عوامي ۽ مزاحمتي شاعر “ابراهيم منشي” جو وڇوڙو: 17 ورسي جي مناسبت سان

 ليکڪ:-عبدالمجيد ملاح

سنڌ ڌرتي جو سدا بهار انقلابي آواز، سنڌ تي ساهه ۽ پنهنجو ويساهه رکندڙ عظيم انقلابي شاعر پنهنجي عوامي شاعري کي هڪ اعلي مقام ڏيندي هماليا جي چوٽي سان پنهنجي وجود کي ٽڪرائيندڙ شاعر مرحوم محمد ابراهيم منشي جي اڄ سترهين ورسي آهي. 31 جولاءِ 2003ع تي اسان کان هن فاني دنيا مان لاڏاڻو  ڪري پنهنجي ابدي آرام گاهه ڏانهن هميشا هميشا لاءِ هليو ويو. ابراهيم منشي جنهن کي سنڌ جو هر دوست سڃاڻي ٿو، هن کي ڪنهن مان ڏنو هجي يا نه پر سندس شاعري جيڪا سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن لاءِ نجات جو ذريعو بڻي، جنهن کي هر سنڌ جو باشعور طبقو چڱي طرح ڄاڻي ٿو. ابراهيم منشي سنڌي ٻولي ۽  سنڌي شاعري ۾ جيڪو عوامي رنگ رکي مرتبو ماڻيو. انهي جي خوشبو سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو هو. منشي ابراهيم سومرو مرحوم نه جاگيردار هو نه ئي وري سرمائيدار، واپاري هو. هو به پنهنجي غريبي حالت جو ستايل انسان هو. سندس سيني ۾  انسانيت لاءِ ڪيترائي درد سمايل هئا، جيڪي ڪهڙي طرح هن ظاهر ڪيا، سندس شعر بيان ڪجي ٿو.

هر بشر غمگين تنهنجي ڳوٺ ۾

ناهي ڪا تسڪين تنهنجي ڳوٺ ۾

چار ٺيڪيدار واپاري ٻه چار ٻيا

سڀئي مسڪين تنهن جي ڳوٺ ۾.

ابراهيم منشي جي انهن بندن ۾ اونهائي گهرائپ جو عظيم مثال ۽ پيغام سمايل آهي، جيڪو ترجماني ڪري ٿو مظلوم ماڻهن جي، سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ انسانيت سوز واقعا جيڪي اڪثر جاگيردار ۽ وڏيرن جي هٿان روز مرهه جو معمول بڻجندا آهن.اهي پنهنجي اکين سان ڏسي، پنهنجي دماغي ڪمپيوٽر ۽ دل جي اندر سانڍي رکندو هو، پنهنجي منشي گيري واري ڪم کان پوءِ هو مظلوم ماڻهن جي منشي گيري ڪندي شاعري کي قلم بند ڪندو هو. جڏهن ڪنهن مظلوم مزدور جي ٻار کي بغير قميص شلوار جي اگهاڙو ڏسي، سندس شاعري وسيلي هي بند تري ايندا آهن.

رئيس جو ڪتو ريشم پائي

غريب جو ٻار اگهاڙو آهي

ائين لکيل اسلام ۾ ناهي

تون ڪمائين وڏيرو کائي

اها حقيقت آهي ته پورهيت ٻارڙن جا ٻار سردي توڙي گرمي ۾ پٺن اگهاڙا هوندا آهن، انهن ٻارڙن کي پنهنجي سردي گرمي جي خبر به نه هوندي آهي. جيڪڏهن هوندي به هجي ته انهي جي پيٽ گذر جي پورت ئي مس ٿيندي هوندي، جنهن وٽ  نوان ڪپڙا وٺڻ پائڻ جو تصور به نٿو ٿئي. سنڌ ڌرتي جي انهي مظلوم ماڻهو جو ڪو به اوهي واهي نه هوندو آهي. سندس شاعري انهن کي گڏ ڪرڻ، متحد ڪرڻ ايڪو ٻڌي جو سڏ ڏيڻ لاءِ سندس شاعري جا  هي بند پڙهڻ سان جذبو پئدا ٿئي ٿو.

متفق ٿي مسڪين اچو

ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي

ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي

وير پراڻا واريون ڙي

قاتل قوم فرنگ جو چمچو

جانچ اهو جاگير ڌڻي

مير هجي يا پير هجي

خانبهادر هجي کڻي

پڇا ڪري ڏس پيڙهيا تن کان

ڪٿان تو هي جاگير ڄڻي.

ابراهيم منشي جي شاعري ۾ سچ، حق جا ٻول ملندا، جنهن ۾ مظلوم پورهيتن جي ترجماني هوندي، جڏهن ته ظالم ماڻهن جي لاءِ وڏو عذاب هوندي آهي ۽ مظلوم ماڻهن ۾ پنهنجي حقن سڃاڻي وٺڻ لاءِ حوصلو ڏيندي آهي. محمد ابراهيم سومرو منشي پنهنجي سڄي حياتي مظلوم سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهي هو شاعري وسيلي توڙي عملي طور تي سچو ۽ مخلص رهيو، سڀني سياسي بازيگرن جي ويجهو رهي. انهن کي ڏٺو ته سنڌ سان ڪير سچو آهي. ابراهيم منشي جي شاعري ۾ سنڌ جي ماڻهن کي جياپي جو ڏس ۽ ڏانءُ ملندو هو، سندس مشهور شعر:

جنگ جنگ جنگ آ تو سان منهنجي جنگ آ

پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ

شاعري ۾ عوامي رنگ سندس عظيم استاد مولانا حاجي احمد ملاح کان مليو ۽ صحيح اسلامي عقيده جي پرچار ڪرڻ ۽ جهالت خلاف جنگ جوٽڻ اها وڏي ڳالهه هئي. ابراهيم منشي انهن ملن، ڀوپن خلاف وڏو شعور عام ماڻهن کي ڏنو.اسان پنهنجي اهڙن عظيم شاعرن کي ٻيو ڪجهه به ڏئي نٿا سگهون پر اهو ضرور ڏسون ته اهي ماڻهو ڪنهن لاءِ وڙهيا. اڄ اسان پاڻ ۾ اهو حق، سچ جو پاند جهليو آهي. ابراهيم منشي پنهنجو ننڍپڻ يتيمي ۾ گذاريو، جواني جيلن ۾، آخري ڏينهن انهن سياسي ماڻهن سان گڏ رهي هن سنڌ جي سيند ۾ سندور ڀريو. جڏهن سرزمين سنڌ تي اهي ڌاريا ان وقت ڪاهي آيا هئا، جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو هو. اڄ اهڙي عظيم شاعر جي سترهين ورسي آهي. هي ڀيٽا سندس ياد ۾ ڏئي پنهنجي حق سچ جي ساٿ جو ثبوت پيش ٿا ڪريون.