pay for essay uk medical school personal statement writing service reddit creative writing scholarships nonfiction creative writing stories car accident creative writing descriptive words creative writing can i write my thesis in a month creative writing words and phrases brainfuse homework help creative writing online game creative writing on time travel uhv creative writing

فاطمه جو فرياد: ليکڪ اعجاز منگي

هن جو نالو فاطمه آهي. هوءَ ذات جي جوڳياڻي آهي. هن جي عمر پنجاهه سالن جي لڳ ڀڳ آهي، پر غربت سبب هوءَ پنهنجي اصلي عمر کان ويهه سال وڏي لڳندي آهي. هن کي پنج ٻار آهن. هن جي وڏي ڌيءَ مائٽن ۾ پرڻيل آهي. هوءَ مون سان ان جو به افسوس ڪندي آهي ته هڪ ماءُ جي حيثيت ۾ هوءَ فاطمه کي ڏاج ۾ جست جو نئون وٽو نه ڏئي سگهي. هن جي ڌيءَ جي نڪ ۾صرف هڪ سونو ڪوڪو هو. جڏهن هن جي سس گذاري وئي ته هن اهو ڪوڪو پنهنجي مڙس کي لاهي ڏنو ته هو اهو وڪڻي ماءُ جي ڪفن دفن جو انتظام ڪري. هاڻي هن جي نئين پرڻيل نياڻي نڪ توڙي ڪنن کان ٻُٽي آهي. ڇا اهو ڏينهن ايندو، جنهن ڏينهن فاطمه پنهنجي ڌيءَ جي نڪ جو ڪوڪو خريد ڪري سگهندي. هن کي ٿورو ئي سهي پر ڏاج ڏئي سگهي. هوءَ مون کي کوڙ ساريون دعائون ڏيندي چوندي آهي ته “ڀاءَ! جيڪڏهن مون کي ٻه وٽا، هڪ ديڳڙي ۽ چانهن ٺاهڻ جا برتن ۽ ٻه ٽي گلاس ۽ ٻه ٽي ڪوپ وٺي ڏئين ته ڀيڻ عمرڪوٽ ۾ پنهنجي نياڻيءَ سان ملي به اچي ۽ کيس ڏاج به ڏئي اچي” هن مون کان اهو سوال ان وقت ڪيو هو، جڏهن سوشل ميڊيا بختاور کي شاديءَ جون مبارڪون ڏيڻ ۾ مصروف هئي. جڏهن ميڊيا ۾ هن جي ويسن وڳن جون ڪوڙيون سچيون قيمتون بيان ڪيون وينديون هيون. جڏهن هن جي ڪيترن ئي ڏينهن تائين گردش ڪندڙ خبر بڻيل هئي. انهن ڏينهن ۾ جڏهن فاطمه جوڳي منهنجي گهر ايندي هئي ته هوءَ پاڻيءَ جو گلاس ۽ چانهن جو ڪوپ پيئڻ بعد پنهنجي برادريءَ جي باري ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. هن مون کي ٻڌايو هو ته هن جي جهڳي گلشن معمار جي موڙ سامهون آهي. اتي صرف هن جي جهڳي ناهي پر ڪيترائي جوڳي، ڀيل ۽ باگڙي رهندا آهن. هوءَ جيڪا اصل عمر ڪوٽ جي آهي، سا پنهنجي اباڻي شهر کي ياد ته ڪندي آهي پر چوندي آهي ته اتي ماڻهن ۾ غربت آهي. ايتري خيرات نه ٿي ملي جو هوءَ پنهنجا ٻچڙا پالي سگهي.

