شيخ عزيز صحافت، علم ۽ ادب جو پارکو : تحرير: امداد علي اوڍو لنڊن

      هي ڳالهه جنوري 1974 جي آهي جڏهن مان هڪ رات حيدرآباد ۾ سليم قاضي )علي قاضي جي وڏو ڀاءُ ) جو مهمان ٿي رهيس، پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي سنڌ ۾ ممتاز ڀٽو وڏو وزير هيو. حڪومت بنگله ديش کان 2 لک بهارين  کي پاڪستان آڻڻ جو فيصلو ڪيو . انهي فيصلي تي سنڌين کي خدشو هو ته اهي سڀ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندا. بهارين خلاف سنڌ يونيورسٽي ۾ سمورين شاگرد تنظيمن جي گڏيل اتحاد هيٺ زبردست تحريڪ هلي. تحريڪ دوران  مونکي 21 سپٽمبر 1973 تي وڏي وزير بهارين جي مسئلي تي ڳالهين لاءِ گھرائي سڻڀي نوڪري جي آڇ ڪئي،  جيڪا مون پاڻ کي وڪڻڻ جي برابر سمجهي ٺڪرائي ڇڏي ( جيڪڏهن ان وقت نوڪري جي آفر قبول ڪيان ها ته 22 هين گريڊ تائين پهچي رٽايرڊ ٿيان ها ) ان وقت ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ٻيا اڳواڻ جيلن ۾ هيا ۽ مان سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قائم مقام مرڪزي صدر هيس، حڪومت مونکي خريد ڪري بهارين خلاف هلندڙ تحريڪ کي ڌڪ پهچائڻ چاهي پئي ، انڪار ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻن هفتن کانپوءِ  مون کي سنڌ يونيورسٽي مان پنجن سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو( ان دور ۾ سيد غلام مصظفيٰ شاهه وائيس چانسلر هيو ) ڊفينس پاڪستان رولز ( ڊي پي آر ) ۽ 13 ڊي تحت ڪيس داخل ڪيا ويا. ( اسان جي  بهارين خلاف هلايل تحريڪ جو نتيجو اهو نڪتو جو ٻن لکن جي بجاءِ 50 هزار بهاري اچي سگھيا،  وڌيڪ بهارين کي  ذوالفقارعلي ڀٽي  سنڌ ۾ شاگردن جي سخت احتجاج سبب وٺڻ کان انڪار ڪيو. ڀٽي صاحب کي اهو يقين ڏياريو ويو ته بهارين کي قبولڻ جي صورت ۾ اهي ڦري گھري سنڌ جي شهري علائقن  خصوصن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اچي ديرو ڄمائيندا ۽ حڪومت جي اهڙي عمل ڪري سنڌ ۾ پارٽي جي مخافت وڌي ويندي ) روپوشي دوران منهنجي غير موجودگي ۾ 20 آڪٽوبر 1973 ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي ڪنوينشن جيڪب آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ مونکي صدر ۽ شهيد نذير عباسي کي جنرل سيڪريٽري، نائب صدر خيرمحمد جوڻو ۽ آصفه رضوي، جوائنٽ سيڪريٽري