فشر فوڪ فورم ۽ سول سائٽي جي نمائندن طرفان سنڌ جي ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽ تي نوان شهر اڏڻ واري منصوبي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ڪراچي :- وفاقي سرڪار جي پلان مان لڳي ٿو ته ترقي جي نالي تي ٻيٽن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، فشر فوڪ فورم ۽ سول سائٽي جي نمائندن طرفان سنڌ جي ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽ تي نوان شهر اڏڻ واري منصوبي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان، محمد علي شاهه، اسد اقبال بٽ، ڪرام علت ۽ ٻين ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته سنڌ جا ٻيٽ 8 لک مهاڻن جي روزگار جو ذريعو ۽ صوبي جي ملڪيت آهن، اڳواڻن ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽ تي نوان شهر اڏڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار طرفان پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جوڙڻ جو مقصد ملڪ جي هڪ هزار 50 ڪلوميٽرز تي پکڙيل ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ آهي.