عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌو درياهه مٿان ڊيمن جي تعمير ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو 3 ڏينهن به بک هڙتالي ڪئمپ

سکر (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌو درياهه مٿان ڊيمن جي تعمير ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو 3 ڏينهن به بک هڙتالي ڪئمپ جاري رکي وئي، ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، نور احمد ڪاتيار، مهراڻ سنڌي، امراءِ سمون، سرتاج چانڊيو، سچل ڀٽي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه تي ڪالاباغ ڊيم يا ڀاشا ڊيم ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته سنڌ اندر رهندڙ ڌارين افغاني، بنگالين کي هڪ سازش تحت سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ سنڌ خلاف هڪ وڏي سازش ٿي رهي آهي، جڏهن ته سنڌي نوجوان بيروزگار گمهي رهيا آهن، هنن چيو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ سميت ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا ته ٻي صورت ۾ عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ پاران ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.