صدارتي چونڊ جا اڄوڪا نتيجا آمريڪا کي اندروني ۽ خارجي بحران مان ڪڍي سگهندا؟ : ادريس لغاري 

هن وقت آمريڪا سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ هي بحث ٿي رهيو آهي ته ڇا ايندڙ آمريڪي صدر آمريڪا جا داخلي ۽ خارجي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو يا نه؟ هڪڙي پاسي اهڙي قسم جو بحث هلي رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري گذريل هڪ ڏهاڪي کان آمريڪا کي درپيش مخلتف چئلينجز جي حوالي سان ڪيترا ڪتاب پڻ ۾مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، جن ۾Coming Conflict with China (چين سان ايندڙ ٽڪراءُ)، ٻيوShowdown”فيصلائتو مقابلو، ٽيونChina Threat ”چين کان خطرو“، چوٿون،Contest for Supremacy”بالادستي لاءِ مقابلو“ ۽ پنجون ڪتاب ، ”آن چائنا“ (چين تي) آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر جو آهي، جنهن ۾ هن تمام گهڻا دليل ڏئي چيو آهي ته آمريڪا کي چين سان دشمني وڌائڻ جي بجاءِ دوستي وڌائڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. مٿي ذڪر ڪيل سڀني ڪتابن ۾ آمريڪا کي درپيش نهايت اهم مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ آمريڪا جي اقتصادي، سياسي، عسڪري ۽ سفارتي معاملن تي بحث مباحثو ڪيو ويو آهي. اهڙي بحث ۾ هڪڙو نهايت اهم بحث آمريڪي سياسي نظام متعلق پڻ آهي، ڇو ته آمريڪي عوام جي اڪثريت ملڪ جي صدارتي نظام مان پڻ خوش ناهي. ڊسمبر 2015ع ۾ سي اين اين ۽ او آر سي طرفان هڪ سروي ڪيو ويو، جنهن مطابق 69 فيصد آمريڪي عوام پنهنجي ملڪ جي سياسي نظام مان بيزاري جو اظهار ڪيو ۽ انهن جو چوڻ هو ته هي موجودا آمريڪي صدارتي نظام صرف وال اسٽريٽ ۽ واشنگٽن سان تعلق رکندڙ دولتمند ۽ بااثر ماڻهن لاءِ آهي ۽ ان جي مفادن وٽان ڪم ڪري ٿو، جڏهن ته ساڳي سروي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو 2000ع کان وٺي 2015ع تائين آمريڪا ۾ عام ماڻهو جي آمدني ۾ ڪو به قابل ذڪر اضافو نه ٿيو. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته 2016ع جي چونڊن ۾ برني سينڊر عوام جي اهڙن مسئلن کي وڏي پئماني تي کنيو ۽ هن پارٽي اندر جيڪا چونڊ مهم هلائي انهي جا ٽي مکيه نقطا هئا، هڪ، 100 فيصد مفت علاج ، ٻيو ڪاليج تائين تعليم مڪمل مفت ۽ ٽيون مزدورن جي مزدوري ۾ 15 ڊالر في ڪلاڪ تائين اضافو ڪرڻ هو. (ياد رهي ته هن وقت آمريڪا ۾ مزدور کي في ڪلاڪ ساڍا ست ڊالر ملن ٿا). هتي اچو ته سڀ کان پهرين آمريڪا جي اندروني گهوٽالي تي هڪ نظر وجهون.

آمريڪا جو اندروني گهوٽالو:

هن وقت آمريڪا ۾ غريب ۽ امير ماڻهن جي وچ ۾ فرق 1928ع ۾ آيل عالمي اقتصادي بحران واري دور کان به وڌي ويو آهي، آمريڪا ۾ تيزي سان امير ماڻهو وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته غريب وري تيزي سان غريب ٿيندو پيو وڃي. آمريڪا ۾ نسلي امتيار جنهن کي ”وائيٽ سپرميسي“ گورن جي هڪ هٽي پنهنجي عروج تي پهتل آهي، اسان کي ياد هوندو ته موجوده صدر ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم گورن جي بالادستي کي قائم ڪرڻ جي نالي سان شروع ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ گذريل چئن سالن ۾ سندس صدارت دوران خاص طور تي ڪارن، مسلمانن ۽ ٻين مذهبن ۽ نسلن سان واسطو رکندڙ عام آمريڪين سان جيڪي ظلم ۽ تاريخي ناانصافيون ٿيون آهن، تنهن ماضي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. معاشي ميدان ۾ به آمريڪا تمام گهڻو ڦاٿل آهي ۽ ان مان نڪرڻ لاءِ بار بار هٿ پير به هڻندو رهيو آهي، مارچ 2014ع ۾ آمريڪي حڪومت طرفان هڪ هزار ارب ڊالرز جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا. هاڻي ڪورونا دوران آمريڪا کي 80 ارب ڊالرز کان به وڌيڪ جو نقصان ٿي چڪو آهي، آمريڪا اهڙي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ 26 مارچ تي پنهنجي ويجهڙ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي امدادي پئڪيج جو اعلان ڪيو ، جنهن جي ماليت 22 کرب ڊالرز هئي، ان سان گڏ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن بيروزگاري الائونس حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون ۽ سپيٽمبر 2020ع تائين بيروزگاريءَ جي شرح 8.4 تائين پهچي چڪي هئي. ياد رهي ته آمريڪا تي هن وقت 25 هزار ارب ڊالر قرض آهي. ٻيو گذريل ڪجهه سالن دوران آمريڪا پنهنجي فوجي (دفاعي) بجيٽ ۾ 86 ملين ڊالرز جي ڪٽوتي ڪئي آهي. ان سان گڏ هڪ اندازي موجب 2001ع کان وٺي 2020ع تائين افغان جنگ مان موٽندڙ 2980 آمريڪي فوجين خودڪشي ڪئي ۽ اهڙي صورتحال کانپوءِ هاڻي آمريڪي ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان لنوائي رهيا آهن. 2008ع ۾ آمريڪا جون وڏيون وڏيون بئنڪون هڪ وڏي مالي بحران جون شڪار ٿي ويون ۽ سٽي گروپ کي 2 هزار 800 ڪروڙ ڊالر، بئنڪ آف آمريڪا کي هڪ هزار 420 ڪروڙ ڊالر، A/G انشورنس کي هڪ هزار 800 ڪروڙ ڊالرز جا قرض وٺڻا پيا. هتي سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ بنيادي ڳالهه هي نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته آمريڪا جي ٻن وڏين سياسي پارٽين ڊيمو ڪريٽ ۽ ريپبلڪن جا سياسي اختلاف جيڪي اڳي رڳو آمريڪا اندر رهيا، پر گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان اهي ملڪ کان ٻاهر پوري دنيا ۾ کلي طرح نظر اچن پيا ۽ ٻنهي پارٽين پاران اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته آمريڪا کان ٻاهر خاص طور تي وچ ۾ اوڀر ۾ اهڙا شخص اقتدار ۾ اچن،جن سان آمريڪا کي ڪو فائدو پهچي يا نه پهچي پر ريپبلڪن يا ڊيموڪريٽ پارٽي کي ضرور فائدو ٿئي، ڇو ته وچ اوڀر جا امير ملڪ آمريڪي چونڊن ۾ ٻنهي پارٽين کي تمام گهڻي فنڊنگ ڪندا آهن.

آمريڪا جا ٻاهريان گهوٽالا:

