شھيدن جون فيمليون نڌڻڪيون ناھن، 48 ڪلاڪن ۾ نياڻي دعا وڌو بازياب نه ٿي ته پنھجي حڪمت عملي اختيار ڪنداسين: رياض چانڊيو

 حيدرآباد :- جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض علي چانڊيو جي ادي دعا وڌو جي وارثن سان ملاقات نياڻي جي بازيابي لاء ھر قسم جي مدد ڪرڻ جي خاطري جئي سنڌ محاذ سربراھ چيو آھي ته شھيد سلمان وڌو اسان جو قومي شھيد آھي سندس ڀيڻ اسان جي نياڻي آھي ان کي اغوا ڪندڙ ڏوھارين کي ھرگز معاف نه ڪنداسين مون انتظاميه سان به ڳالھ ٻولھ ڪئي آھي 48 ڪلاڪن ۾ نياڻي بازياب نه ٿي ته پنھجي حڪمت عملي اختيار ڪنداسين شھيدن جون فيمليون نڌڻڪيون ناھن اسين سندن وارث آھيون ملڪ ۾ قانون لاپتا آھي نتيجي طور اھڙا ڀيانڪ واقعا پيش اچن ٿا ھن ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف جھدوجھد ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي