فريد آباد: قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي اهلڪارن جي چڙهائي،کنڀيل نوجوان جو ڀاءُ به کڄي ويو

فريدآباد :- فريدآباد لڳ ڳوٺ الھڏنو تيوڻو ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪارن جي چڙهائي،21 ڏينهن اڳ ڄام شورو مان کنڀي گم ڪيل نوجوان شاگرد امتياز خاصخيلي جي ڀاءُ رياض خاصخيلي کي کڻي ويا.خاصخيلي برادري جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن جو احتجاج ڪيو. فريدآباد لڳ ڳوٺ الھڏنو تيوڻو ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اھلڪارن پاران چڙهائي ڪري رياض خاصخيلي کي کڻي وڃڻ خلاف خاصخيلي برادري جي سوين عورتن، ٻارڙن ۽ مردن کنڀجي ويل نوجوانن رياض خاصخيلي ۽ امتياز خاصخيلي جي امڙ حضوران، ڀيڻ مومول، ناھيدان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪار اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ھنن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اھلڪار گهر مان زوري پٽ رياض خاصخيلي تي تشدد ڪندي کيس کنڀي کڻي ويا آهن حضوران خاتون چيو ته ھڪ پٽ امتياز خاصخيلي کي 22 ڏينهن کان کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن جو ڪو ڏس پتو نٿو ڏنو وڃي ھن چيف جسٽس آف پاڪستان،چيف جسٽس آف سنڌ، انساني حقن  جي عالمي ادارن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻچن جي زندگي بچائي کين آزاد ڪيو وڃي