طارق عزيز شيخ

گئس جو بحران: نبرندو يا وڌندو : طارق عزيز شيخ

سنڌ ۾ گئس جو بحران شديد ترين ٿي چڪو آهي. سنڌ جي گاديء واري شهرڪراچيء ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس جو استعمال ٿئي ٿو ۽ جڏهن گئس پريشر ۾ گٽتائي ٿيندي آهي ته سڀ کان وڌيڪ معاملا به هتي ئي پيدا ٿيندا آهن. سوئي گئس ڪمپني وفاق جي ماتحت آهي ۽ وفاقي حڪومت ان کي ڪنٽرول ڪندي آهي. وزير اعظم کي اهو معلوم آهي ته سڀ کان وڌيڪ گئس سنڌ ۾ پيدا ٿيندي آهي ۽ آئيني طور تي سنڌ کي پهريون حق آهي گئس کي پنهنجي حصي کڻڻ جو. ان جي باوجود سنڌ سان اهڙو سلوڪ عجب جي ڳالھ آهي. جڏهن کان پي ٽي آئي جي حڪومت آئي آهي تڏهن کان وٺي مختلف نوعيت جا معاملا سنڌ سان رونما ٿي رهيا آهن يا ڪيا پيا وڃن.

پاڻيء کان پوء گئس جو مسئلو پيدا ٿيڻ عوام کي تڪليف ۾ وجهڻ چئي سگهجي ٿو. رياست مدينه جهڙو پاڪستان ٺاهڻ جو حوالو ڏيندڙ عمران خان حڪومت سنڀالڻ بعد پنهنجين اڃا تائين ڪوبه عوام جي ڀلائي وارو ڪم ڪونه ڪيو آهي. رياست مدينه ۾ انسان جي آسانيء جا فيصلا ڪيا ويندا هئا پر پاڪستان جي موجوده حڪومت عوام کي ڏکيائي ۾ وجهڻ کان سواء ڪجھ ناهي ڪيو. 

گئس بحران جي ڪري سنڌ جا ڪارخانا, سي اين جي اسٽيشنون, هوٽلون ۽ گهريلو ڪسٽمر سڀ جا سڀ پريشان آهن. سي اين جي بند هجڻ ڪري سڀ کان وڏو نقصان اسڪول ويندڙ ٻارن جو ٿيو جيڪي اسڪولي ٽرانسپورٽ نه هجڻ سبب اسڪولن کان غير حاضر رهيا. شهر جي مختلف علائقن ۾ سڄو ڏهاڙو گئس جو پريشر نه هجڻ جي برابر رهيو. جنهن ڪري عورتن کي ڏکيائي ٿي. ڪراچي شهر ۾ گئس جو بحران سنگين ٿي ويو. صنعتون به انهيءِ بحران جي وڪڙ ۾ اچي ويون آهن. گئس نه هجڻ سبب ڪارخانا بند ٿيڻ ڪري هزارين پورهيت بيروزگار ٿي ويا. 

سنڌ مان ستر سيڪڙو گئس حاصل ٿيڻ باوجود موٽ ۾ چاليھ سيڪڙو گئس به نه ملي سگهي ته اهو سنڌ سان ٻه اکيائي ڪرڻ چئبو. حڪومت پاران اهو چئي ڇڏڻ ته سئي گئس جي ٽنڊو ڄام ۽ گمبٽ گئس فيلڊ ۾ فني خرابي جي ڪري سپلاءِ ۾ شديد کوٽ ٿي وئي آهي جڏهن ته سئي گئس ڪمپني ڄاڻايل فيلڊن جي فني خرابي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي . ڪراچي شهر به گئس جي بحران جي ور چڙهي ويو آهي. رهائشي علائقن ۾ گئس پريشر جي کوٽ سان گڏوگڏ ڪارخانا به بند ٿي رهيا آهن.

