عورت، عزت ۽ آزادي : بخشل ٿلهو

عورت آزادي مارچ، اِهو عنوان ئي اهڙو آهي جنهن کان رجعتي قوتون هميشه خوف کائينديون رهيون آهن. ايئن ڇو ڀلا؟ ڇاڪاڻ ته اِهي لفظ هڪٻئي سان خاص رشتي ۾ پدرشاهاڻي ۽ غلاماڻي وهنوار (اسٽيٽس ڪو) مٿان موتمار وار آهن. جيڪڏهن انهن ٽن لفظن جو رشتونه رهي ته اهي ٽئي لفظ پنهنجي معني ۽ مزاحمت کان وانجهجي به سگهن ٿا. مثال طور “عورت” ته برطانيا جي وزيراعظم مارگريٽ ٿيچر به هُئي پر سندس پورهيت دشمن پاليسين جو نتيجو هو ته برطانيا جي پورهيت عوام کيس مرڻ ڪنان به ڪونه بخشيو ۽ سندس آخري سفر ۾ کائنس پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو. “آزادي” صرف انقلابين جو نه پر رد انقلابين جو به پيارو لفظ آهي. سڄو سارو نيو لبرل بيانيو آزادي جي اهڙي اونڌي نظام ۽ کوکلي لفظ مٿان بيٺل آهي. جنهن ۾ انسان جي آزادي ،صرف آئين جو نقطو ۽ سرمائي (يا واپار) جي آزادي عملي حقيقت جو بنيادي متو هوندو آهي. “مارچ” ته جي يو آئي جهڙي تنظيم به اسلام آباد تائين ڪيو هو ۽ جيڪا هاڻ پاڻ عورت آزادي مارچ جي مخالفت ڪري رهي آهي. ايئن جڏهن اِهي ٽئي لفظ هڪ ٿا ٿين ته هڪٻئي کي اضافي معني ڏيندي، رياست ۽ نظام جي فڪري بنيادن کي ڌڪ ٿا هڻن. تنهنڪري ڪو عجب ڪونهي جيڪڏهن ساڄي ڌُر (مذهبي انتهاپسند، روايت پسند ۽ لبرل) ان عنوان ۽ اعلان کان ڇِرڪي ٿي، اُن جي رستا روڪ ڪري ٿي. جيتوڻيڪ ڪجهه سالن کان شروع ٿيل عورت آزادي مارچن جا نعرا يا مطالبا اُهي ئي آهن جيڪي ملڪ جون ترقي پسند ڌريون، سماج جي هر طبقي جي عورتن جي مسئلن کي اڳيان ڪندي، کڻنديون رهيون آهن. پر ساڄي ڌُر پنهنجي نظرياتي جنگ لاءِ پوئين سال ڪراچي ۾ ٿيل “عورت مارچ” منجهان لبرل حلقي جا هڪ ٻه پلي ڪارڊ چونڊيا آهن. جنهن ۾ “منهنجو جسم منهنجي مرضي” يا “پنهنجو کاڌو پاڻ گرم ڪر” وغيره سخت تنقيد هيٺ آيل آهن. 

جو ڇُٽو تير، لڳو ٺيڪ

گُٿو ڪو ڪونهي. 

نتيجو فضل الرحمن کان خليل الرحمن تائين اوهانجي سامهون آهي. هڪڙو پلي ڪارڊ، جنهنجي چونڊ پاڻ ساڄي ڌُر ڪئي، سو سُئي بڻجي، بظاهر صحتمند ڀاسندڙ سماج جي هڪ اُن ڦوڙي جي کل کي ڦاڙي ڇڏيو آهي جنهن هيٺ منافقاڻي تهذيب جو گند ڀريو پيو هو. انتهاپسند مذهبي ڌرين جو چوڻ آهي ته عورت آزادي مارچ ۽ اهڙن پلي ڪارڊن سان بي حيائي، ڇُڙواڳي ۽ عرياني ڦيهلبي. ايئن کين ڇو ٿو لڳي؟ ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ پنهنجي “مرضي” ۽ “آزادي” کي، بي حيائي، ڇڙواڳي ۽ عرياني کان ڌار ڪرڻ جهڙا ناهن. آسڪر وائلڊ جي “پڪچر آف ڊورين گري” ناول جيان اِهي انتهاپسند مذهبي ڌريون، عورتن کان نه پر پنهنجي اندر جي اوگهڙ کان ڇرڪيل آهن. هوئين پرون سائيٽس ڏسڻ ۾ ، مرداڻي ڪمزوري جي اشتهارن ۾، عورتن لاءِ غيرمحفوظ ماحول ۾ ۽ ٻارڙن سان ڏاڍائي ۾ اسان ٻي ڪنهن ملڪ کي پهريان نمبر کڻڻ ڪونه ڏيون، باقي هڪ پلي ڪارڊ ملڪ جي مذهبي ثقافت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو، “ڪيا يه کُلا تضاد نهين هي؟” 

