عبدالڪريم گدائي: ڌرتي جو عوامي شاعر

( ليکڪ :- ابراهيم لاشاري ) 

اسان جي سکي ستائبي سنڌ ڌرتي جيڪا صدين کان ولين، بزرگن، شاعرن جي ڌرتي سڏائڻ جو اعزاز رکي ٿي. ڌرتي جي گرم ترين علائقي جيڪب آباد ۾ ويهين صدي جي شروعاتي ڏينهن يعني پهرين جنوري اڱاري ڏينهن  24 شوال 1319هجري سال1901ع تي سج اڀرڻ مهل ٺل تعلقي جي مشهور زميندار (بهادر خان کوسي) جي ڪمداري ڪندڙ شخصيت بجار خان لاشاري کي رب پاڪ پٽ جهڙي نعمت سان نوازيو، ته گهر ۽ اوڙي پاڙي ۾ خوشين جو سماع ٿي ويو، ان خوشي جي موقعي تي هارين جي نارين وڏي خوشي منجهان ڳيچ پئي ڳايا، سندس امڙ مڙس سان ڇٺي ڏينهن مشورو ڪري پنهنجي اکين جي ٺار حسين جميل موڀي پٽ جو نالو (بگن لاشاري) رکيو. هي ننڍڙو پتڪڙو ٻار بانبڙن جي عمر کي رسيو تنهن بعد ٿورو گهمن ڦرڻ جي لائق بڻيو ته پهرين شرارت بعد (بگن لاشاري) مان ڦري بگو بگو سڏجڻ لڳو. سندس والدين ڀوتارڪي راڄ هيٺ رهندي زندگي پئي گذاري، سندن خيال هو ته پنهنجو پٽ به والدين واري رسم سان لاڳاپو لائيندو، پر هنن کي اها سڌ نه هئي ته اڳتي هلي پنهنجو پٽ ڀوتارڪي ۽ وڏيرڪي زنجير کي ٽوڙي علم ادب جي دنيا ۾ شاعرن واري صنف سان سلهاڙجي پنهنجي سانگين جهانگيئڙين جي دردن جي آواز جي ترجماني (عبدالڪريم گدائي ) ٿي ڪري ڪندو. پاڻ جڏهن رواجي نصابي تعليم حاصل ڪرڻ جي سانڀر ٿيس ته والد صاحب سال 1911ع ڌاري ائنگلوورنيڪيولر اسڪول ۾ (عبدالڪريم لاشاري) نالو لکرائي داخلا وٺي ڏني، ڇو جو سندس گهر وارا پٽ کي ڇٺي جي نالي واري نسبت سان (بگن) ڪري ڪوٺيندا هئا. عبدالڪريم پنهنجي ذهانت سان پنج درجا سال 1916ع ڌاري پاس ڪري وڌيڪ تعليم جي جاکوڙ لاءِ سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. جيڪب آباد مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، سال 1918ع ڌاري پوسٽ آفيس کاتي ۾ سرڪاري نوڪري اختيار ڪيائين. جنهن بعد مختلف نوڪرين جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. ان زماني ۾ ٺل شهر ۾ سنڌ جي بهترين شاعر اديب مرحوم (لطف الله بدوي) سان واقفيت ٿي، ان جي صحبت کان پوءِ پنهنجي دل جو آواز شاعري جي صورت ۾ ظاهر ڪري (عبدالڪريم لاشاري (گدائي ) تخلص اختيار ڪيائين.

چمي چايم چاهه مان سنگهارن جو سور ،

الا شال م وسري، مارن جو مذڪور،

سانگيئڙن جو ساهه ۾، سدا سانڍيان سور ،

نئين سج سان اڀري، نئون هڪ ناسور ،

توڻي آهن ڏور، ته به اوڏا ڀانيان سپرين،

بس پوءِ عبدالڪريم گدائي صاحب سال سال1932ع ڌاري جوش ۾ اچي نوڪري مان صفا هٿ ڪڍي تحريڪ آزادي ۾ بهرو ورتائين، پوءِ ٺل جي ڪانگريس ڪاميٽي جو سيڪريٽري واري منصب تي ڪم ڪندي نظر آيو ۽ انگريزن خلاف پنهنجي شعر جي صورت ۾ جوش ۽ ولولي جو خوب اظهار عوام آڏو ڪيائين، تنهن بعد سال 1947ع ۾ سنڌي هاري ڪاميٽي ۾ حصو ورتائين ۽ خوب عوامي امنگن واري شاعري ڪري هر ماڻهون جي دل کٽي ورتائين.

1960ع ڌاري عوامي شعر لکڻ بعد قومي خدمتن عيوض صدر ايوب واري زماني ۾ پاڪستان سرڪار پاران (هڪ سئو روپيا) وظيفي طور ملندا رهيا. گدائي عبدالڪريم جو شروعاتي ڪلام انهيءَ زماني ۾ شايع ٿيندڙ رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندو رهيو. 1965ع ڌاري پنهنجي ڪلام جو پهريون مجموعو (ساڻيهه جا سور ) پڌري ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو. انهيءَ بهترين مجموعي تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران “هڪ هزار روپيه” انعام پڻ حاصل ڪيائين، تنهن بعد سال 1974ع ڌاري شاعري جو مجموعو (پيماني تي پيمانو )۽ (پکڙا۽ پهنوار) شاعري جو ڪتاب شايع ڪرايائين. سندس هڪ ٻيو ڪتاب جيڪب آباد ضلعي جي مختصر تاريخ “خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين” به پنهنجي هٿن سان لکي سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪيائين. عبدالڪريم گدائي صاحب هڪ بهترين نثر نويس پڻ هو، پاڻ صحافتي ذميواريون به نڀايو.

1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته هن بهترين انداز ۾ شعر  چئي سندس حڪومت کي ساراهيو.

مبارڪباد جو هن ديس ۾ جمهوريت آئي،

ذولفقار علي کي اڄ ڏين ٿا وڻ به ته واڌائي.

صدر ڀٽو وري هن قوم جو اڳواڻ ٿي آيو

انڌيري رات ۾ هو چنڊ جي، چانڊاڻ ٿي آيو .

عبدالڪريم پنهنجي ڪلام ۾ مظلوم عوام جي ترجماني ڪندي شاعري جا لفظ پيش ڪندو رهيو. سنڌ جو هي ناليوارو شاعر زندگي جي آخري عمر ۾ اڌ رنگ (فالج) واري بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو، نيٺ 28 جنوري سال 1978ع ڇنڇر ڏينهن 77 سال 27 ڏينهن زندگي جا گذاري وڃي خالق حقيقي سان مليو. سندس آخري آرام گاهه جيڪب آباد جي افضل بابا واري قبرستان منجهه آهي. سندس پيڙهي ۾ پوٽو عبدالستار عابد پڻ هڪ بهترين شاعر آهي

وڙهي تيز طوفان ۽ موجن سان هم دم،

وڃي نيٺ ٻيڙو ڪناري ڇڏيو سين ،

سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي،

بهر طور گذاريو گذاري ڇڏيو سين.