عام واهپي جي 14 شين جي اگهن ۾ رڪارڊ اضافي جو انڪشاف

اسلام آباد :- شماريات کاتي پنهنجي سروي ۾ گذريل هفتي عام واهپي جي 14 شين جي اگهن ۾ رڪارڊ اضافي جو انڪشاف ڪيو آهي. شماريات کاتي پنهنجي هفتيوار رپورٽ ۾ چيو آهي ته وياج جي شرح هفتيوار 0.71 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، هڪ هفتي ۾ مهانگائيءَ جي شرح 12.40 سيڪڙو رڪارڊ ٿي ۽ عام واهپي جي 14 شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو. هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ 21 رُپيا،آلو 5 ۽ بصر 2 رُپيا مهانگا ٿيا، جڏهن ته هڪ هفتي ۾ بصرن جو اگهه 75 رُپيا في ڪلو تائين پهچي ويو.
هفتيوار رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، هڪ هفتي ۾ ڏهي 01 هڪ رُپيا 50 پئسا مهانگي ٿي، جڏهن ته گذريل هفتي 20 ڪلو اٽو جو ٿيلهو 10 رُپيا مهانگو ٿيو، ڪپڙا، دال چڻا ۽ دال مُڱ به گذريل هفتي مهانگيون ٿيون. شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي ٽماٽا 1 رُپيو 52 پئسا، ٿوم 8 رُپيا ۽ ڪيلا في درجن 13 رُپيا سستا ٿيا، اُن کانسواءِ دال ڳڙ جي اگهن ۾ رڪارڊ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.