اِها حقيقت آهي ته “منهنجو جسم منهنجي مرضي” جهڙا پلي ڪارڊ يا نعرا، سچ کڻي ڇو نه هجن پر سياست ۽ دانش جون گهرجون مختلف ٿينديون آهن.تنهنڪري انهن کي“منهنجي زندگي منهنجي مرضي” سان بدلجڻ گهرجي. پر اها گُهر اسان ڪنهن کان ٿا ڪيون؟ جيئن مٿي لکي آياسين، عوامي احتجاجن ۾ ته مختلف خيالن جا سياسي توڙي غير سياسي ماڻهو گڏجن ٿا ۽ هرڪو پنهنجي اهنجن جو اظهار پنهنجي لفظن ۾ ڪري ٿو. جيڪي سادا، سڌا ۽ غير سياسي پڻ ٿي سگهن ٿا. “منهنجي زندگي منهنجي مرضي” فرد جي آزادي جي سوال تي، جنسي تفريق کان هڪ آجي گُهر آهي. جنهن کي گڏيل قومن سميت، انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙ عالمي بورجوا ادارا به هڪ بنيادي، جمهوري اصول طور مڃين ٿا. ڇا اسان مارڪسي فرد جي آزاديءَ جي خلاف هوندا آهيون؟ نه. فرد جي آزادي ئي، انسانيت جي آزادي جو معيار ۽ معراج آهي. قومي، صنفي ۽ طبقاتي آزادي ته انسان جي اُن آزادي جي ڊگهي پنڌ جا پڙاءُآهن.ايئن فرد ۽ سماج جي آزادي هڪٻئي سان اَٽُٽ انداز ۾ جُڙيل آهي. لبرل حلقا، تجريدي آزادي جي پيار ۾ ان رشتي کي ٽوڙي ڏسن ٿا. ساڳي غلطي ڪجهه ڪامريڊ به ڪن ٿا، جيڪي آزادي ۽ انقلاب کي هڪ جاري عمل طور نه پر هڪ خاص ڏينهن ۽ وقت طور ڏسن ٿا، اسانجا اهي دوست، گڏيل تحريڪن ۽ احتجاجن ۾ لبرل رنگ کي ڏسي ڇرڪ کائين ٿا. اُهي ويساري ٿا ويهن ته سماج هڪ عضووياتي ڪُل آهي، جنهن ۾ هڪڙا تضاد ويڪرائي ڦاڪ (Vertical)۾ ته ٻيا ڊگهائي ڦاڪ (longitudinal) ۾ اظهاربا آهن. پدرشاهي به هڪ اهڙو تضاد آهي. تنهنڪري عورتن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي آزادي جي سوال کي لبرل حلقا، جيڪڏهن پنهنجي ضرورت پٽاندڙ کڻن ٿا (جنهن کي ڪجهه حضرت هاءِ جيڪنگ سمجهن ٿا) ته ان تي اسانکي ارهو ٿيڻ بجاءِ سرهو ٿيڻ گهرجي. ڇو ته پاڻ پنهنجي سياست ۽ خيالن کي، چورائجڻ جي نيت سان ئي چونڪ تي رکندا آهيون. باقي اهڙي ترقي پسندي ڪهڙي ڪم جي جيڪا ٻين رجحانن سان ملڻ ۽ ٽڪرجڻ کان اڳ ئي پنهنجي ڀوءِ ۾ ئي پيلي ٿيل هجي. 

