جي پٺيان ۽ ان جي مقصدن تي غور ڪبو ته ذهن ۾ ڪيئي گمان پيدا ٿين ٿا. ڇا هو اهڙا بيان ڏئي  اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو وڃڻ ٿو چاهي؟ سنڌ ۾ بحرحال ان ڳالھه جي گنجائش موجود آھي ته پ پ جي مقابلي ۾ هن جي ٺاهيل اتحاد يا پارٽي کي سنڌ سطح تي ڪا اهميت ملي سگهي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پ پ جي مقابلي ۾ سنڌ سطح تي ڪا قوت پيدا ڪرڻ چاهيندي هجي ان ڪري هو پنهنجي ڪنهن با اعتماد ماڻهوءَ يا پارٽي جي چونڊ ڪرڻ چاهيندا هجن، اهو هڪ الڳ سوال آهي ته پ پ جي متبادل سنڌ ۾ پارٽي يا اتحاد سمورن قومپرست ڌرين جي وس ۾ آهي به يا نه!

پ پ وفاق ۾ 4 دفعا حڪومت ٺاهي چڪي آهي جنهن کي اسٽيبلشمينٽ ۽ طاقتور ادارن هاڻ سنڌ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ پارٽي جي پنهنجين غلطين ۽ سروس ڊليوري واري سوال کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي پر تمام تر نقصانن جي باوجود ڇا قوم پرست ان پوزيشن ۾ آهن ته اهي پ پ جي متبادل طور سنڌ ۾ ڪا قوت بڻجي سگهن؟ ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته پ پ سنڌ اندر سنڌي ماڻهن جي سڀ کان وڏي پارلياماني جماعت آهي جنهن سان عام سنڌي هاڻي اڳ جيتري محبت ڪري ٿو يا نه پر ان کي ووٽ ضرور ڏئي ٿو. قومپرستن جي اتحاد جي ڪوشش واري واري ڳالھه تي سوچيندي حيرت ٿئي ٿي  ته  جيڪا ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ٺاهي وئي آهي سا جلال محمود شاهه، اياز لطيف پليجو، رياض چانڊيو ۽ ڪجهه ٻين پارٽين جي ليڊرن سان ملاقات ڪندي تنهن ڪميٽي ۾ڀلي کڻي معزز ۽ مانائتا ماڻهو شامل آهن پر جنهن سطح جي اتحاد جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ان لاءِ ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي کي پاڻ شامل هجڻ گهرجي ها جنهن جي اڳواڻي ۾ ٻين قومپرست پارٽين جي قيادت سان رابطا ڪري ها جنهن ڪري ڳالهيون اڳتي وڌڻ جو امڪان پيدا ٿئي ها، پر مون کي نٿو لڳي ته هي ڪميٽي ڪا ٻوٽو ٻاري سگهندي ڇاڪاڻ ته ترقي پسند پارٽي جيڪا خود 88 جي جهيڙن کان پوءِ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ سسبي ننڍي ٿيندي  ٿي وڃي.اها ٻين ڌرين کي اتحاد لاءِ قائل ڪري سگهي سو ڏکيو آهي جيڪڏهن ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ٻين سينيئر اڳواڻن تي مشتمل ڪميٽي ٺهي ها ته ڪجه بهتري جي اميد پيدا ٿي پئي سگهي. ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته ايئن ڪي اتحاد ٺهن سو ممڪن ناهي   جيڪڏهن  واقعي به  ڪي سنجيده ڪوششون ڪرڻيون آهن ته ڊاڪٽر قادر مسگي کي پاڻ ان جي اڳواڻي ڪرڻي پوندي، هر قومپرست ڌر جي در تي وڃڻو پوندو ڇاڪاڻ ته ليڊرشپ جي شوق ۾ الڳ پارٽيون ٺاهي ويٺل اڳواڻ  ايڏا آسان ناهن جيڪي اچي نياپن تي اتحاد ڪندا. ٻي ڳالھه ته پاڻ جيڪڏهن سنڌ جي قومپرست سياست تي ايمانداري سان هڪ نظر وجهنداسين ته بشير خان قريشي جي وڃڻ کان پوءِ پارٽي کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ باوجود هن وقت به بشير خان واري پارٽي جسقم به موجود آهي  پر قادر مگسي صاحب انهن سان ڳالهائڻ جي ڪابه ڳالھه ناهي رکي. وري جسقم کان پوءِ ڏسجي ته ايس ٽي پي پ پ شھيد ڀٽو سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪونه ٿي نظر اچي، جيڪڏهن ڊاڪٽر   صاحب سنڌ کي واقعي قومپرستن جو پارلياماني اتحاد يا مضبوط پارٽي ڏيڻ چاهي ٿو ته  سڀني پارٽين  کي گڏ کڻي هلڻو پوندو ۽ سنڌ جي وسيع تر مفاد ۾ مضبوط دليلن سان مطمئن به ڪرڻو پوندو، سندس نيڪ نيتي سان کنيل اهڙي قدم کان پوءِ ئي سندس حڪمت عملي ڪامياب ٿيندي ۽ اهڙو ڪو اتحاد يا پارٽي وجود ۾ اچي سگهي ٿي.