شڪاگو جي شهيدن جي ياد ۾

عامر خان مهيسر

جي پنهنجو نور نچوئي ويا

                         دوزخ جهڙي دنيا کي جنت بنائڻ جا جتن ڪندڙ پورھيتن جو اڄ عالمي ڏھاڙو آھي، دنيا جا اجها اڏي پاڻ کليل آسمان هيٺ سمهندڙ پورھيت، پنهنجو رت ولوڙي دنيا کي آسائشون ۽ بخمل جهڙو آرام مهيا ڪندڙ پورهيت، ڪائنات جو اهو طبقو جنهن جي زندگي خواهشن ۽ حسرتن کان ڪوهين ڏور جياپي جي ضرورتن لاءِ جستجو ڪندي رهي ٿي ۽ جنهن جي جدوجهد ۽ جستجو جو محور ۽ مرڪز صرف اٽو، لٽو ۽ اجهو آھي. اڄ به مزدور ان تتل زمين ۽ گرم سج جي روشني هيٺ پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهندي نظر اچي رھيو آھي، تاريخ شاھد آھي ته اڄوڪي ڏينهن تي آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ شينهن جهڙو جگر رکندڙ پورھيت پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پهرين مئي 1986ع تي روڊن تي نڪري آيا ھئا انهن محنت ڪش پورهيتن اھو مطالبو ڪيو ته کين مزدوري جي معيار تي لهندڙ پورا ۽ مناسب حق ڏنا وڃن، هيءُ اهي مزدور ۽ هاري ھئا جنهن جي ميرن هٿن جي مڻيا جي ڪري هي ستن رنگن جي سانجهين جهڙي سهڻي دنيا حسين ۽ دلفريب آهي، هيءُ اهي هاري ۽ پورهيت آهن جيڪڏهن پنهنجي ڪرت ڇڏي ڏين ته ڪائنات جي ڪنواري نيڻن جو نور به ختم ٿي وڃي، پر پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري سان ڪوڏر ھلائي ڪائنات جون تقديرون ۽ قسمت بدلائيندڙ پورھيت، مزدور ۽ هاري سان هر دور ۾ ماٽيلي ماء واري سلوڪ جاري و ساري آھي. 

 اهو پهرين مئي جو ڏينهن هو ۽ صبح جا ڪرڻا ڌرتي تي ڪري رھيا ھئا ۽ سڀ مزدور سوير پنهنجي پنهنجي گهرن کان نڪري شهر جي چونڪن ۽ چوراهن جو رخ ڪيو ۽ سرمائيداري نظام خلاف نعريبازي ڪرڻ لڳا انهن هر شهر ۾ پرامن جلوس ڪڍي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هلچل شروع ڪئي سڀ کان وڏا جلسا آمريڪا جي ڳڙهه شڪاگو شهر ۾ ڪيا ويا، اتان جي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي اها ڳالهه نه وڻي ته هي ماڻهو اسانجا مزدور ٿي ڪري اسانجي خلاف آواز اٿاري رهيا آهن. پورهيتن جي حق ۽ سچ جي نعرن تي سرڪار مڇرجي پئي، انهن هٿين خالي پورهيتن تي گولين جي اڻ کُٽ برسات جو سلسلو شروع ڪيو پر اهي مزدور پنهنجن ارادن تي هماليه جبل وانگر اٽل ۽ ثابت قدم رهيا ۽ پوئتي نه هٽيا. 2 مئي کان 6 مئي تائين شڪاگو جي سمورن ڪارخانن ۾ ھڙتالن، مظاھرن ۽ جلسن جلوسن جو سلسلو جاري رھيو جنهن ۾ ڪيترائي مزدور گرفتار ٿيا. جن مان ڪيترن ئي پورهيتن کي تختِ دار تي لٽڪايو ويو ته  ڪيترن ئي بيگناهه پورهيتن کي سرعام روڊ تي گولين سان پروڻ ڪيو ويو تنهن هوندي به مزدور پنهنجي حقن لاءِ وڙهندا رهيا، پورهيتن پنهنجا ڪپڙا پنهنجي ساٿين جي رت سان ريٽا ڪري پنهنجو جهنڊو بڻايو تڏھن کان ھن وقت تائين ڳاڙھو جهنڊو پورھيتن جي جهنڊي طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ اھو ڳاڙھو الم پنهنجي ھٿن ۾ کڻي اڳتي وڌندا رهيا اهي مزدور جيڪي پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيئي شهادتن جو پيالو پي ويا پر پورهيتن جي آواز کي بلند ڪري ويا ۽ سرڪار کي مجبورن آخرڪار گوڏا کوڙڻا پيا ۽ پورهيتن جا جائز مطالبا مڃي ورتا. جن ۾ اهم مطالبو اهو هو ته پورھيتن کي ارڙنهن ڪلاڪن جي پورھيو ڪرائڻ بدران اٺ ڪلاڪ پورهيو ڪرايو وڃي.

پهرين مئي تي سڄي دنيا جا پورهيت پنهنجن شهيد ساٿين جي ياد ملهائيندا آھن جيڪي پهرين مئي 1886ع تي شڪاگو ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج ڪرڻ تي ماريا ويا هئا. پورهيتن جو هڪ هڪ رت جو ڦڙو ڪاميابي جي اهميت جو حامل رهيو آھي ۽ سرمائيدارن جي ڏاڍ ۽ ٿيندڙن ظلمن تي پورهيتن پنهنجي حقن تي آواز اٿاريو آھي. جنهن ۾ انساني جانين جي قرباني ڏني وئي آھي، توهان تاريخ ۾ ڏٺو ۽ پڙهيو به هوندو ته  پنهنجي مقصدن ۾  ڪامياب ٿيڻ لاءِ تحريڪن کي هميشه قربانين جو نذرانو ڏيڻو پوندو آهي جنهن کان پوءِ ئي پنهنجي حقن ۽ مطالبن ۾ ڪاميابي ملندي آهي ھن تحريڪ کي کڻي جو جنگ چوان جيڪا سرمائيدارن ۽ پورهيتن جي وچ ۾ لڳي ھئي ۽ انهيءَ جنگ جا فاتح پوهيتن بڻيا ھئا ۽ پورهيتن کي ڪاميابي ملي ۽ سرمائيدارن کي سواءِ رسوائي ۽ شڪست کانسواءِ ڪجهه ڪونه مليو اڄ به پوري دنيا ۾ پهرين مئي تي پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ مزدرون کي عالمي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آھي.