هن جي مڙس جو نالو مٺو آهي. هو مزدوري ڪندو آهي، پر هن کي گٽڪي جي لت لڳل آهي. هو اڌ مزدوري ته پاڻ چٻاڙي ويندو آهي. باقي گهر کڻي ايندو آهي. فاطمه جي زندگي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ انهن هزارين فقيرن جهڙي آهي، جن جا ڪڏهن صرف گهر نه پر جن جو پنهنجو ديس هو. هو جيڪي اصل ۾ ڌرتيءَ جا ڌڻي آهن. هو جيڪي سنڌ جا دراوڙ ماڻهو آهن. جن کي ڪڏهن وطن هوندو هو، اڄ انهن وٽ جهڙي ڦڙيءَ ۾ مٿو ڍڪڻ لاءِ ڇپر جيتري ڇت به ناهي. هو ڪڏهن ڌرتيءَ جا مالڪ هئا ۽ اڄ هو در در جا ڌڪا کائي رهيا آهن. هو هر ماڻهوءَ کي ايلاز ڪندڙ اکين سان ڏسي چوندا آهن ته “او حاجي! الله جي واسطي خيرات ڏي. الله توکي حج ڪرائيندو. پنهنجن ٻچڙن جي صدقي ڏي. او سيٺ”

ڇا تاريخ انسانن جي مٿان ايتري تباهي آڻي سگهي ٿي. جڏهن ڪوئي به اهل نظر شخص انهن انسانن جي ڪڻڪائين رنگ ۽ گهرين اکين ۾ نهاري ته هن کي صدين جو صدائون ٻڌڻ ۾ اينديون. هو جن سنڌو درياهه جي ڪناري تي تهذيب جا بنياد رکيا هئا. جيڪي سج اڀرڻ کان گهڻو اول جاڳندا هئا. هو جيڪي رات جي ٿڪل ستارن کي پرسڪون اکين سان الوداع ڪندا هئا. هو جيڪي سج جي اڀرڻ واري منظر کي ان جي سرخيءَ سميت پنهنجي اندر ۾ اوتيندا هئا. هو جيڪي سمورو ڏينهن ٻني ٻارو ۽ پورهيو ڪندا هئا ۽ رات ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجن ماڳن طرف ورندا هئا. هو جن جي وڏڙن ويد لکيا. هو جن جي ابن ڏاڏن سنڌونديءَ کي سوئا گانءِ سان ڀيٽيو هو. اهي ماڻهو جن جون سوين رسمون ريتون هيون. جن وٽ تمام گهڻا قديم گيت هئا. هو جيڪي سمجهندا هئا ته گيتن جا ٻول جادوءَ وانگر انسانن مٿان اثرانداز ٿي سگهن ٿا. هو ڌرتيءَ سان ايتري محبت ڪندا هئا، جيتري محبت ممڪن ٿي سگهي ٿي. هو جيڪي ڌرتيءَ مٿان ايندڙ موسمن کي الوداع ۽ ايندڙ موسن جي آجيان ڪندا هئا. جيڪي چنڊ راتين ۾ سوم رس پيئندا هئا. جن جي ڪنن ۾ عاج جا والا لڙڪندا هئا. جيڪي بغير ڪنهن سبب جي وڻن جي پنن کي به نه پٽيندا هئا. هو جيڪي جنگجو ۽ وحشي نه هئا. هو پرامن ۽ ڌيرج ڀريا انسان هئا. انهن جي چڱ ڀلائي انهن جي تباهيءَ جو سبب بڻي. هو جن ڪنهن جو مَٺو نه گهريو هو. هو جن ڪڏهن ڪنهن جي مٿان ڪاهون نه ڪيون هيون. هو جن گهوڙن سان گهر نه اجاڙيا هئا. جن وطنن جا وسيل ويڙها نه ساڙيا هئا. انهن جي پنهنجي گهرن کي باهه ڏني وئي. انهن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي غلام بڻايو ويو. انهن کي ڪنهن به هڪ جاءِ تي رهڻ جي اجازت نه ڏني وئي. انهن جي دشمنن کي ڊپ هو ته هو ڌرتيءَ وارا آهن،