آمريڪا کي جيڪي ٻاهريان گهوٽالا سامهون آهن، انهن ۾ خود آمريڪي اتحادين جو ڪمزور ٿيڻ ۽ مخالف قوتن جو اُڀرڻ به آهي، جنهن ۾ چين ۽ روس سر فهرست آهن. آمريڪا افغانستان مان ايترو ته ڦاٿو آهي جو چئي ٿو اڄ افغانستان مان نڪران سڀاڻ ٻيو ڏينهن ٿئي. آمريڪا جو سڀ کان وڏو اتحادي انگلينڊ 2007ع کان شديد اندروني اقتصادي گهوٽالي جو شڪار آهي. آمريڪا جو ٻيو ويجهو ساٿي فرانس سخت اندروني اقتصادي گهوٽالي جو شڪار آهي، جنهن جي ڪري اتي بيروزگاريءَ جي شرح ساڍا اٺ سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ چين آمريڪي ڊالر جي بدران يورو، ڪچو مال يا سون وٺي ٿو، تنهنڪري ڏينهون ڏينهن عالمي مارڪيٽ م آمريڪي ڊالر جي اهميت گهٽجندي پئي وڃي، جنهن جي ڪري آمريڪا سخت پريشان آهي ته وري ٻئي پاسي سندس اتحادي يورپي ملڪن کي وري يورو جو فڪر آهي، جنهن جي ڪري پاڻ ۾ به ڄڻ سرد جنگ لڳل اٿن. آمريڪا جي دادلي ملڪ اسرائيل ۽ ترڪي جا تعلقات خراب آهن، جيتوڻيڪ آمريڪا ڪوشش ڪري اسرائيل جا متحده عرب امارات ۽ بحرين سان ٺاهه ڪرايا آهن ۽ ان کي پنهنجي وڏي ڪاميابي سمجهي ٿو، پر ڪاغذ جي پني تي ٺاهه ڪرائڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. چين جو وڏو اتحادي اتر ڪوريا آمريڪا جي ڪنهن به ڳالهه کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن ته سندس ڀر ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ 37 هزار آمريڪي فوجي 24 ڪلاڪ موجود آهن، پر آمريڪا کي جرئت ئي ڪونهي جو اتر ڪوريا کان ڪا ناجائز ڳالهه مڃرائي سگهي. ايران آمريڪا لاءِ اڳي ئي وڏو مٿي جو سور هو پر هاڻي چين ۽ ايران ۾ مبينا تاريخي معاهدي ٿيڻ کانپوءِ ايران آمريڪا لاءِ ٻيڻو مسئلو ٿي ويو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي وري برڪس (BRICS) جهڙو طاقتور اتحاد آمريڪا جي هڪ هٽيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ زور شور سان اڳتي اچي پيو. برڪس ۾ برازيل، روس، ڀارت، چين ۽ ڏکڻ آفريقا جهڙا ملڪ شامل آهن. بزاريل دنيا جو چوٿون اقتصادي طور مضبوط ملڪ آهي. روس سڄي اوڀر يورپ کي گئس ڏيندو آهي. ڀارت جنهن ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ دنيا جا وڏي کان وڏا ملڪ تيار آهن. چين دنيا جو ٻيو نمبر طاقتور ملڪ آهي. چين جي ماڻهن وٽ 1979ع ۾ هڪڙي به ذاتي ڪار نه هئي، اهو 2020ع ۾ ڪارن ۾ دنيا جو پهريون نمبر ملڪ ٿي ويو آهي، ڏکڻ آفريقا ۾ دنيا جا سڀ کان وڏا معدني ۽ قدرتي وسيلا موجود آهن. آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي طاقت ۽ سگهه سندس فوجي بالادستي آهي. هن وقت 194 ملڪن مان 120 ملڪن ۾ امريڪا جي فوج ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي. جاپان ۾ 48 هزار فوج موجود آهي، هڪ لک 10 هزار فوج وچ اوڀر ۾ موجود آهي، ڏکڻ ڪوريا ۾ 37 هزار، افغانستان ۾ 7 هزار. دنيا جي 20 وڏن ملڪن جي بجيٽ کان به آمريڪا جي فوجي بجيٽ (دفاعي بجيٽ) وڌيڪ آهي. آمريڪا ۾ ڏينهون ڏينهن عام ماڻهن جا مسئلا گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي آمريڪي سرمائيدار ڏينهن ڏينهن امير ٿيندا پيا وڃن. 1961ع ۾ آئزن هاور صدارتي محل ڇڏيندي ملٽري انڊسٽريءَ جي وڌندڙ اهڙي اثر ۽ طاقت جي باري ۾ چيو هو ته، ”اسان کي هڪ متوازن معاشرو تشڪيل ڏيڻ گهرجي، نه ڪي ملٽري (فوجي) طاقت.“ تاريخ دان پال ڪينيڊي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”عظيم طاقتن جو عروج ۽ زوال“ ۾ سوين مثال ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هيستائين دنيا جي جن عظيم سلطنتن جو زوال ٿيو ۽ اهي سڀ نقشي تان گم ٿي ويون، تنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب سندن فوجي طاقت کي اجايو وڌائڻ هو.

آمريڪا ۾ هڪڙي پاسي دنيا جا وڏي کان وڏا سرمائيدار ويٺا آهن، جيڪي هر صورت ۾ پنهنجي ناڻي ۽ ڪاروبار ۾ واڌ جا خواهشمند آهن ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر حد ٽپڻ لاءِ تيار آهن، ته وري ٻئي پاسي آمريڪي عوام آهي، جيڪا بيرزگاري کان ويندي نسلي انتهاپسندي جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، ٻنهي طبقن ۾ هڪ سخت قسم جي ڇڪتاڻ هلندڙ آهي، بظاهر فتح ڪاروباري طبقي جي نظر اچي پئي پر اها فتح هر لحاظ کان وقتي فتح آهي، جنهن جو ڪو به مستقبل ناهي، تنهنڪري هي چونڊون صدر ٽرمپ کٽي يا جوئي بائيڊن، پر ٻنهي وٽ آمريڪا کي هڪ گهڻ رخي بحران مان ڪڍڻ لاءِ نه ئي ڪو پروگرام آهي ته نه ئي وري گهربل لياقت.

idreeslaghari84@gmail.com