دنيا سنڌ ۾ جبري گمشدگين جو نوٽيس وٺي، ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ جسقم آمريڪا پاران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ياداشتنامو پيش

نيويارڪ : سنڌ مان کنڀي گم ڪيل اديب دانشور ۽ نوجوانن جي آزادي لاءِ ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ جسقم پاران آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ قائم اقوام متحده جي مک بلڊنگ جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ ڳالهائيندي سانا جي ذاڪر بلو چيو ته سنڌ مان رياستي ادارن آپريشن ڪري وڏي تعداد ۾ نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ غير انساني رويو ۽ پاڪستان جي جوڙيل قانون جي ابتڙ آهي. پاڪستاني رياست بنگلاديش ۽ بلوچستان مان به اڃان ناهي سکي ۽ انهن کان پوء هاڻ سنڌ جي عملي ادبي ۽ شاگردن جي کنڀڻ تيز ڪري ڇڏيو آهي .اهو عمل رڳو نفرتون وڌائڻ جو سبب بڻبو . پاڪستاني ايجنسيون گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪندي عورتن تي تشدد ڪرڻ بعد نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏي ٿي . ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ مان نوجوانن مٿان تشدد ڪرڻ ۽ انهن کي ٽارچر سيلن ۾ بند ڪري ڇڏڻ انساني حقن جي لتاڙ آهي جبري کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو سنڌ اندر بند ڪيو وڃي ، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو ڏوهه آهي ته انهن کي عدالتن ۾ آندو وڃي. هڪ منظم سازش تحت سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪئي پيئي وڃي. اسان سنڌي عدم تشدد تي يقين رکندڙ ۽ صوفي آهيون جن کي امن پسندي جي سزا ڏني پئي وڃي.هنن چيو ته هڪ مهيني اندر پنجاه کان وڌيڪ قومي ڪارڪن کنڀيا ويا آهن جن ۾ بلاول سنڌي، حفيظ پيرزادو، ستار هڪڙو، نواب مهر، عاقب چانڊيو، محفوظ نوتڪاڻي سميت پنجاه کان وڌيڪ ڪارڪن شامل آهن.هنن عالمي ضمير کي اپيل ڪندي چيو ت حڪومت پاڪستان تي پريشر وجهي سمورن جبري کنڀجي ويل سنڌي قومي ڪارڪنن کي بازياب ڪرايو وڃي. مظاهري ۾ ذاڪر بلوعطا وسطڙو، لياقت پنھور، ڱلالئي اسماعيل ، غلام نبي انڙ ، ڊاڪٽر حيدر لاشاري ۽  ٻين شرڪت ڪئي. آخر ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اسٽاف کي ياداشت نامون پڻ پيش ڪيو ويو.