عرفان صديقي کي ڪرائيداري ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي جيل موڪليو ويو

اسلام آباد :- اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي خصوصي معاون عرفان صديقي کي ڪرائيداري ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي جيل موڪليو ويو آهي. پوليس رات دير سان ڪارروائي ڪري عرفان صديقي کي گرفتار ڪري اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته عرفان صديقي مسواڙ تي گهر ڏنو هو، هُن نه ٿاڻي تي رپورٽ نه ڪيو ۽ ڀاڙا ايڪٽ تي به مڪمل طور عمل نه ڪيو. اُن کانسواءِ جاويد اقبال نالي شخص کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪو عرفان صديقي جي گهر ۾ ڀاڙي تي رهندو هو.پوليس سيڪشن 188 تحت ڪيس داخل ڪرڻ بعد عرفان صديقي کي مئجسٽريٽ مهرين بلوچ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ سندس عدالتي رمانڊ جي ستدعا ڪئي، جڏهن ته عرفان صديقي جي وڪيل عدالتي رمانڊ واري استدعا جي مخالفت ڪندي کيس رمانڊ تي آزاد ڪرڻ جي درخواست ڪئي. عدالت عرفان صديقي جي وڪيل جي درخواست رد ڪندي کيس 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.اسلام آباد جي پوليس طرفان عرفان صديقي ۽ سندس گهر ۾ ڀاڙي تي رهندڙ شخص کي هٿڪڙيون لڳائي عدالت ۾ پيش ڪيو. واضح رهي ته عرفان صديقي نواز شريف جي وزارت عظميٰ دوران سندس خصوصي معاون هو، جڏهن ته هو مختلف اخبارن ۾ به ڪالم لکندو رهيو.