سهيل سانگي کي يڪراءِ چونڊيو ويو. حالانڪ مون دوستن کي چيو هو ته مان ورڪر ٿي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو توهان ڀلي ڪنهن ٻئي دوست کي صدر جو عهدو ڏيو پر دوستن جي گڏيل صلاح ڪري مون فيصلو قبول ڪيو، انهي فيصلي تي گھر وارا سخت ناراض هيا انهن جو چوڻ هيو ته توکي سرڪار سڙڀي نوڪري ڏئي پئي سا قبول ڪري پاڻ عيش ڪرين ها ۽ خاندان کي به فائدو ٿئي ها اهو ته تون نه ڪيو،  وري شاگردن توکي صدر چونڊي تنهنجي لاءِ ۽ خاندان لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪيا آهن.( ان وقت منهنجي گرفتاري لاءِ اڪثر منهنجي ڀائرن کي پوليس تنگ ڪندي رهندي هئي ۽ گھرائي ٿاڻي تي ويهاريو ويندو هيو ۽ پوءِ اسانجو چاچو نبي بخش خان اوڍو ايس پي پوليس تائين پهچي ڀائرن کي انهي آسري تي ڇڏائيندو هيو ته انهن کي ڇڏيو ته هو توهان کي امداد  هٿ ڪري توهان تائين پهچائيندا )  مرڪزي صدر جي حيثيت ۾ خدا بخش جمالي جي فرضي نالي ۽ ڏاڙهي سان  سموري سنڌ ۾ انڊر گرائونڊ سرگرميون جاري رکيون. انڊر گرائونڊ سرگرمين کي جاري رکڻ لاءِ   پوسٽ ڪارڊ وسيلي ايس اين ايس ايف جي برانچن کي آگاه ڪيو ويندو هيو، خط جي عبارت خفيه هوندي هئي جنهن ۾ لکيو ويندو هيو ته مولوي صاحب فلاڻي تاريخ تي تبليغ جي سلسلي ۾  توهان جي شهر جي فلاڻي علائقي جي مسجد پهچندو. ائين حيدرآباد جي دوستن کي به منهنجي دوري جي پروگرام کان پوسٽ ڪارڊ لکي آگاهه ڪيو ويو. جڏهن مان مقرر تاريخ تي ٻڌايل مسجد وٽ پهتس ته وٺڻ وارو ڪير به نه هيو. مون ڪافي انتظار کان پوءِ سليم قاضي کي فون ڪري آگاه ڪيو، هو اچي مونکي پنهنجي گھر وٺي ويو. ( سيلم قاضي ايس اين ايس ايف  جي ٿنڪ ٽينڪ جو ميمبر هيو ) هن جي گھر تي ترسڻ دوران تقريبن سموري رات ڪچهري ٿي، ڪچهري دوران هن ٻڌايو ته هو سنجيدگي سان سنڌ دوست  روزاني اخبار ڪڍڻ جي پلاننگ ڪري رهيو آهي ان حوالي سان هو صحافت جي شروعات انگريزي ويڪلي ميگ ” سنڌ آبزرور “ سان ڪري رهيو آهي. ان جو ايڊيٽر  شيخ عزيز کي مقرر ڪري چڪو آهي. جيڪو اڳتي هلي روزاني اخبار ” سنڌ نيوز “ جو به پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو. صبح جو ناشتي جي ٽِيبل تي قاضي سليم جي والد قاضي اڪبر سان به ڪچهري ٿي، جنهن سان منهنجو تعارف خدا بخش جمالي شاگرد ڪوئٽه يونيورسٽي جي حيثيت ۾ ڪرايو ويو.

