عورت مارچ ذريعي سنڌ ۽ پاڪستاني ثقافت جي لتاڙ ڪرڻ نه ڏينداسين (راشد محمود) جسقم طرفان عورت آزادي مارچ جي حمايت جسقم ڪارڪنن کي عورت مارچ ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي اٿئون: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

ڪراچي  : جي يو آءِ ف اڳواڻ راشد محمد سومرو عورت آزادي مارچ جي مخالفت تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عورت مارچ ذريعي سنڌ ۽ پاڪستاني ثقافت جي لتاڙ ڪرڻ نه ڏني ويندي. جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي عورت مارچ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته عورتن کي به سياسي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت آهي. جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي عورت مارچ جي حوالي سان راشد محمود سومرو جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ انتهاپسندي جي ڪابه گنجائش نه آهي، عورت مارچ جي مخالفت ڪندڙن ڊاڪٽرز خالد محمود سومرو جي روح کي رنجايو آهي. جيئن اسان ٻين کي سياسي سرگرميون ڪرڻ کان نه روڪيو آهي، تيئن سنڌ ۾ عورتن کي به سياسي سرگرميون ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهجي. جسقم اڳواڻ 8 مارچ تي ٿيندڙ عورت آزادي مارچ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته پارٽي جي ڪارڪنن کي عورت مارچ ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ٻئي پاسي جي يو آءِ ف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود جلسي کي خطاب دوران عورت آزادي مارچ جي مخالفت تي ٿيندڙ تنقيد تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي. اُن موقعي تي جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان به موجود هو. جلسي کي خطاب ۾ راشد محمود سومرو چيو ته عورت آزادي مارچ جي مخالفت ڪرڻ تي مٿس تنقيد ڪئي وئي آهي، کيس نام نهاد دانشورن کان قومپرستي جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت نه آهي.راشد محمود سومرو جو چوڻ هو ته عورتن سان ڪو مسئلو آهي ته مارچ ڪرڻ بدران پنهنجا مطالبا پيش ڪن، هو پارليامينٽ ۾ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندا. پر ميرا جسم، ميري مرضي جي نالي تي سنڌ ۽ پاڪستان جي ثقافت کي خراب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.واضح رهي ته جي يو آءِ ف سنڌ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو طرفان عورت آزادي مارچ جي مخالفت ڪرڻ جو وڊيو بيان جاري ڪيو ويو، جنهن تي سخت ردعمل آيو آهي ۽ سوشل مڊيا تي مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي.