جبري گمشدگين تي سنڌ سرڪار جي خاموشي تي سردار شاه ڏانهن کليل خط: پاران نواز شاه ڀاڏائي

سيد سردار شاھ صاحب

اميد ته چاڪ چوبند ھوندا

حسب دستور ڪالھ به سنڌ اسيمبلي جي فلور تان وفاقي حڪومت جي ارھ زورائين خلاف توھان جي زوردار تقرير ٻڌم ان تقرير کي به ھميشا وانگر توھان خوبصورت جملن پھاڪن لطيفن سان سينگاري زبردست فصاحت ۽ بلاغت جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ( سڄي سنڌ ان قسم جي خطيبن مقررن دانائن عالمن سان ڀري پئي آھي اسان جو استاد سائين نورمحمد بلوچ به ڪمال جو مقرر داناء ۽ عالم ھو سائين خميسو به غضب جي گفتگو ڪندڙ لفظن جو شاعر ھو پر ڳالھ موقعي ۽ ماحول جي آھي انھنن سڀني علمي وسعت رکندڙ انسانن کي اسيمبلي جو فلور عوامي ھجوم ٽي وي شوز وزارتون پروٽوڪول خوشامدڙن جا ٽولا ڪونه مليا نتيجي طور اياز چواڻي ” ٽڙياسين دامن صحرا ۾ خوشبوء اجائي وئي ” ) بيشڪ توھان سٺا ڳالھير آھيو ۽ وفاق جي خلاف ( پ پ تي آيل ھر مشڪل وقت ۾ ” مٿين سرڪار جي لفظن ۾ ” ته صوبائيت کي ھٿي ڏيڻ لاء ) توھان سنڌ اسيمبلي ۾ سٺي خطابت ڪندا آھيو ته اسان جا سادا سنڌي ان وڊيو کي ھڪ اميد افزا سمجھي ھزارن ۾ شئير ڪندا آھن آئون توھان جي تقرير کي امر ڪوٽ جي نازبوئن سان تشڀيھ ڪونه ڏيندس ( اھا تشڀيھ ھاسي سر جي لڪن لوساٽيل عظيم انسان عبدلواحد آريسر جي پسند جي تشڀيھ ھئي اھو آريسر جنھن جي ادبي ھم ذوق ۽ ڳوٺائي ھجڻ باوجود سندس تعزيتي تڏي تي اچڻ جي به اوھان زحمت نه ڪئي پر خير اوھين حضرت جنيد بغدادي ته آھيو ڪونه جنھن جي اچڻ سان ڪنھن جي بخشش ٿي وڃي ۽ نه ئي ھتي منھجو اھو موضوع آھي پر ان آريسر صاحب جا سپاھي اڄ سون جي تعداد ۾ لاپتا آھن ان طرف توجھ ڇڪائڻ ٿو چاھيان ) توھان جي ڪلھوڪي تقرير مڪمل اردو ۾ ھئي ( سنڌ اسيمبلي سنڌين جي ته لڳندي ڪونھي ان کان ته مھاراشٽر راجستان ۽ گجرات جون اسميبليون ڀليون جتي مراٺي گجراتي ۽ مقامي ٻولين ۾ ڳالھايو وڃي ٿو ) پر ان ۾ وتايي فقير جو نالو ۽ ملان نصير جو ذڪر گڏھن جي تاريخ بيان ڪيل ھئي ( سچ پڇو سرڪار اوھان ملان نصير سان جڙيل گڏھن جي قصي کي وفاقي وزيرن سان منسوب ڪري رھيا ھئا جنھن تي آئون دل ئي دل ۾ گدگد به ٿيس پئي پر مون کي وري سنڌ ڪابينا جا ڊزن کن وزير پئي ياد آيا پوء سوچيم آئون ڀيٽ ڪري ويچارن گگدام گڏھن جي بيعزتي ڇو ڪيان ) ھي مختصر خط مون توھان جي رڳو تقرير جي تعاريف لاء نه پئي لکڻ چاھيو پر سٺي خطابت جو چاھڪ ھئڻ ناتي توھان جي پرمغز ۽ ادبي چاشني سان ڀريل تقرير تي تبصرو نه ڪرڻ سياسي منافقي ٿيندي ( جيتوڻيڪ جيئي سنڌ جا ڪجھ سابق ڪارڪن نوان جيالا ٿيو اڄ ڪلھ اوھان جي ارگرد گھمن ٿا پر انھنن ۾ ايتري اخلاقي سگھ ڪونھي جو ھي سنديس پنھجي سائين تائين رسائين ) ان ڪري کليل خط لکڻو پيو اٿم