جيڪڏهن هڪ هنڌ تي رهندا ته انهن جي جڙ لڳي ويندي. انهن جي جڙ لڳي ويندي ته هو مضبوط بڻجي ويندا. ان صورت ۾ هو مزاحمت ڪندا. انهن کي پوري زندگي ڀٽڪائڻ لاءِ پابند بڻايو ويو. هو نسل در نسل ڀٽڪندا رهيا. هاڻي ته انهن کي ڀٽڪڻ جي عادت به پئجي وئي آهي. هاڻي ته هو هڪ جاءِ تي رهي به نه ٿا سگهن. پر انهن جا ٻار ۽ انهن جون عورتون چاهن ٿيون ته انهن کي به ٻين ماڻهن وانگر ڌرتيءَ جي ڌير هجي. ڇا انهن جو سپنو ساڀيان ٿي سگهندو؟

سنڌ ۾ آبادي وڌڻ ۽ وسيلن جي گهٽجڻ سبب پيدا ٿيل بيروزگاري ۽ بک صرف هاري خاندانن کي شهرن طرف لڏ پلاڻ جي لاءِ مجبور نه ڪيو آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ هزارين ڀيل ۽ ڪولهي پنهنجا پراڻا پٽ ڇڏي، سرڪاري، غير سرڪاري پلاٽن ۽ فلاءِ اوورس جي هيٺان ڍنگر ميڙي سيڙي انهن ۾ پناهه ورتي آهي. انهن مان ڪجهه هوشيار ڀيل ۽ ڪولهي ته ڪراچيءَ ۾ ڀاڄي ۽ مڇي وڪڻڻ جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳا آهن. پر پوءِ به انهن وٽ پڪو اجهو ڪونهي. انهن جون ساڳيون جهوپڙيون آهن. جڏهن به ڪنهن بلڊر کي پنهنجو پراجيڪٽ شروع ڪرڻو هوندو آهي ته انهن کي پکا کڻڻا پوندا آهن ۽ اهو به ٿيندو آهي ته جڏهن ڪنهن جي غلطي يا ڪنهن اتفاق سان ڪنهن جهڳيءَ کي باهه لڳندي آهي ته پوري پاڙي ۾ ڪيهٽ پئجي ويندا آهن ۽ ان هنڌ تي رک کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه رهندو آهي. جڏهن ته انهن کي رک مان ٻيهر اڀرڻ جي عادت آهي. هو وري ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪک پن ميڙي جيئڻ جا جتن ڪندا آهن. انهن جي زندگي تمام گهڻي ڪٺن آهي. انهن جي زندگي ان حالت ۾ تمام گهڻي ڪشٽ سان ڀرجي وڃي ٿي، جڏهن انهن جو حال فاطمه جوڳياڻيءَ جهڙو هجي ٿو. اها فاطمه جوڳياڻي جيڪا ڪراچيءَ ۾ پراڻا لٽا ۽ گسيل جُتي پائي هڪ هڪ ماڻهوءَ کان خيرات گهرندي آهي. فاطمه جوڳيءَ جهڙين عورتن کي صرف اهو ڊپ رهندو آهي ته ڪٿي ڪوئي انهن کي کڻي نه وڃي. انهن جا ٻار انهن کان کسي نه وڃي. هن مون کي پنهنجي اندر جو اهو الڪو ٻڌايو هو. هن مون کي چيو هو ته “تون اخبار وارو ڀاءُ آهين. ڪڏهن ڀيڻ کي پوليس پڪڙي وڃي ته ڇا تون ڀيڻ کي ڇڏائڻ ايندين؟” مون اتفاق سان هن کي پنهنجو وزٽنگ ڪارڊ نه ڏنو هو، جيڪو هن پنهنجي ميري سيري ۽ ڦاٽل ساٽل پوتيءَ جي پلئه ۾ ٻڌي ڇڏيو هو.