سوئي گئس جو سياري ۾ وڌندڙ استعمال ٿيندو آهي ۽ اهڙي موسم اچڻ ساڻ سنڌ ۾ بحران پيدا ٿيڻ تي سنڌ سرڪار به وقتائتو نوٽيس ورتو آهي ۽ وفاق کان پنهنجي حق جو حصو ڏيڻ جو چيو. نواز شريف جي حڪومت ۾ به سنڌ سان اها ساڳئي ڪار ڪئي وئي هئي جنهن تي وڏي وزير مراد علي شاھ صوبي جي حق ۾ سخت انداز اختيار ڪيو هو ته وفاق ٻيهر سنڌ جي حصي جي گئس جو تڪرار ڪونه ڪيو. اڄ هڪ ڀيرو وري صورتحال ساڳئي بلڪه ان کن به وڌيڪ بگڙيل ٿي نظر اچي. اڄ وڏي وزير سان گڏ عوامي حمايت, سي اين جي ايسوسيئيشن ۽ ڪارخانيدارن جو ساٿ به آهي پر وفاقي سرڪار پاڻيء جي معاملي جيان گئس جو بحران به حل ڪرڻ بدران گئس ڪمپني جي مئنجمينٽ جي نا اهلي ۽ ناڪامي قرار ڏئي رهي آهي. هن وقت سڀني کان وڌيڪ پريشان سي اين جي سان تعلق رکندڙ سمورا ماڻهو آهن جيڪي سي اين جي مالڪ آهن, ذاتي گاڏين وارا آهن, پبلڪ ٽرانسپورٽ وارا آهن يا وري سي اين جي اسٽيشنن تي ڪم ڪندڙ پورهيت آهن. اڳتي صورتحال بهتر ٿيڻ بدران ڏکي لڳي رهي آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ سي اين جي ايسوسيئيشن جي سربراهه ڊاڪٽر ذوالفقار احمد يوسفاڻي، چيرمين ممتاز جتوئي، آل سنڌ وين ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي سربراهه حمزو بروهي ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ملڪ جي 70 سيڪڙو گئس جي ضرورت پوري ڪندڙ سنڌ صوبي جي سي اين جي اسٽيشنن جي اڻڄاتل مدي تائين گئس جي فراهمي بند ڪري انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو آهي، عمران خان جي حڪومت نئون پاڪستان ٺاهڻ نه پر پاڪستان کي تباهه ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ 650 کان وڌيڪ سي اين جي اسٽيشنون آهن. هنن چيو ته گئس قدرتي ذريعو آهي جيڪو سنڌ مان نڪري ٿو جنهن تي پهريان حق سنڌ جو آهي. هنن چيو ته ايل اين جي جا ڪنٽينر نه اچڻ جو سبب ڄاڻائي سنڌ جي سي اين جي بند ڪرڻ سنڌ سان زيادتي آهي. هنن چيو ته سنڌ پنهنجي پيداواري گئس مان 30 سيڪڙو استعمال ڪري ٿو، جڏهن ته 40 سيڪڙو ملڪ جي ٻين صوبن پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان کي ڏنو ويندو آهي. هنن چيو ته جنهن صوبي مان جيڪا پيداوار نڪري رهي آهي، ان جي پهريان انهي صوبي جي عوام جو حق آهي ۽ انهي صوبي ۾ گئس جي لوڊشڊنگ جو ڪو به جواز نٿو ٿئي پر ان باجود سنڌ ۾ هٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ ڪري لکين ماڻهن جي روزگار سميت گهريلو صارفين کي پريشان ڪيو ويندو آهي. هنن ان موقعي تي اعلان ڪيو ته 15 ڊسمبر تائين سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي شروع نه ٿي ته 16 سنڌ پنجاب رستن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا ۽ سڄي سنڌ ۾ ڦيٿا جام هڙتال ڪئي ويندي، جنهن جي ذميواري وفاقي حڪومت تي هوندي.

سنڌ ۾ سي اين جي تي هلندڙ سوين گاڏيون روزانو هزارين مسافرن کي کڻن ٿيون. وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي معطل ڪرڻ سان سي اين جي اسٽيشنن سان لاڳاپيل 40 هزار مزدورن سميت سي اين جي تي هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن جو روزگار کسيو ويو آهي، جنهن سان ملڪي ناڻي ۾ کوٽ سميت عوام ۾ بک بيروزگاري ۽ بدحالي ۾ اضافو ٿيندو. عمران خان پاران گئس ڪمپنيء جي مئنجمينٽ خلاف ڪرڻ سان بحران جو مستقل حل نٿو نڪري سگهي هن مسئلي کي سنڌ حڪومت سان ڳالهائي نبيري سگهجي ٿو جيڪڏهن جلد حل نه نڪتو ته بحران وڌي ويندو.

