قمبر ۾ عورت کي مبينا تشدد بعد وار ڪتري منهن تي ڪارو تيل هاري تذليل جو نشانو بڻايو ويو

قمبر:- قمبر جي بااثرن ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙي بعد عورت کي مبينا تشدد بعد وار ڪتري منهن تي ڪارو تيل هاري تذليل جو نشانو بڻائي ڇڏيو، ايس ايس پي قمبر نوٽيس وٺندي حد جي پوليس کي واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڊرگھه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٺوڙي بجار ۾ ڪبوترن جي ڳالهه تان ٻارن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد ڳوٺ جي بااثر وڏيرن الزام هيٺ آيل ٻارن جي وارث عورت مسمات ڪمالان زال منظور تنيو کي گهرائي کيس مبينا تشدد جو نشانو بڻايو.
متاثر عورت مسمات ڪمالان ميڊيا آڏو دانهيندي الزام هنيو ته ته با اثر وڏيري سلطان تنيو ۽ رانجھن تنيو تشدد بعد منهن تي ڪارو تيل ھاري وار ڪوڙي تذليل ڪئي ۽ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.
ٻئي طرف ايس ايس پي قمبر طرفان واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ڊرگهه کي حڪم ڏنو ويو ته ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي