عرب ليگ متحده عرب امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ ٿيل معاهدي قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو

قاهره:- عرب ليگ متحده عرب امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ ٿيل معاهدي جي مذمت جي لاءِ فلسطين جي طرفان جمع ڪرايل قرارداد جي مسودي کي رد ڪري ڇڏيو.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن واري وڊيو ڪانفرنس ۾ فلسطيني اڳواڻن طرفان امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي جي مذمت لاءِ قرارداد جو مسودو  جمع ڪرايو ويو جنهن تي اتفاق نه ٿي سگهيو پر عرب ملڪن ۽ فلسطيني اڳواڻن ان کان پوءِ قرارداد ۾ 2002 جي عرب امن معاهدي ۽ رياستي حل تي زور ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪجهه عرب ملڪن امارات ۽  اسرائيل وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ ڪيل معاهدي کي جائز تسليم ڪرڻ جي شق به قرارداد ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان عرب ملڪن جا نالا سامهون نه اچي سگهيا آهن.واضح رهي ته گذريل مهيني امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ آمريڪا جي ٽياڪڙي سبب ٿيندڙ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي رسمي تقريب ايندڙ هفتي آمريڪا ۾ ٿيڻ واري آهي. فلسطين ان تقريب کان اڳ معاهدي تي عرب ليگ کان مذمتي قرارداد منظور ڪرائڻ چاهي ٿي جنهن ۾ کيس ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي