عالمي مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ معمولي اضافو

سنگاپور (واپار ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ معمولي اضافو ٿيو آهي. گذريل ڏينهن سنگاپور مرڪنٽائل ۾ نيويارڪ مرڪنٽائل ۾ نيويارڪ مين ڪنٽريڪٽ تحت آمريڪي ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ جي جنوري لاءِ سپلاءِ جا سودا 4 سينٽ جي اضافي سان 46.28 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ جي سپلاءِ 23 سينٽ اضافي سان 56.49 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿي. اڱاري تي آمريڪي ڪروڊ جا اگهه 7.3 سيڪڙو ۽ برينٽ جا اگهه 5.6 سيڪڙو تائين گهٽجي زمين سان وڃي لڳا.