    14 مارچ 1976 تي سليم قاضي جو خط پهتو ته مئي مهيني جي پهرين هفتي کان روزاني سنڌ نيوز ڪڍي رهيا آهيون جنهن ۾ توهان کي هر اها شيءَ ملندي جنهن جي سنڌي اخبارن ۾ کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي. هن اخبار ۾ اسين سنڌ جي اڀرندڙ مسئلن ۽ عام ماڻهن جي مسئلن کڻڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي نئين نسل جي امنگن ۽ جذبن جي ترجماني ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن اخبار ۾ ممتاز سياسي اڳواڻن جا تبصرا، انٽرويو، ٻارڙن، عورتن، شاگردن جا صفحا، ادبي ايڊيشن، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي خاص مضمون هوندا. ان سلسلي ۾ اسين سنڌ جي دوستن سان ملڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا آهيون، جيڪب آباد به اچبو وڌيڪ روبرو ڪچهري ڪبي. اوهان جي معلومات لاءِ ٻڌائيندو هلان ته ان وقت ڪراچي مان سرڪار جي نگراني هيٺ روزاني هلال پاڪستان نڪرندي هئي ۽ ٻي حيدرآباد مان روزاني عبرت نڪرندي هئي.

    30 مارچ 1976 تي سليم قاضي، شيخ عزيز، اخبار جو سول ايجنٽ ۽ باقي سنگت جيڪب آباد پهتي ۽ اخبار متعلق تفصيلي ڪچهري ٿي. شيخ عزيز سان هي پهرين ملاقات هئي. هو سنڌ نيوز بابت جيڪب آباد جي سنگت کي تفصيل ٻڌائي رهيو هو. مونکي ياد آهي ته شيخ صاحب سماج ۾ صحتمند تبديلي لاءِ سگھاري صحافت بابت دليلن سان دوستن سان ڪچهري ڪري رهيو هيو. انهن ڏينهن ۾ مان تعليم مڪمل ڪري جيڪب آباد ۾ مهراڻ پرنٽنگ پريس قائم ڪري چڪو هيس ۽ هفتيوار سنڌ سجاڳ جي ڊڪلريشن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هيس. اهو  ٻڌائيندو هلان ته ان وقت اخبار جو ڊڪلريشن وزيراعظم جي منظوري سان ملندو هيو. ان وقت مير هزار خان بجاراڻي اطلاعات کاتي جو صوبائي وزير هيو. اڳتي هلي سنڌ سجاڳ جو اجرا مون آگسٽ 1977 ۾ ڪيو.

   شيخ عزيز جي ڪچهري کان سنگت ڏاڍو متاثر ٿي، شيخ عزيز جي اسرار تي مون سنڌ نيوز ضلعي جيڪب آباد جي نمائندي قبول ڪئي. اهڙي طرح سڄي سنڌ ۾ ايس اين ايس ايف جي اڳوڻن شاگرد اڳواڻن مان اڪثر نمائندا مقرر ڪيا ويا، جيئن نواب شاه لاءِ صالح بلو، خيرپور لاءِ غلام قادر ميراڻي ( منصور ميراڻي ) وغيره. سنڌ نيوز کي جاري ڪرڻ لاءِ وڏي جوش ۽ جذبي سان تياريون جاري هيون. جرمني مان جديد پرنٽنگ جون مشينون گھرايون ويون. جرمن انجنيئر مشينون فٽ ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ترسيل هيو. مشينن جي فٽنگ کان پوءِ قاضي سليم جرمن انجنيئر کي جرمني روانو ڪرڻ لاءِ ڪراچي پئي ويو ته سپر هاءِ وي تي حادثي دوران قاضي سليم اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، هي نقصان قاضي فيملي سان گڏ  کاٻي ڌر جو به ٿيو ۽ سنڌ هڪ لائق ۽ صحافت وسيلي سنڌ جي تقدير بدلائڻ واري نوجوان کان محروم ٿي وئي. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن قاضي سليم ۽ شيخ عزيز جي رهنمائي ۾ سنڌ نيوز نڪري ها ته اسانکي عوامي آواز ڪڍڻ جي ضرورت ڪونه ٿئي ها. هي سموري ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جديد صحافت ۾ شيخ عزيز جي جيڪا اهميت ۽ حيثيت هئي اها سليم قاضي پرکي ورتي ۽ جديد صحافت وسيلي سنڌ ۾ جيڪا تبديلي آڻي سگھجي پئي ان لاءِ هن شيخ عزيز جو انتخاب ڪيو.

