فھميده رياض پنھنجي نثر جي نظر ۾

ڊاڪٽر ناظر محمود

جڏھن فھميده رياض 73 سالن جي عمر ۾ لاھور ۾ وفات ڪري وئي ته اڪثر ميڊيا ھن کي پاڪستان جي ھڪ وڏي شاعره قرار ڏنو پر ان ڳالھه جو ذڪر نه ڪيو ويو ته ھوءَ ھڪ اعليٰ مرتبي جي علم، عقل ۽ شعور جي مالڪ ۽ نثر نگار به ھئي جنھن نه فقط افسانا پر ناول به لکيا. ھن مضمون ۾ اسان ھن جي شاعري تي نه پر نثر تي ڳالھائينداسين جيڪو ھن جي تخليق جو ھڪ اھم پھلو آھي جنھن کي گھڻو ڪري نظر انداز ڪيو ويو آھي.ھتي اجمل ڪمال جي رسالي “آج” ۽ آصف فرخي جي “دنيا زاد“ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي جن فھميده رياض جي نثر کان اسان کي متعارف ڪرايو. فھميده رياض جي نثر جو ھڪ شاھڪار اسان کي “آج” رسالي جي 35 شماري ۾ ملي ٿو جڏھن نامور اديب محمد خالد اختر جي وفات تي فھميده پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو.ان نثري ٽڪري ۾ اسان کي فھميده رياض جي پنھنجي ذھني ارتقا جو احوال به ملي ٿو ۽ ان ڪردار جو به جيڪو خالد اختر صاحب فھميده جي حوصلا افزائي ۾ ادا ڪيو.خالد اختر جو ڪردار تقربن اُھو ھو جيڪو احمد نديم قاسمي پروين شاڪر جي لاء ۽ صوفي غلام مصطفيٰ تبسم ڪشور ناھيد جي ادبي رھنمائي ڪندي ادا ڪيو ھو. فھميده بيان ڪري ٿي ته ڪنھن طرح خالد اختر جي تدفين کان پوءِ ايندڙ رات جو ھوءَ قبرستان وئي ۽ چوڪيدار کي مکيه دروازي جو تالو کولڻ جي درخواست ڪئي ته جيئن خالد اختر جي قبر تي وڃي خراج عقيدت پيش ڪري سگھي. پنھنجي خوبصورت نثر ۾ فھميده لکيو ته خالد اختر صاحب سان ھن جي دوستي واقعي اردو ادب جي تاريخ جي ھڪ ڊگھي دوستي ھئي جڏھن ته اھي ٻئي ادب جي مختلف صنفن ۾ پنھنجا جوھر ڏيکاريندا ھئا. خالد اختر طنز ۽ مزاح جو بادشاھ ھو ۽ فھميده رياض جو ان صنف سان پري جو به واسطو نه ھو. فھميده لکي ٿي ته اڃا ھوءَ پنھنجي ڪاليج جي ٻي سال ۾ ئي ھئي ته ھن جون نظمون “فنون” ۾ شايع ٿيڻ لڳيون. انھيءَ دوران فھميده خالد اختر جي مضمونن ۽ ڪتابن جي حوالي سان تبصرا پڙھيا ۽ جلد ئي اختر صاحب جي جادو ڀري نثر جي سحر ۾ گرفتار ٿي وئي.فھميده خالد اختر کي خط لکيا جنھن جا جواب ھن وڏي حوصلا افزائي سان ڏنا ۽ ھن کي “نوجوان قلمڪار دوست“ سان مخاطب ٿيو.اھڙيءَ طرح ھنن جي ڊگھي دوستي جو آغاز ٿيو جيڪا ٽن ڏھاڪن کان وڌيڪ ھلي ۽ خالد اختر جي وڇوڙي تي پنھنجي پڄاڻي تي پھتي. فھميده رياض ٻڌائي ٿي ته ھر خط ۾ خالد اختر نه فقط ھن جي ھمت افزائي ڪندو ھو پر ٻين ليکڪن جي متعلق پنھنجي خيالن کان پڻ باخبر ڪندو ھو مثال طور ڪرشن چندر ۽ منٽو ٻئي ھن جا پسنديده مصنف ھوندا ھئا ان ڪري اڪثر پنھنجي خطن ۾ ان جو ذڪر ڪندو ھو. فھميده رياض جي اختر صاحب جي باري ۾ ھي تحرير نثر جو ھڪ شاندار ٽڪرو آھي جنھن کي اسان جي ادب جي نصاب ۾ ضرور شامل ڪيو وڃڻ گھرجي جنھن ۾ ان طرح جون تحريرون گھٽ ملن ٿيون جيڪي ھڪ ئي وقت اسان کي ٻن وڏن ليکڪن جي باري ۾ آگاھي ڏين.

