عيد ويجهو ايندي ئي اسان کي پنهنجي پيارن جي ياد ستائي رهي آهي: گم ڪيل نوجوانن جا وارث

 لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل ٽن نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ وارث سراپا احتجاج

ڏوڪري مان کنڀي گم ڪيل شاهد جوڻيجي جي بازيابي لاءِ احتجاج

حيدرآباد جي عدالت ٻاهران کنڀي گم ڪيل نوجوان نياز لاشاري جي وارثن احتجاج ڪيو

لاڙڪاڻو :- لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيلن 3 ڄڻڻ جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن پنهنجي پيارن جون تصويرون ۽ بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل نوجوان انصاف دايو جي ڀينرن اقصيٰ بتول، افسانه نصرت دايو دانهيو ته اسان جو ڀاءُ انصاف دايو نظر محلا ۾ درزي جو دڪان هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو هو جنهن کي 29 مئي 2017ع تي کنڀي گم ڪيو ويو سندس آزاديءَ لاءِ اسان سنڌ جي مختلف شهرن جي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪرڻ سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل ڪرائي. هنن چيو ته ڀاءُ انصاف دايو کي 29  مئي تي 3 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن پر کيس آزاد ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري اسان جي امڙ روشن آرا پٽ جي جدائيءَ ۾ بيمار ٿي وئي آهي. کنڀي گم ڪيل وڏا ڦل واسي نوجوان غلام مرتضيٰ سولنگي جي پيرسن پيءُ عبداللطيف سولنگي چيو ته منهنجي نوجوان پٽ غلام مرتضيٰ سولنگي کي 22 نومبر 2017ع تي شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان کنڀي گم ڪيو ويو هو، منهنجو پٽ ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه آهي، هو اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هو، سندس امڙ ڪامل زادي صدمي ۾ مسلسل بيمار رهي ٿي، جنهن جي روئڻ سبب دماغ جو رڳون سڪي ويون آهن ۽ سندس اکين جو نور سخت متاثر ٿي ويو آهي کيس 30 مهينا ٿي ويا آهن پر هو آزاد ٿي نه سگهيو آهي. کنڀي گم ڪيل پرائمري استاد ڪاشف ٽڳڙ جي پيءُ عبدالڪريم ٽڳڙ چيو ته منهنجي نوجوان پٽ ڪاشف ٽڳڙ کي 3 آگسٽ 2018ع تي رات جو دير سان گهر مان کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، سندس جدائي ۾ هن جي معصوم نياڻين جويريه ۽ ڪشف سميت اسان جو سمورو خاندان روئي وقت گذاري رهيو آهي، گهر ۾ مايوسي ۽ پريشاني جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، اسان جي اهڙي حالت تي ڪنهن کي به رحم نه پيو اچي. هن چيو ته ڪاشف پرائمري استاد هجڻ سميت هن ملڪ جو محب وطن شهري آهي، پر افسوس جو بنا ڪنهن ڏوھ جي کيس کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته اسان جي پيارن کي ڪيترن ئي سالن کان کنڀي گم ڪيو ويو جن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي اسان ڪيتريون ئي عيدون پنهنجي پيارن جي بغير ڪيون آهن، هن ڀيري عيد ويجهو ايندي ئي اسان کي پنهنجي پيارن جي ياد ستائي رهي آهي جيڪڏهن اسان جي پيارن مٿان ڪي ڪيس داخل آهن ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

ڏوڪري :- ڏوڪري مان کنڀي گم ڪيل شاهد جوڻيجي جا ٻچڙا ۽ وني ڀلاري مهيني ۾ سراپا احتجاج بڻيل آهن جڏهن ته سندس گهر  ۾ سوڳ جهڙو ماحول ڇانيل آهي. 34 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل شاهد جوڻيجي جي آزادي لاءِ سندس وني شبانا جوڻيجو ڌيءَ اندرا ۽ شاهد جوڻيجي ڀيڻ ممتاز خاتون سميت ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شبانا جوڻيجو چيو ته شاهد کي 34 مهينا اڳ جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ مسلسل احتجاج ڪيون پيا، مڙس جي جبري گمشدگي سموري خاندان کان سک ڇني ڇڏيو آهي. گهر ۾ ڪهرام جهڙو ماحول آهي، شبانا جوڻيجو وڌيڪ چيو ته اسان احتجاج ڪيا ۽ عدالتن جا در کڙڪايا آهن پر اسان کي ڪٿان به ڪو آسرو ناهي مليو، هن عيد تي معصوم ٻچڙن کي پنهنجي پيءُ جو اوسئيڙو آهي، اسين انساني حقن جي تنظيمن، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته شاهد جوڻيجي جي آزادي لاءِ نوٽيس وٺي کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏهن شاهد جو ڪو ڏوهه آهي ته هن کي عدالت ۾ آندو وڃي، جبري گمشدگي انساني حقن جي سنگين لتاڙ آهي.

ڊکڻ:- ڊکڻ لڳ ڳوٺ لاشاري جي رهواسي نياز لاشاري جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب ڊکڻ آڏو سندس امڙ عظيمان خاتون، اسلم لاشاري، عزيز لاشاري، صالح لاشاري، اظهر گل، محمد قاسم ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد جي اي ٽي سي عدالت ٻاهران سترنهن مهينا اڳ نياز لاشاري کي ٻيهر کي کنڀي گم ڪيو ويو هو. جنهن کي هن وقت تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو. اسان جي گهر ۾ مايوسي ڇانيل آهي. عيد اچڻ واري آهي پر گهر ۾ ڪهرام متل آهي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، آرمي چيف، وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته نوجوان نياز لاشاري کي فوري طور آزاد ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.