    سليم قاضي جي خواب جي پورائي ۽ سنڌ ۾ جديد صحافت جي حوالي سان  اخبار جي ضرورت هئي. ان مقصد خاطر مون 1988 جي آخر ۾ ڪراچي مان روزاني عوامي آواز جو ڊڪلريشن حاصل ڪيو ۽ جنوري 1989 کان تجرباتي بنيادن تي اخبار پنهنجي گھران لياري مان شروع ڪئي ڇهن مهينن جي لڳاتار ڪوششن کان پوءِ دوستن جي مدد سان مون  جولاءِ 1989 ۾ باقائدگي سان پهرين ڪميوٽرائيز اخبار ڪراچي مان جاري ڪئي. اخبار جي شروعات ۾ مون شيخ عزيز سان ڪافي ملاقاتون ڪيون ۽ هن جي مفيد صلاحن سان اخبار جاري ڪئي. اهڙي طرح علم، ادب ، صحافت ۽ قومي جذبي سان سرشار  ساٿين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏائي عوامي آواز جي شروعات ڪئي انهن ۾ انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري، سهيل سانگي، عبدالرحمان نڪاش، محمد خان سولنگي، صالح بلو، منصور ميراڻي، فتح چند ڪارڙا سميت  سموري سنڌ ۾ ايس اين ايس ايف جي دوستن جي ٽيم جن اخبار کي پنهنجي ڪاوشن ۽ محنتن سان ڪاميابين جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. سنڌ جي هي واحد اخبار هئي جيڪا ڪنهن وڏي سرمائي کانسواءِ جاري ڪئي وئي. عوامي آواز سنڌ جي اصل ڌڻين جي قومي ۽ معاشي مسئلن جي حل بابت هڪ انقلابي تحريڪ هئي. عوامي آواز صحافت ۾ نوان گس ۽ ٽرينڊ متعارف ڪرايا ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ نئين انداز سان صحافت وسيلي جدوجهد ڪئي. انهي مشن ۾ قومي جذبي سان سرشار نوجوان اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيندا ويا، عوامي آواز ڄڻ ته صحافت جي سکيا جو وڏو مرڪز بنجي وئي. قومي اداري جي حيثيت ۾  وڏي پاٻوه مان نوجوانن کي سکيا ڏني ويندي هئي. ائين نوجوان سکيا وٺي مختلف اردو، سنڌي ۽ انگريزي ميڊيا ۾ پنهنجي صلاحيتن سان ڪم ڪرڻ لڳا. ائين چئجي ته عوامي آواز جتي صحافت ۾ نوان ٽرينڊ ڏنا اتي نرسري وارو ڪردار به ادا ڪيو.

      عوامي آواز جي شروعاتي دور ۾ ڪامريڊ منصور ميراڻي جو ڀاڻيجو اڄ جي صحافت جو وڏو نالو ظهير ميراڻي مامي جو خط کڻي مون وٽ آيو ۽ مون ڪامريڊ جو خط اکين تي رکي ظهير ميراڻي کي عوامي آواز ۾ جاءِ ڏني هن پنهنجي محنت ۽ لگن سان عوامي آواز ۾ نيوز ايڊيٽر واري جاءِ حاصل ڪئي ۽ اڳتي هلي جڏهن مون  روزاني سوڀ ڪراچي جاري ڪئي ته مون وري پنهنجي اعتماد واري نوجوان ظهير ميراڻي کي ايڊيٽر مقرر ڪيو، انهي کانسواءِ عبدالرزاق سروهي، عبدالله سروهي، همسفر گاڏهي، صادق بڙدي، خادم ملغاڻي ۽ ڪافي ٻيا نوجوان پنهنجين صلاحيتن ڪري ڪاميابين جي بلندين تي پهتا آهن ۽ اڄ مختلف پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اهم زميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ظهير ميراڻي ڌرتي ميڊيا گروپ قائم ڪري صحافت ۾ هڪ اهم مقام ماڻي چڪو آهي. عبدالرزاق سروهي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾، عبدالله سروهي اي پي پي ۾ اهم حيثيت سان ۽ همسفر گاڏهي ماهوار سنڌ سجاڳ ۽ پوءِ افيئر جي ايڊيٽر طورڪم ڪري رهيا آهن. خادم ملغاڻي به مختلف اخبارن جي ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. منهنجي دعا آهي ته  جنهن جديد صحافت جو بنياد مون  وڌو هيو هي نوجوان ان جي پوئواري ڪندي سنڌي خلق جن مسئلن ۽ پريشانين جو شڪار آهي انهن کي  نجات ڏيارڻ ۾ پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪندا.