عورت، عزت، آزادي: 

اهو هڪ مغالطو آهي ته اسان جي سماجن ۾ عورت جي عزت هوندي آهي. هڪ طبقاتي سماج ۾ عام شعور هڪ انسان سان ٻي انسان جو رشتو شين ساڻ نسبت ۾ سمجهندو آهي. تنهنڪري انساني گُڻ به شين ساڻ جُڙي ويندا آهن. مثال طور عزت ۽ غيرت جهڙن انساني جذبن کي ئي ڏسو. اسانجي سماج ۾ اِهي احساس، ملڪيت جا ئي هم معني لفظ ٿي ظاهر ٿيندا آهن. ملڪيت جي عام تعريف اسان وٽ زر، زن ۽ زمين جي هوندي آهي. زر ۽ زمين ته بي جان شيون آهن پر انهن سان زن لفظ جوملڻ ڪو اتفاق ڪونهي. اهو اسانجي سماج جي ملوڪيتي رشتن جو اظهار آهي. ايئن عزت يا غيرت ماڻهوءَ جي نه پرملڪيت جي خاصيت بڻجي ويندي آهي. جيڪو ان جو مالڪ هوندو سوئي عزت ۽ غيرت وارو هوندو. ڪنهن دعوت ۾ وتائي ۽ لباس وارو قِصو ته هر ڪنهن ٻُڌو هوندو. ايئن عزت، عورت جي نه پر عورت جي ملڪيت هئڻ واري رشتي منجهه پيهيل هوندي آهي. زن (عورت ) کي زر ۽ زمين تائين ڪيرائي ئي عزت جوڳو ڪري سگهجي ٿو. هاڻي اهو طئي ڪرڻ گهڻو ڏکيو ڪونهي ته هڪ عورت لاءِ حيا، شرم، عزت جهڙا لقب ڇو حيات بخش ڪونهن. ڀلي پوءِ ڪجهه يا گهڻيون عورتون، پنهنجي ڀورائي ۾ قيد کي ئي پنهنجي آزادي ڇو نه سمجهن. Beyond the Rangoon فلم وانگي جنهن ۾ هڪ انگريز عورت برما جي مارڪيٽ گهمندي، ڪجهه پيسا ڏئي، پڃري منجهان هڪ جهرڪي خريد ڪري ان کي آزاد ڪندي آهي ۽ پوءِ اڳيان هلي ڏسندي آهي ته پڃري جو مالڪ ٻُچڪر تي واپس اُن جهرڪي کي سڏائي وري ساڳي پڃري ۾ وجهي ڇڏيندو آهي. اسان عورت کي عزت جي تجسيم بڻائي ان کان اُن جو انسانپڻو کسي ورتو آهي. بلڪل ايئن جيئن اسان پاڪ ڪتابن کي ست پوتين ۾ وجهي ان جي تعظيم ۾ اعلي پر ان جي تعليم جي روشني ۾ پنهنجي تعمير ۾ ادني ٿي ويا آهيون. عزت به آزادي وانگي هڪ اهڙو احساس آهي جيڪو ٻئي کي نه ڏئي سگهجي ٿو ۽ نه وري ان کان کسي سگهجي ٿو. عزت خود اثبابيت جو هڪ اهڙو احساس آهي جيڪو ڪنهن به وجود منجهه پيدا ٿي اُن کي معطر ۽ معني بخش بڻائي ٿو. اهڙي ريت اسانجو عام فهم عورت کي عزت، ملڪيت جي معني ۾ باقي نه ته اُن کي شِر سمجهندو آهي ۽ عورت شِر آهي به. هڪ جيئري جاڳندي ماڻهوءَ کي صدين کان جيڪڏهن چادر، چارديواري ۽ چار رشتن ۾ ڦاسائي رکندوءَ ته اُهو شِر نه ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟ ۽ اِهو شِر پاڻ ۽ ٻي کي زندگيءَ کان بِر نه ڪندو ته ڇا ڪندو؟ ان شِر کان بچو ۽ عورت جي آزاديءَ سان پنهنجي آزاديءَ کي ممڪن بڻايو. مختلف مذهبي ڌُرين طرفان چيو وڃي ٿو ته “عورتن کي مذهب ۾ سمورا حق حاصل آهن اڃا کين ڪيتري آزادي گهرجي”؟ سڀ کان پهرين ڳالهه ته سوال دين ۾ عورتن جي حقن جونه پر سياست ۽ سماج ۾ عورتن جي ٺوس بيهڪ جو آهي. تنهنڪري اهو سوال سياسيات جو آهي نه ڪي مذهب جو. جيسيتائين سوال “ڪيتري آزادي” جو آهي ته ان ڏس ۾ 12هين فيبروري تي وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ پاران حيدرآباد ۾ هڪ پروگرام ٿي گذريو هو. ان ۾ مهمان طور آيل ويف اڳواڻ امر سنڌو ڏاڍي ڀلي نموني عورت آزادي مارچ مٿان ساڄي ڌُر جي اهڙن اعتراضن کي جوابيو هو. اسانجي گهرن ۾ مرد ڇا کائيندا، عورتون ماني به ان حساب سان پچائينديون آهن. سندن ڪپڙن جو رنگ ۽ ڍنگ به مرد ئي طئه ڪن. ڪهڙي سهڻيءَ کي ڪهڙي ڏم جي جهولي ۾ وجهڻو آهي اهو به مرد ٻڌائيندا.مٿان مردن جي ڌڪ جو نير به جيڪب آباد واسڻ جيان سندس بُت تي ٺهندو. تهذيب جي مهذبپڻي جو سڄو بار کڻڻ کان پوءِ به عورت جي پنهنجي ڄڻ ته ڪا شناخت ئي ناهي هوندي. اها ڪنهن مرد جي رشتي ۾ ئي سمجهي سگهبي آهي. ان کان ٻاهر عام ٻوليءَ ۾ اُها يا ته بازار جي ڀِت هوندي آهي جنهن تي “خالي آهي” (tolet) لکيل هوندو آهي يا اُها “ٻارن” ۾ شمار ٿيندي آهي يا وري ايئن سڏبي ڄڻ ته آهي ئي ڪونه. در کڙڪائڻ تي اندران عورت پاڻ ئي چوندي آهي ته “گهر ۾ ڪير ڪونهي”. 

