عالمي ادارا برمش واقعي جو نوٽيس وٺي بلوچن جي نسل ڪشي ڪندڙ ڊيٿ اسڪواڊ کي ختم ڪرائڻ لاء پاڪستاني حڪومت تي دٻاء وجهن : وسيم بلوچ

گوٽنگن: عالمي ادارا برمش واقعي جو نوٽيس وٺي بلوچن جي نسل ڪشي ڪندڙ ڊيٿ اسڪواڊ کي ختم ڪرائڻ لاء پاڪستاني حڪومت تي دٻاء وجهن اهڙن خيالن جو اظهار بلوچ ريپبلڪ پارٽي گوٽنگن جي اڳواڻ وسيم بلوچ ڪيو. خبر جي تفصيل موجب جرمني جي شهر گوٽنگن ۾ بلوچ ريپبلڪ پارٽي جي اڳواڻن بلوچستان جي شهر تربت ۾ شرپسند هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي معصوم 4 سالن جي نياڻي برمش کي سخت زخمي ۽ سندس ماء کي قتل ڪندڙ قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرو ڪندڙن ان واقعي جي مذمت ڪندي اهو ٻڌايو ته واقعي کي ڪيترا ئي ڏينهن گذرڻ باوجود شرپسند قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگهيا آهن ، مظاهري ۾ شامل بلوچ عورتن مردن توڙي معصوم ٻارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي . بي آر پي گونٽنگن جي اڳواڻ وسيم بلوچ مظاهري ۾ آيلن کي خطاب ڪندي چيو ته هي ڪاروائي ڊيٿ اسڪواڊ جي آهي جيڪي پاڪستان جي عسڪري ادارن پاران بلوچستان جي سياسي توڙي علمي شعور کي مارڻ لاء جوڙيا آهن.هن اقوام متحده ۽ ٻين عالمي ادارن کان برمش واري واقعي جي شفاف تحقيق ڪرڻ جي گهر ڪئي ۽ پاڪستان حڪومت مٿان بلوچستان ۾ اهڙن ڊيٿ اسڪواڊز کي ختم ڪرڻ لاء  زور ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ان مظاهري ۾ مقامي ادارن جي سوشل ورڪرن توڙي صحافتي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي . مظاهري ۾ معصوم ٻارن برمشي سان اظهار يڪجهتي لاء قومي گيت جهونگاريا. مظاهري ۾ جرمني جي مختلف شهرن مان بلوچ توڙي سنڌين شرڪت ڪري برمشي سان وچن ڪيو ته انهن جي ماء جي قاتلن جي گرفتاري تائين جدوجهد جاري رهندي.