        اسان جنهن مقصد سان صحافت جا بنياد رکيا هيا انهن جي وضاحت مان مٿي ڪري چڪو آهيان پر اڄ صحافت کي انڊسٽري، ڌنڌو ۽ دولت ڪمائڻ جو ذريعو بنايو ويو آهي. ان جا نتيجا به سڀ جي آڏو آهن. قوم مسئلن جي حوالي سان ڪٿي بيٺي آهي، هاڻي ميڊيا جو ڪهڙو ڪارج رهيو آهي، هر طرف مسئلن جا انبار آهن. ورڪر جيڪي ميڊيا  جو اصل روح  آهن انهن جي ڪهڙي  حالت آهي اهي علاج، روزگار جي ضمانت ۽ ٻين سهولتن کان محروم آهن، شيخ عزيز وقت به وقت انهي جي نشاندهي ڪندو هيو ته جيستائين ميڊيا ۾ خصوصن سنڌي ميڊيا ۾  ورڪرن کي سکيو ستابو نه رکيو ويندو، انهن جي حقن جو تحفظ نه ڪيو ويندو اوستائين مالڪ ته سکيا ٿي ويندا، پر سنڌي صحافت سماج ۾ پنهنجو اصلي مقام حاصل نه ڪري سگھندي. اهو ئي سبب هيو ته شيخ صاحب سنڌ نيوز کان پوءِ اردو ۽ انگريزي ميڊيا ۾ پاڻ کي ذهني طرح مطمعين سمجهندو هيو، آخري وقت تائين انهن سان ئي واڳيل رهيو.

    مون جڏهن عوامي آواز شروع پئي ڪئي  ته شيخ عزيز کي به اڳواڻي لاءِ سٿ ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي هئي پر شيخ صاحب معذرت ڪئي، هن  پنهنجي طرفان مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو هيو،  ڳچ وقت تائين شيخ صاحب روزاني جي بنياد تي اخبار بابت سمري ٺاهي موڪليندو هيو ته اخبار کي اڃان ڪيئن بهتر بنايو وڃي ۽ ان جي صلاحن تي ڪوشش ڪري عمل ڪيو ويندو هيو. شيخ صاحب عوامي آواز جي ڪاميابي کي هڪ معجزي کان گھٽ نه سمجهندو هيو.

      شيخ عزيز جديد صحافت ۾ گريجوئيشن ٽامس ڪاليج آف جرنلزم انگلينڊ مان  ڪيائون. نئين نسل جي ڄاڻ ۽ تربيت لاءِ صحافت جي تعليم لاءِ ڪتاب ” عملي صحافت 1975 ۽ ٻيو چاپو 1978 ۾ لکيو،  پاڻ صحافت سان گڏ ادب جي کيتر ۾ به وڏو ڪم ڪيائون. هن ڪافي ڪتاب ۽ مختلف اخبارن ۾ ليک لکيا.  ڪتابن  ۾ مون لينن جو ڏيهه ڏٺو( سفر نامو 1975 ) سنڌ جا پراسرار داستان،  سنڌ جي تاريخ ۽ انگريزي ۾ A History of Sindhi Literature   شامل آهن.

