عوامي مفادن ۾ قانونسازي لاءِ ٻين پارلياماني پارٽيز کي به گڏ کڻي هلڻ گهرون ٿا: اسد قيصر

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي . ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته عوامي مفادن ۾ قانونسازي لاءِ ٻين پارلياماني پارٽيز کي به گڏ کڻي هلڻ گهرون ٿا. وزيراعظم چيو آهي ته عوامي حقن کي تحفظ مهيا ڪرڻ ۾ پارلياماني ميمبرن جو اهم ڪردار آهي، موجود قانون ۾ گهربل سڌارن ۽ ترميمن لاءِ حڪومتي ميمبرز به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، وزيراعظم ۽ اسپيڪر وچ ۾ ملاقات دوران پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قانونسازي جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.