مخدوم بلاول

تاريخ ڪنھن کي نه ٿي وساري

سنڌ ڌرتيءَ اھرين شخصيتن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جو سر اونچو رکڻ لاءِ پنهنجو سِر قربان ڪيو آهي. اهڙن سپوتن ۾ مخدوم بلاول جو نالو سدائين بلند رهندو. پاڻ سمون هو ۽ ٺٽي جي شاهي خاندان سان سندس شجرو وڃي ٿو ملي. ڊگهو عرصو ٺٽي ۾ رهڻ بعد سندن خاندان ٽلٽيءَ ۽ پوءِ دادو جي باغبان علائقي ۾ وڃي رهائش پذير ٿيو. 

علم جي حوالي سان وڏي شهرت رکندڙ هو خاص طور تي تفسير ۽ حديث جو وڏو عالم مڃيو ويندو هو. سنڌ کان علاوه ٻاهر جا عالم پڻ مخدوم صاحب جي علم کان متاثر هئا جيڪي ڪهي اچي ملندا هئس. مخدوم بلاول جي شاگردن جو ڪثير تعداد هوندو هو جن کي ليکڪن ۽ عالمن سندن مريد به چيو آهي. هو وڏي پائي جو عالم هو جيڪڏهن سندن معتقد مرشد ڪوٺيندا هئا ته ان ۾ ڪو عار ناهي. ڪنهن عالم ته مخدوم بلاول بابت لکيو آهي ته ”سنڌ ۾ فقط ٽي شخصيتون آهن جيڪي مرشد جي رتبي تي آهن. مخدوم عثمان مروندي، مخدوم نوح ۽ مخدوم بلاول“

مخدوم بلاول جو دور ارغونن جو بڻجي ٿو. سمن جي اثر هيٺ آيل علائقن تي ارغون پنهنجو غلبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر دولهه درياهه خان جا جٿا ارغونن جي اک ۾ ڪنڊا هئا. دولهه درياهه خان جي شهادت کي ڪجهه عرصو ٿي گذريو هو جنهن بعد ارغونن سڄي سنڌ ۾ ظلم ٻاري ڏنو هو. سنڌ جي هر گليءَ هر گام تي قتل عام ئي قتل عام جو قهر مچائي ڏنو هئائون. اهڙي موقعي تي مخدوم بلاول جا قومي ليڪچر جيڪي اسلامي دليلن سان ڀريل هوندا هئا، سنڌي قوم ۾ روح ڦوڪڻ برابر هوندا هئا. افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته اهڙي زماني ۾ اسان جا پنهنجا عذار بڻجي پيا. ڪيترائي اهڙا قبيلا هئا جيڪي سمن جي دشمنيءَ ۾ سنڌ کي نقصان ڏئي رهيا هئا. ارغونن جو ساٿ فقط ان بنياد تي ڏنو ويو هو جو سندن سمن سان مخالفت هئي ان کان علاوه اهڙا گروهه پڻ هئا جيڪي مسلط ٿيندڙ حڪمرانن کان رعايت وٺڻ جي لالچ ۾ پنهنجي قوم جو سودو ڪندا هئا. ارغونن جي راڄ جو چيف جسٽس قاضي قادن هو. پاڻ به سخت مذهبي ذهن جو مالڪ هو پر وڏي عهدي ملڻ سبب سنڌي قوم سان وڏي ۾ وڏي غداري به انهيءَ ڪئي. ارغونن کي چيائين ته ”سنڌي قوم ائين آهي جيئن جهنگلي ڪنڊن واري زمين ۽ اهڙي زمين کي سهڻو بنائڻ لاءِ ڪنڊا صاف ڪرڻا پوندا“