سردار سائين

سنڌ مان لاتعداد قومي ڪارڪن ( صاف لفظن ۾ جي ايم سيد جا ورڪر ) رياستي ادارن گم ڪيا آھن ( متان انتھا درجي جي مصروفيات مان ڪجھ لمحا ڪڍي اوھان اھڙي معلومات ورتي به ھجي ) سھيل ڀٽي کي چار سال ٿيا آھن زندھ به آھي الائجي نه ڪجھ ڏينھن اڳ انور پيرزادي جي ٻلھڙجي جو لطيف شناس ڪارڪن حفيظ پيرزادو گم ڪيو ويو جيڪو اڳم ڪافي عرصو ان عذاب گھر مان ڀوڳي آيو ھو چار ڏينھن اڳي گولاڙچي مان محفوظ نوتڪاڻي کنڀيو ويو آھي ( محفوظ نوتڪاڻي جنھن جي سڀاڻي سالگرھ آھي ھن جو اڪائونٽ چيڪ ڪندئو ته ان ۾ پنھجي رٺل محبوبا کي ڏوراپا رنجشون ملڻ جون التجائون لائيو عشقيا ڪلام رولاڪيون سندس معصومانا فوٽو گرافي ته ملندي پر ھڪڙي به اھڙي شيء نه ملندي جنھن مان ثابت ٿئي ته ڪنول گل جھڙو ھي نوجوان دھشتگرد آھي ) ان قسم جا سئو کن جوان پٽ دوزخ جي دروازي طرف نيا ويا آھن اسين خواھشمند آھيون ته سنڌ مان جبري طور گم ڪيل ھنن پرامن شھرين جي آزادي لاء به توھان سنڌين جي اعلي پارليامينٽ ( سنڌ اسيمبلي جنھن جي فلور تان سخت نظرياتي اختلافات ھوندي به منھجي رھبر سائين جي ايم سيد جي باوقار فرزند سائين امداد محمد شاھ ايم آر ڊي تحريڪ دوران پ پ جي گرفتار ڪارڪنن لاکاٽ ميھڙ سڪرنڊ ۾ ٿيل قتلاعام جي خلاف نه صرف گرجدار تقرير ڪئي ھئي پر اسيمبلي جي سيڙھين تي احتجاجن ويھي رھيو ھئو ) مان آواز اٿاريو ھڪڙي ڀرپور فصاحت سان ڪناتار سلاست سان ٽمٽار تقرير ڪريو ( توھان کي ياد ھوندو جڏھن ايم آر ڊي دوران سنڌ جي ڳوٺن تي ضياء فوج گوليون وسائي رھي ھئي ته سائين جي ايم سيد جي اپيل ته مسز اندار گانڌي ڀارتي لوڪ سڀا ۾ عالمانا تقرير ڪندي ضياء کي خبردار ڪيو ھو ته ھندستان پنھجي پاڙيسري رياست سنڌ ۾ ٿيندڙ انساني ڪوس تي خاموش نه ويھندو نه اسان وٽ ايترا مالي وسيلا آھن جو سنڌي مھاجرن جا قافلا ترسائي سگھون ) وقت اچي ويو آھي تاريخ توھان کي موقعو ڏنو آھي ته پنھجو مورال بلند ڪريو ڌرتي جي ھنن عدم تشدد جي پوئلڳ ڪارڪنن جي زخمن تي پھا رکو ۽ وفاق جي ” خفيا ” پر ساڳي وقت ” حساس ” ادارن طرفان سنڌ ۾ ٿيندڙ ھن انياء خلاف موثر ڪردار ادا ڪريو مون کي ياد آھي جڏھن پير صاحب پاڳاري ( شاھ مردان شاھ ) ڪالاباغ ڊئم جي حمايت ڪندي چيو ھو ته ڊئم جي مخالفت اھي ٿا ڪن جن زمين جو ايڪڙ به ڪونھي تڏھن توھان ڪاوش اخبار ۾ جوابي طور ڀرپور ڪالم لکيو ھو جنھن ۾ ھڪڙو جملو تاريخ ساز ھو ته ” قبلا ڳالھ زمين جي ٽڪر جي ناھي ڳالھ ضمير جي آھي ” اڄ آئون اھو جملو توھان ڏانھن منسوب ڪندي ساڳي ڪيفيت جو اظھار ٿو ڪريان ته ” اسيمبلي جي رڪنيت کان تاريخ جو اعزاز اعلي آھي ” وزير ايندا ويندا تاريخ توھان کي ھڪ شاعر ڪالم نگار ادب دوست شخص جي حيثيت ۾ ياد رکندي ان لاء ضروري آھي ته مصلحت جي تقاضائن کي ٺوڪر ھڻي سنڌ جي پاسي بيھو ھي سنڌ جا عاشق جن وٽ ڪا طلب جي تنوار ناھي جيڪي جوڳيئڙا دم الھي الا وطن جي محبت جا ديوانا ھر دستور مٽائي آزاد ديس گھرن ٿا سي مڪمل آزادي نه سھي پر عدالتن ۾ پيشي جو حق ته لھڻن توھان سنڌ اسيمبلي ۾ گھڻ پڙھيا سياسي فرد آھيو توھان تي فرض آھي ته وفاق جي سنڌ ڏانھن روا ھر سلوڪ تي ڳالھايو ( پنھجي پارٽي جي ڪبيرن صغيرن جي پرداداري ڪندي به ) پر مسنگ پرسن جو اشو سنڌ ۾ بلوچستان وانگر شدت اختيار ڪري ويو آھي سليڪٽيڊ وزيراعظم ته نامراد شخص آھي جيڪو وعدا خلاف ماڻھو آھي پر سنڌ ھن لمحي توھان سڀني کي ڏسي رھي آھي ياد رھي ڪڏھن ڪڏھن ھڪ گھڙي جي غلفت ماڻھو کي صدين جو مجرم ٺاھي ڇڏيندي آھي ساڳي وقت اھا گھڙي امرتا جو روپ به ڏئي ڇڏيندي آھي

اوھان جو خيرانديش

نواز شاھ ڀاڏائي