عوام تي ماسڪ پائڻ لاءِ زور نه ڀريندس: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن :- آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مان ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ عوام کي لازمي طور ماسڪ پائڻ لاءِ زور نه ڀريندس. ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪا ۾ انفيڪشس بيمارين جي اعليٰ ترين ماهر ڊاڪٽر فائوچي تنبيهه ڪئي آهي ته ان عالمي وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومت کي عوام تي ماسڪ پائڻ لاءِ زور ڀرڻو پوندو. واضح رهي ته آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو سلسلو جاري آهي ۽ رڳو جمعي ڏينهن ملڪ ۾ 77 هزار 6 سئو نوان ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.