ان ڏينهن اتفاق سان هڪ اڻ ڄاتل نمبر تان فون آيو ۽ فاطمه مون کي چيو ڀاءُ مان تنهنجي ڀيڻ فاطمه ٿي ڳالهايان. ٻڌ ڀاءُ! اسان کي پوليس پڪڙيو آهي. مون سان گڏ منهنجا ٻه ٻچڙا به آهن. اسان صبح کان وٺي ڪجهه نه کاڌو آهي. هيءَ فون هڪ سرائڪي مائيءَ جي آهي. هن کي پڪڙي آيا آهن. هاڻي تون گل بر (گل برگ) ٿاڻي تي اچ ۽ ڀيڻ کي ڇڏائي وڃ” هن جي معصوميت سان ڪيل ڳالهه ٻڌي منهنجي دل ۾ ڌڪ لڳو ۽ مان گاڏي ڪڍي گلبرگ ٿاڻي تي پهتس. جتي فقيرن جو هجوم هو. پوليس گداگريءَ خلاف آپريشن ڪندي انهن سڀني کي پڪڙي آئي هئي. انهن ۾ پنجابي فقير به هئا.

انهن ۾ سرائڪي فقيراڻيون به هيون. انهن ۾ هڪ فاطمه به هئي. جيڪا مٿي کي هٿ ڏئي ٻن ٻارن سميت ٿاڻي جي فرش تي ويٺي هئي. مون کي ڏسي هن جون اجهاميل اکيون ٻري پيون. هن جي معصوم اعتبار کي مضبوطي ملي وئي. مون ايس ايڇ او سان ڳالهايو ۽ هن جي لهجي ۾ فرعونيت هئي. هو مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته هي وڏا فراڊي ۽ ڏوهاري آهن. مون هن کي چيو ته توکي منهنجي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي. مون کي معلوم آهي ته فقيرن کي گرفتار ڪري هڪ ڏينهن لاڪپ ڪري ٻي ڏينهن عدالتن جي حڪم تي انهن کي ڇڏي ڏيڻ سان ملڪ ۾ يا معاشري ۾ فقيرن جو انت نه ايندو. اوهان فقيرن کي گرفتار ڪري غربت ختم نه ٿا ڪري سگهو. مون هن کي چيو ته اهو ڪم حڪومت جو آهي ته اها اهڙيون پاليسيون ٺاهي جنهن سان پنڻ جا سبب ختم ٿين. پر مون کي هن سان ڪجهه منٽ ڳالهائي محسوس ٿيو ته هو انهن فقيرن کي نه ڇڏيندو. مون هن کي آخر ۾ چيو ته مون کي ٻين فقيرن جي خبر ناهي. پر مون کي هڪ مائيءَ جي پڪ آهي ته هوءَ معصوم ۽ مسڪين آهي. مان هن جي ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هن جا ٻچڙا رڙي رهيا آهن. تون صرف هن کي ڇڏ. ايس ايڇ او مون مان جند ڇڏائڻ لاءِ مون کي چيو ته ٺيڪ آ صاحب. هن مهل جيڪڏهن مان هڪ کي به ڇڏيو ته هتي هنگامو ٿي ويندو. توهان اطمينان سان وڃو. مان پنهنجي طريقي سان فاطمه ۽ هن جي ٻارن کي ڇڏي ڏيندس. جڏهن مان ٿاڻي مان ٻاهر نڪتس ته فقيرن جا وارث مون کي ورائي ويا. هو مون کي چئي رهيا هئا ته سائين اسان پوليس کي چانهن پاڻي ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. صرف اسان جا ٻچا ڇڏرائي ڏيو. انهن سوالين ۾ هڪ شخص مٺو به هو. فاطمه جو مڙس مٺو. مون کي پنهنجو نمبر لکي ڏنو ۽ کيس چيو ته صوبيدار مون سان واعدو ڪيو آهي ته هو اڌ ڪلاڪ ۾ فاطمه کي ڇڏي ڏيندو. جيڪڏهن هو ڪلاڪ کن ۾ تنهنجي زال ۽ ٻارن کي نه ڇڏي ته تون مون کي فون ڪجانءِ.

ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ مٺوءَ جي فون آئي ۽ هن بيمار طوطي وانگر لٿل لهجي ۾ چيو ته “صاحب! پوليس چوي ٿي ته سڀ فقير ۽ فقيرياڻيون چالان ٿي ويا آهن. هاڻي صبح جو عدالت ئي انهن کي آزاد ڪري سگهندي!!”

(هلندڙ)