قاضي احمد ڀرسان ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيل عورت صوبيا جتوئي جي قتل ۾ گهربل مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي پاران ريلي ڪڍي وئي

قاضي احمد :- قاضي احمد ڀرسان ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيل عورت صوبيا جتوئي جي قتل ۾ گهربل مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي پاران ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي لاکاٽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليس صوبيا جتوئي جي قتل ڪيس ۾ لاپرواهي ڪري رهي آهي، جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيوويو، جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو ته قومي شاهراهه بلاڪ ڪيو ويندو.