سنڌي قوم درياهه خان جهڙي جوڌي سان خودمختيار سنڌ ڏٺي هئي جنهن کي پنهنجي دفاعي قوت، حڪمراني، ناڻو ۽ آزادي هئي. جڏهن حمله آور ارغوني فوجون پرامن سنڌ ڌرتي تي قابض تڏهن سنڌي قوم به سخت مقابلا ڪيا. تڏهن دشمن سان گڏ اسان جا پنهنجا به ملي ويا جن غداري ڪري پنهنجي ڌرتي ۽ قوم کي ڌارين حوالي ڪيو ۽ پاڻ به هٿ مهٽيندا رهجي ويا. جنهن قاضي قادن کي ارغونن چيف جسٽس بڻايو هو ان کي به نشانو بڻايائون. سندس خاندان جي ٻچي ٻچي کي ارغوني سپاهين قتل ڪيو ۽ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. اهو ئي قاضي قادن ٺٽي جي گلين ۾ چرين جيان رڙيون ڪندو ڊڪندو رهيو. اهو ئي اهو ماڻهو هو جنهن مخدوم بلاول مٿان ڪوڙي تهمت کي فتويٰ جي آڙ ۾ سزاءِ موت ٻڌائي هئي. قاضي قادن سدائين وڏا عهدا ماڻيا ۽ اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو. هن مختلف دور ڏٺا پر سنڌ تي قابض ٽولن سان حڪومت ۾ ئي رهيو. کيس ڪڏهن به سنڌي قوم تي نه قياس آيو نه رحم آيو. هن لاتعداد موت جون سزائون ٻڌايون متان حڪمرانن کي نرم سزا ٻڌائڻ تي ساڻن وفاداريءَ تي شڪ شبهو پوي.

قاضي قادن جي چوڻ تي ارغونن ڪيترن ئي ڳوٺن کي باهيون ڏئي ساڙائي ڇڏيو. مرزا شاهه بيگ جيڪو قهري راڄ قائم ڪيو هو، انهي دهشت ۽ نفرت کانسواءِ ڪجهه به نه ڪمايو. سندس موجودگيءَ ۾ ڪيترائي عالم فاضل جڏهن مخدوم بلاول جي ساراهه ڪرڻ لڳندا هئا ته هن کي اندر ۾ ساڙ ۽ منهن تي مُرڪ تري ايندي هئي. مخدوم صاحب جي رتبي کان هو تڏهن کان ئي واقف هو جڏهن قنڌار ۾ سنڌ مٿان قبضو ڪرڻ جون سازشون سٽيندو هو. ميران محمد جونپوري سنڌ ۾ پنهنجو نظريو بيان ڪري، زبردستي اهو نظام قائم ڪرڻ ٿي چاهيو جيڪو هن ڌرتيءَ جي مزاج جي بنهه ابتڙ هو. صوفي منش مزاج رکندڙ سنڌي ماڻهو امن ۽ محبت کانسواءِ ڪجهه به نه ڏسندو آهي. ميران محمد جونپوري رجعت پرست فلسفو مڙهيو تنهن جي مخالفت ۾ سيد حيدر شاهه سنائيءَ رد عمل ظاهر ڪيو.

سن ۾ ان حوالي سان تاريخي ويڙهه به ثبوت طور مثالي آهي جنهن ويڙهه ۾ سن لڳ درياهه ۾ جونپوريءَ جي لشڪر جون ٻيڙيون به ٻوڙائي ڇڏيون هيون ۽ هو پنهنجو سِر بچائي ڪابل وڃي پهتو هو، جتي ڪجهه ڏينهن رهي قنڌار ۾ مرزا شاهه بيگ ارغون سان ملي سنڌ مٿان چڙهائي جون سازشون سٽيون هئائين. سيد حيدر شاهه سنائي جو درياهه خان سان ويجهو لاڳاپو هو ۽ مخدوم بلاول جو وري ٻنهي شخصيتن سان تعلق هو.

