فلم انڊسٽري جو مشهور اداڪار عرفان خان ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي :- ڀارتي فلم انڊسٽري جو مشهور اداڪار عرفان خان ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب 53 ورهين جو اداڪار عرفان خان ڪولن انفيڪششن ۾ مبتلا هو ۽ ممبئي جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ اڄ هو لاڏاڻو ڪري ويو، اداڪار عرفان لنچ باڪس، پيڪو، مداري سوڌو ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو.