شگر ملز ايسوسيئيشن پاران يوٽيلٽي اسٽورن کي 63 رپيا ڪلو کنڊ ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد :- شگر ملز ايسوسيئيشن يوٽيلٽي اسٽورن کي سستي کنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن طرفان صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزارت کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورن کي کنڊ 63 رپيا ڪلو نٿا ڏئي سگهون، صحت واري وزارت جي 63 رپيا ڪلو کنڊ فراهمي جي سفارش جي قانوني حيثيت ناهي. شگر ملز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته اهي 60 هزار ٽن کنڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ عبوري عدالتي حڪم تحت 70 رپيا ڪلو کنڊ فراهم ڪندا. خط ۾ چيو ويو آهي ته گهريلو استعمال لاءِ نان ڪمرشل ادارن کي 70 رپيا ڪلو کنڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ عدالتي حڪم تحت وفاقي حڪومت کنڊ 70 رپيا جي حساب سان کڻڻ جا انتظام ڪري سگهي ٿي، انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ تائين شگر ملز نان ڪمرشل واهپيدارن کي کنڊ پاڻمرادو 70 رپيا ڪلو فراهم ڪندي. واضح رهي ته يوٽيلٽي اسٽورن شگر ملز ايسوسيئيشن کان کنڊ 63 رپيا في ڪلو فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. گذريل ڏينهن صنعت ۽ پيداوار واري وزارت شگر ملز کي يوٽيلٽي اسٽورن طرفان ٻڌايل اگهه تي کنڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.