    شيخ عزيز عملي صحافت جي ابتدا 1957 ۾ روزاني اخبار ڪاروان سان ڪيائون، روزاني عبرت ۾ سب ايديٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيتر طور ڪم ڪيائون. روزاني سنڌ نيوز جو پايو وجهندڙ ايڊيٽر  1976 کان 1980. روزاني جنگ ۾ ميگزين ايڊيٽر 1980 کان 1982 ميگزين ايڊيتر روزاني حريت 1982 کان 1987 ۽ نيوز ايڊيٽر حريت 1987 کان 1989. سب ايڊيٽر ڊان 1990 کان 1993. ڊان ميگزين انچارج 1993 کان آخر تائين. پاڻ صحافت جي شعبي ۾ عملي تعليم ڏيڻ لاءِ وزيٽنگ پروفيسر طور ڊپارٽمنٽ آف جنرنلزم سنڌ يونيورسٽي ۾ 1978 کان 1980 تائين خدمتون سر انجام ڏنائون. شيخ عزيز ۾ اها  صلاحيت هئي جو صحافت ۾ هن کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هيو. هن جون اردو توڙي انگريزي ۾ لکيل مواد کي ڏسبو ته سندس صلاحيتن تي فخر ٿيندو. موقعي جو فاعدو وٺندي اها گذارش ڪندس ته شيخ عزيز جي اڻ چپيل سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ لکيل ايڊيٽوريل، آرٽيڪل ۽ ٻي مواد کي محفوظ ڪجي ان سلسلي ۾ سنڌ ثقافت کاتي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌالاجي ۽ سنڌيڪا کي اڳتي اچڻ گھرجي. شيخ عزيز پنهنجي زندگي ۾ جيڪو سرمايو ٺاهيو، اهو ان جو علمي پورهيو ۽ زخيرو آهي ان کي هر صورت ۾ محفوظ ڪرڻ گھرجي. هي هڪ تاريخ آهي ۽ هي سنڌ جو آئيندو آهي. انهي مواد مان اسان جي نئين نسل کي رهنمائي حاصل ٿي سگھندي.

    شيخ عزيز سان جڏهن به ڪچهري ٿيندي هئي ته هن علم جي ڀنڊار مان گھڻو ڪجهه  حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هيس. مونکي چڱي طرح ياد آهي هڪ دفعو شيخ صاحب کان پڇيو هو ته سنڌي صحافت جديد دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي توهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو، پاڻ وراڻيائون ته ظاهري طرح ته صحافت جديد دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ هر شيءَ ۾ جديديت اچي وئي آهي پر فڪري طرح اڃان گھڻي ڪم جي ضرورت آهي. صحافت جيئن ته انڊسٽري ٿي وئي آهي هڪڙن نظرياتي ۽ پنهنجن سياسي خيالن جي پکيڙ لاءِ اخبارون ڪڍيون آهن ٻيا اهي آهن جيڪي هن کي ڪاروباري مقصدن جي پورائي لاءِ هٿيار طور استعمال ڪن ٿا. ٽيون ۽ اصل  حقيقي رخ اهو آهي ته صحافت کي ڪميونٽي ۾ بنا ڪنهن فرق جي عوام جي مسئلن جي حل، صاف سٿري سماج لاءِ انهن جي تربيت ڪجي. سرڪار تائين مسئلن کي اهڙي طرح پيش ڪجي جيئن انهن جي حل لاءِ ڪي رستا نڪري سگھن. پر ان مد ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪميونٽي جو جيڪو توهان تي حق آهي اهو ضرور ادا ڪرڻ گھرجي. خاص ڪري جيڪي فيلڊ ۾ ڪم ڪن ٿا. ڪن جا پنهنجا مفاد آهن ۽ مالڪن کي مفت ۾ ماڻهو ملي وڃن ٿا. خلق جي مسئلن کي جنهن طريقي سان کڻڻ گھرجي ائين نه پيو ٿئي.  اخبارون جيستائين ادارن جي شڪل اختيار نٿيون ڪن اوستائين اڻڌريو ڪم ممڪن ڪونه آهي. اخباري مالڪ اخبارن کي صرف  مال ميڙڻ ۽ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا. ان ڪري ميڊيا به ٻين ادارن وانگر عوام يا سماج کي اهو ڪجهه نه پيا ڏئي سگھن جنهن جي ڪميونٽي يا عوام کي ضرورت آهي. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي ته ون يونٽ واري  تحريڪ  ايتري ته زوردار هئي جنهن  اخباري مالڪن کي مجبور ڪيو ته هو عوام جي ڳالهه ڪن  ۽ تحريڪ جون خبرون  شايع ڪن. ان حوالي سان مان پاڻ شيخ صاحب جي ڳالهه سان سهمت آهيان ته  قومي جدوجهد دوران اسان جي خبرن کي اهميت ڪونه ڏني ويندي هئي، اسان وٽ جيڪب آباد ۾ جڏهن به تحريڪن دوران وڏا وڏا جلسا ٿيندا هيا يا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف موضوعن تي پروگرام ٿيندا هيا اسان جون اخبارون انهن کي گھٽ اهميت ڏينديون هيون. جڏهن ته  ايس ايچ او کي پٽ ڄمڻ تي مبارڪباد جون خبرون فرنٽ پيج تي شايع ڪيون وينديون هيون.