اب ڪهان هون، ڪهان نهين هون مين

جس جگهه هون، وهان نهين هون مين

ڪون آواز دي رها مجهي

ڪوئي ڪهه دي يهان نهين هون مين. 

ايئن پدرشاهي جي نظام هيٺ جنس سازي، صنفي مت ڀيد ۽ جبر جو جهان جاري رهي ٿو. اهڙي حالت ۾ ڪير ڇا چئي ته عورت کي ڪيتري آزادي ٿي کپي.؟سراسري برابري اسان گهرون ٿا ايتري، آزاد فرد جيتري آزاد فرد جيتري.هتي آزاد فرد جي ڳالهه صرف عورت بابت ناهي. اهو آزاد فرد هڪ خواب آهي. ڇاڪاڻ ته مرد به پدرشاهي رشتن ۾ آزاديءَ جي فريب هيٺ عورت جيان نه صحيح پر غلام ضرور آهي. درحقيقت غلام رکندڙ پاڻ به آزاد ناهن هوندا.ڇا اهو غلط آهي ته هر حقيقي آزادي هڪ ذميواري پڻ هوندي آهي ۽ پدرشاهي هڪ نظام جي حيثيت ۾ مرد کي آزاديءَ (ڇڙواڳي) جو ۽ عورت کي ذميواريءَ جو غلام بڻائي ٿو. بلڪل ان عوام دشمن رياست جيان، جيڪا ماڻهن جا حق ڦٻائي، ماڻهن تي رڳو فرض مڙهيندي آهي. اچو ته حق ۽ فرض جي اهڙي قطعي تفريق ختم ڪيون ۽ نه صرف آزادين کي پر ذميوارين کي به ورهايون. اهو سڀ ڪجهه لازمي طور تي سماج جي سياسي معاشي ۽ ثقافتي اُکيڙ (ڪايا پلٽ) بغير ممڪن ڪونهي. ساڳي وقت اها اکيڙ پڻ اوسيتائين لاحاصل آهي، جيسيتائين سماج جي اڌ آبادي (عورت) جو ان ۾ سرگرم سياسي ڪردار نه هوندو. اچو ته ان ڪردار کي ايئن همٿايون جيئن لطيف جون سورميون ۽ سورمين جو لاکيڻو لطيف هڪٻئي کان الڳ نظر نه ٿا اچن.