ھن تحرير جي ذريعي اسان کي اھو به معلوم ٿئي ٿو ته ستر واري ڏھاڪي جي آخر ۾ جڏھن ھن “آواز”  جاري ڪيو ته ھن کي ڪھڙين مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پيو. 1979ع ۾ جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي ته ھن “آواز” ۾ لکيو ته ھي ڀٽو جو نه پر جمھوريت جو قتل آھي. ان تي جنرل ضياءَ الحق ۽ ھن جا حواري ھن تي ناراض ٿي ويا ۽ فھميده رياض تي ڪيترائي مقدمه درج ڪيا ويا ۽ ھن کي لڳاتار حراسان ڪيو وڃڻ لڳو.اھڙي طرح خالد اختر فھميده رياض جي وڏي مدد ڪئي ۽ ھن جي حوصلا افزائي جاري رکي. فھميده رياض جي جدوجھد جي متعلق وڌيڪ تفصيل اسان کي ھن جي ھڪ افساني ۾ ملن ٿا.جنھن جو عنوان ھو “ڪيا گلابي ڪبوتر جيت گئي؟” سوانح حيات طرز جو ھي افسانو 1995ع  ۾ “آج” رسالي جي اڻويھين شماري ۾ شايع ٿيو. آکاڻي جو آغاز فھميده رياض ان وقت جي نئين آزادي ماڻيندڙ رياست قزاقستان جي دوري سان ڪري ٿي.جتي ھن جي ملاقات ھڪ نوجوان مترجم سان ٿئي ٿي.ان ڇوڪري سان ملڻ سان فھميده کي پنھنجي ھڪ پراڻي پاڙيسري جي ياد پوي ٿي جنھن جو نالو ملان يوسف ضيائي ھيو ۽ جيڪو وچ ايشيا سان تعلق رکندو ھو.

فھميده لکي ٿي ته ملان يوسف 1970ع جي ڏھاڪي ۾ ھن جو پاڙيسري رھيو ھو.ھي دلچسپ افسانو اسان کي سوويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ واري وچ ايشيا جي احوال کان به آگاھه ڪري ٿو ۽ جنرل ضياءَ الحق جي دور واري ڪراچي جي صورتحال کان به فھميده آگاھه ڪري ٿي. ھن افساني ۾ اسان کي اھو پتو پوي ٿو ته ملان يوسف کي ڪھڙي طرح رياستي ڪارندا پھريون مسجد جو پيش امام بڻائن ٿا ۽ پوءِ زڪوات ۽ صلوات ڪميٽي جو سربراھه پڻ.ائين اسان ڏسون ٿا ته ڪراچي جي گھڻي ڀاڱي بريلوي مسلڪ جي مسجدن ۽ مدرسن جي مقابلي ۾ ديوبندي ۽ وھابي مسلڪ جي مولوين کي متعارف ڪرايو وڃي ٿو ۽ رياستي سرپرستي ۾ افغان جھاد جي نالي تي پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪراچي جي مسلڪ جي حوالي سان ترتيب تبديل ڪئي وڃي ٿي. ھن مضمون جي ليکڪ جي فھميده رياض سان پھرين ملاقات 1980ع جي ڏھاڪي جي وچ ڌاران دھلي ۾ ٿي ھئي.ان وقت ھوءَ ھڪ اردو ۽ ھڪ انگريزي ڪتاب تي ڪم ڪري رھي ھئي.ھن جي انگريزي ڪتاب “پاڪستاني لٽريچر اينڊ سوسائٽي“ ( پاڪستاني ادب ۽ سماج“ ڀارتي پڙھندڙن لاءِ لکي وئي ھئي پر اھو ڪتاب ھڪ درمياني درجي جي تخليق ثابت ٿي جنھن ۾ پاڪستان جو وڏو سطحي قسم جو تجزيو ڪيو ويو ھو. ھي ڪتاب علمي ۽ ادبي ٻنھي اعتبار ۽ لحاظ کان ھڪ اعليٰ تخليق نه ٿي چئي سگھجي.

