قبضن جي حوالي سان آپريشن بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي،مون ڪراچي کي برباد ڪيو آهي ته فاروق ستار ايم ڪيوا يم کي تباهه ڪيو آهي  : ميئر ڪراچي وسيم اختر جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه

ڪراچي ( بيورو رپورٽ) فاروق ستار ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ان کي ڪراچي کي ٺاهڻ لاءِ ووٽ مليا هئا برباد ڪرڻ جي لاءِ نه ، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن چيو ته ڪراچي ۾ 5 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن هاڻي وسيم اختر ڪراچي مان ووٽ کڻي ڏيکاري ٻئي طرف ڪراچي جي ميئر وسيم اختر فاروق ستار جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هن ڪراچي کي برباد ڪيو آهي ته فاروق ستار ايم ڪيو ايم کي تباهه ڪيو آهي هن چيو ته قبضن جي حوالي سان آپريشن بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي .