شگر ملز 15 نومبر کان هلڻ شروع ٿي وينديون: اسماعيل راهو

 ڪراچي :سنڌ سرڪار جو ڪمند جا اگهه مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملز هلائڻ بابت اهم اجلاس صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي صدارت ۾ ٿيو. ، اجلاس ۾ سيڪريٽري زراعت آغا ظهير الدين، ڪين ڪمشنر، ايم پي اي ذوالفقار علي شاهه، ڊي جي زراعت، پاسما، آبادگار اڳواڻن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ته سنڌ  ۾ شگر ملز 15 نومبر کان هلڻ شروع ٿي وينديون.  اُن حوالي سان ملز مالڪن کي هداتيون ڏنيون ويون آهن. اسماعيل راهو چيو ته ڪمند جو اگهه ايندڙ اجلاس ۾ مقرر ڪيو ويندو، اجلاس دوران آبادگار اڳواڻن پنهنجا مسئلا ٻڌايا.