طارق عزيز کي لڳندو هو ته مان شوبز جي دنيا ۾ نٿي رهي سگهان: رابي پيرزاده

لاهور: –  شوبز جي دنيا کي الوداع چئي دين جي رستي تي هلندڙ رابي پيرزاده مشهور شخصيت طارق عزيز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي ٻڌايو آهي ته طارق عزيز کي لڳندو هو ته مان شوبز ۾ نٿي رهي سگهان.سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي رابي ٻڌايو ته لاهور جي علائقي گارڊن ٽائون وارو گهر ڇڏڻ کان پوءِ منهنجي طارق عزيز سان ڪڏهن به ملاقات نه ٿي. رابي پيرزاده شوبز ڇڏڻ کان پوءِ  ڪڏهن به طارق عزيز جي طبيعت نه پڇڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته ڪاش مان هن بهترين انسان جي طبيعت جو حال پڇڻ وڃان ها. الله ڪڏهن ڪنهن کي گهرائي وٺي اسان کي خبر  به نه پوندي آهي. پنهنجن پيارن جو وڌ کان وڌ خيال رکو.رابي  پيراده مرحوم سان پنهنجن لاڳاپن جو ٻڌائيندي  وڌيڪ لکيو آهي ته طارق عزيز مون کي پنهنجي زندگي جون تمام گهڻيون ڳالهيون ٻڌايون.لاهور اچڻ، روڊن تي سمهڻ ۽ ريڊيو کان ٽي وي تائين جي سفر بابت. هو مون کي سدائين اهو چوندو  هو ته اوهان شوبز ۾ نٿيون رهي سگهون. اڄ مون کي اهو لڳو ته شايد هو صحيح چوندو هو.