عورت مارچ ملڪ کي سيڪيولر رياست بڻائڻ جي ڪوشش آهي: راشد محمود سومرو جو وڊيو بيان:سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد

ڪراچي :  جي يو آٰءِ ف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو عورت آزادي مارچ جي مخالفت ڪري ڇڏي، هڪ جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ راشد محمود سومرو چيو آهي ته سکر ۾ عورت مارچ ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ان حوالي سان اسان هڪ اجلاس ڪيو آهي، عورت جيڪڏهن پنهنجي حقن جي جنگ وڙهي رهي آهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون، عورتن کي جيڪي حق اسلام ڏنا آهن ڪنهن ٻئي مذهب ناهن ڏنا، عورت کي جيترو تحفظ اسلام ڏنو آهي ڪنهن ٻي مذهب ناهي ڏنو، پر ”ميرا جسم ميري مرضي“ جي نالي تي جيڪڏهن هن ملڪ کي سيڪيولر اسٽيٽ بڻائڻ جي ڪوشش ٿيندي، فحاشي طرف ملڪ کي وٺي وڃڻ جون سرگرميون ٿينديون ته اسان انهن سرگرمين کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، مولانا راشد محمود سومرو جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اُن حوالي سان اسان ڪوشش ڪئي آهي ته انتظاميه کي ملوث ڪريون، منهنجي سکر جي انتظاميه سان ڳالهه ٿي ۽ انهن کي چيو آهي ته ان قسم جي معاملن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ قانون کي حرڪت ۾ آندو وڃي، اسان قانون هٿ ۾ کڻڻ نٿا چاهيون، قانون وارا ادارا هن معاملي جو نوٽيس وٺن، ٻيا ساٿي پڇي رهيا آهن ته اندرون سنڌ وارن جي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي. سڀني کي ڪراچي ۾ جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا، ٻئي پاسي مولانا راشد محمود سومرو پاران بيان جاري ڪري عورت آزادي مارچ جي مخالفت تي ان کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.