ٽڪراءُ هن طرح ٿو نظر اچي: مخدوم جونپوريءَ جو مريد قاضي قادن هو جنهن جي سڏ تي جونپوري سنڌ اچي رجعت پرست فلسفو پکيڙيو پئي. ٻئي طرف درياهه خان، حيدر شاهه سنائي ۽ مخدوم بلاول اهڙي رجحان کي رد ڪرڻ لاءِ سنڌي سماج کي پنهنجي اصلي روپ ۾ رهڻ ڏنو. قاضي قادن جو نيٽ ورڪ هڪ جاسوس ۽ سنڌ دشمن پاليسي تي ٻڌل هو جنهن سان ڌارين کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ۾ وڏي مدد ملي. غداري ۽ نفاق جي زهر سنڌ جي خودمختياري ۽ آزاديءَ کي ماري وڌو. قاضي قادن کي انهي ڪردار نڀائڻ کانپوءِ شاهه بيگ ارغون کان ڪيترائي انعام پڻ مليا جيڪي بعد ۾ ارغونن هٿان ئي لٽيا به ويا.

شاهه بيگ ارغون جڏهن مخدوم بلاول جي عملي تحريڪ بابت ٻڌو تڏهن پريشان ٿي ويو. هن کي معلوم هو ته نظرياتي نموني تيار ڪيل شاگرد هٿيار کان به خطرناڪ هوندو آهي. ارغون ويڙهاڪ جٿن هر هنڌ غلبو حاصل ڪري ڇڏيو هو پر مخدوم بلاول ۾ هٿ نه وجهي سگهيا هئا. هنن جي خلاف مخدوم صاحب پنهنجا پُراثر خطاب جاري رکندو آيو پئي، جنهن جي رپورٽ قاضي قادن باقاعدگي سان رکيو ويٺو هو. قاضي قادن، ارغونن جي مدد سان ڪيترن ئي مُلن مولوين کي پاڻ سان ملائي ڪيتريون ئي ننڍڙيون ننڍڙيون ٽوليون ٺاهرائي ڇڏيون جن کي ارغونن پاران رعايتون ۽ انعام ڏنا ويندا هئا. ائين غدارن جو ڊگهو سلسلو جڙڻ لڳو هو ائين ڄڻ جسم کي ناسُور ٿيڻ سان زخم وڌندو ويندو آهي ۽ اهو حصو بيڪار بڻجندو ويندو آهي. ان دوران مرزا شاهه بيگ ارغون مري ويو ۽ سندس جڳهه تي شاهه حسن ارغون اچي ويو. انهيءَ اها سازش ڪامياب ڪئي، جنهن ۾ موچيءَ کان جتيءَ جي تري ۾ قرآن پاڪ جو ورق وجهرايو ويو ۽ مخدوم بلاول کي تحفي ۾ ڏئي مٿس اهڙي گستاخي جو الزام مڙهيو ويو. مخدوم صاحب سڄي ڪارروائي ۾ موچيءَ کان فقط اهو پڇيو هو ته ”ڇا مون تنهنجي ٺاهيل جتي پيرن ۾ پاتي؟“ جنهن تي موچي هائوڪار ڪئي ۽ مخدوم صاحب چيو: ”مون خدا جي رضا تي معاملو ڇڏيو.“ مفتين کان اهڙي ڏوهه جي سزا پڇي وئي جنهن تي هنن گهاڻي ۾ پيڙائڻ جو چيو ۽ مخدوم صاحب وراڻيو ”مون کي پيرن کان پيڙايو وڃي ته جيئن پنهنجي هڏين جا آواز ٻڌي سگهان“ هو نيڪ انسان ڌوڪي سان جنهن کي ويرين گهيريو هو. پنهنجن جي سازش جو نشانو بڻيو.

تاريخ جي ورقن ۾ قاضي قادن جهڙا غدار ڀريا پيا آهن جن صدين کان وٺي سنڌ سان غداري ڪئي ورهين کان وٺي اهو سلسلو هلندو پيو اچي ۽ انهن جا پوئلڳ اڄ به اسان جي وچ ۾ هوندا. سنڌ ڌرتي اهڙن ماڻهن کي اڄ نه ته سڀاڻي قاضي قادن جيان ئي ڳڻيندي ۽ باشعور نسل چوندو:

”مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا

ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.“