ھن جي اردو ناوليٽ جو نالو “گوداوري“ ھو، جيڪو پڻ ھڪ اڌ سوانحي ناول آھي جيڪو 1980 جي ڏھاڪي ۾ مھاراشٽر ۾ کلي ٿو.ھي ھڪ مسلمان پاڪستاني خاندان جي ڪھاڻي آھي جيڪو ڀارت ۾ سياسي پناھه وٺي ٿو.ان جو مرڪزي ڪردار ھڪ عورت آھي جنھن کي “ماءُ“  جو نالو ڏنو ويوآھي.ھي خاندان ڀارت ۾ آدي واسين، بوھري مسلمانن، ڪميونسٽن، ھندن ۽ پارسين جي مختلف طبقن سان ملندو رھي ٿو ۽ دھلي، بمبئي کان سواءِ مھاراشٽر جي ھڪ پھاڙي مقام تي ويندو رھي ٿو. هي ناوليٽ ڀيمڙي جي ھندو مسلم فسادن جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آھي جتي مسلمان جولاھن جو ھندو شيو سينا جي غنڊن گھيراءُ ڪري نشانو بنايو ۽ قتل عام ڪيو ھو.اھڙي طرح “گوداوري“ مان اسان کي 1980 جي ڏھاڪي جي ڀارت جو ھڪ پاڪستاني عورت جي نگاھن سان نظارو ڏسڻ لاءِ ملي ٿو. اھڙي طرح ادب کان سواءِ فھميده رياض  عورت جي پسمنظر  ۾ به افسانا لکيا آھن.مثال طور ھن جو ھڪ افسانو “ وه چلي گئي” آھي جيڪو “آج” جي پنجويھين شماري ۾ شايع ٿيو ھو.  اھڙي طرح ھڪ ٻيو افسانو آھي “ تڪون ڪي دائري” جيڪو 2004ع  ۾ “دنيا زاد” جي يارھين شماري ۾ شايع ٿيو.فھميده رياض ھن فساني ۾ امريڪا ۾ رھندڙ پاڪستانين جي ڪھاڻي بيان ڪري ٿي جيڪي اعليٰ تعليم يافته ۽ مالدار ھئڻ جي باوجود پاڻ ۾ ننڍن ننڍن تڪرارن کان ٻاھر  نه ٿا نڪري سگھن.معمولي ڳالھين تي ڀيڻ ڀاءُ ھڪ ٻئي سان ڳالھه ٻولھه ڪرڻ بند ڪري ڇڏين ٿا ۽ ھڪ ٻئي جون برايون ڪندا رھن ٿا. ھاڻي فھميده رياض جي نثري ترجمن جي ڳالھه ڪيون ٿا.2005 ۾  “دنيا زاد“ جي چوڏھين شماري ۾ فھميده ترڪ مصنف اورھان يامڪ جي ناول“برف“ جو ترجمو پيش ڪيو آھي پر ان کان اڳ ۾ ھڪ تعارف تحرير ڪيو آھي جنھن ۾ کاٻي ڌر جي تحريڪ جي مشابھت ترڪي جي تحريڪ سان ڪئي وئي آھي. ھن تعارف ۾ فھميده رياض جگھه جگھه روسي مصنفن جھڙوڪ دستائي ايفسڪي وغيره جا حوالا ڏنا آھن جنھن مان ھن جي عالمي ادب تي گرفت ۽ گھري مطالعي جو اندازو ٿئي ٿو.اھڙي طرح “دنيا زاد“  جي اٺاويھين شماري ۾ ھوءَ مصر جي نوبل انعام ماڻيندڙ اديب نجيب محفوظ کي متعارف ڪرائي ٿي ۽ وري “آج“ جي اٺاسي نمبر شماري ۾ ڀارتي مصنف وڀوتي نارائن رائي جي ناول “گھر“ جو تعارف پيش ڪري ٿي.

ھاڻي آخر ۾ فھميده رياض جي ھڪ ٻي تحرير جو حوالو ڏيڻ پسند ڪندس جو “فعل متعدي“ جي عنوان سان “دنيا زاد“ جي ڇويھين شماري ۾ شايع ٿي.ان ۾ ھن پنھنجي تجربن جو ذڪر ڪيو آھي جيڪا ھن کي “اردو ڊڪشنري بورڊ“ جي چيف ايڊيٽر بنجڻ کان پوء پيش آئي.ھيءَ تحرير اسان جي آڏو پاڪستاني آفيسر شاھي ۽ ان جي ڳاڙھي جھنڊي       جي دلگير تصوير پيش ڪري ٿي. جيتوڻيڪ فھميده رياض پنھنجو پاڻ کي ھڪ وڏي شاعره طور مڃايو پر ھن جون نثري تخليقون ۽ ترجمن جو دائرو به وسيع آھي.ھن جي شاعري کي ته ڪافي اھميت ڏني وڃي ٿي پر ھن جو نثر نسبتن اھا شھرت حاصل نه ڪري سگھيو.ان ڪري ھن مضمون ۾ اسان ھن جي ڪجھه نثري نمونن تي ڳالھه ڪئي آھي.ھن جي شاعري تي گفتگو ڪنھن ٻي مضمون ۾ ڪنداسين.      (سنڌيڪار: اظھر آزاد مغل)