عمران فاروق قتل ڪيس جو ٽرائل مڪمل، فيصلو محفوظ

ڪراچي :- ايم ڪيو ايم جي قتل ٿيل اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ڪيس جو ٽرائل پنجن ورهين کانپوءِ مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي، جيڪو 18 جون تي ٻڌايو ويندو. ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ دهشتگردي جي انت واري علدات فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر خواجه امتياز احمد قطعي دليل مڪمل ڪندي چيو ته جوابدارن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي. هن چيو ته اشتهاري جوابدارن متحده باني ۽ انور حسين خلاف عمران فاروق جي قتل ۾ ملوث هجڻ جا پڪا ثبوت موجود آهن. خواجه امتياز چيو ته جوابدار ڏوهي آهن، کين قانون موجب سزا ڏني وڃي. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کي درخواست ڪئي ته متحده باني جي پاڪستان ۾  ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت جو چوڻ هو ته اهو حڪم اڳ ئي ڏنو ويو آهي، ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، جيڪو 18 جون تي ٻڌايو ويندو