    انهي کانسواءِ شيخ عزيز هميشه صحافتي تربيت ۽ ٻولي جي درست استعمال تي زور ڏيندو هيو. جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته سنڌي اخبارن جي ٻولي ۽ خبرن جي ڪنسٽرڪشن بابت تفصيلي ڳالهائيندو هيو. اها حقيقت به آهي سنڌي اخبارن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ٿئي پئي ڄڻ ته ٻولي جو بگاڙ آهي. عام ماڻهو جيڪو روز اخبار پڙهي ٿو اها ٻولي هن کي متاثر ڪري ٿي. جڏهن اسان عوامي آواز شروع ڪئي هئي ته ان وقت اخبار ڪڍڻ جيترا  سکيا ورتل ورڪر ڪونه هيا. اسان وٽ ڪافي مسئلا هيا پر ٽرينڊ ورڪر سڀ کان وڏو مسئلو هيو. وقتي طرح ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هلال پاڪستان مان چند ڪلاڪن لاءِ دوست ايندا هيا انهن ۾ هدايت منگي، بدر ابڙو ۽ ٻيا دوست شامل هيا. اسان کي  سموري سنڌ ۾ ايس اين ايس ايف جا ساٿي وڏي ڪم جا ثابت ٿيا. جيئن ته هنن کي تحريڪن دوران باقائدگي سان پريس رليز لکڻ جو تجربو هيو ۽ نظرياتي ساٿي هيا، انهن مختلف وقتن تي تحريڪن دوران قربانيون ڏنيون ۽ جيل ڏٺا.مونکي ياد آهي ته اسان هڪ دفعو عبرت جي دفتر ۾ خبر ڏيڻ ويا هياسون ته اتي اسان کي چيو ويو ته  اسان توهان جون خبرون شايع به ڪونه ٿا ڪريون پوءِ به روزانو خبرون کڻي اچو ٿا. اسان انهن کي چوندا هياسون اسان پنهنجو فرض نڀايون ٿا شايد توهان کي به احساس ٿئي ته اسان ته پنهنجي قوم جي جياپي لاءِ جاکوڙيون ٿا. هو اسان کي ٻڌائيندا هيا ته توهان جي خبرن لاءِ مٿان کان منع ٿيل آهي. عوامي آواز پنهنجي ابتدائي دور کان وٺي نوجوانن کي ٽريني سب ايڊيتر ڪري رکيو ويندو هو. ڪم ۾ ڀڙ ٿيڻ کان پوءِ انهن کي مستقل ڪم سان لڳايو ويندو هيو يا هو سکيا کان پوءِ ٻين اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا هيا.

     شيخ عزيز پنهنجي پر ۾ هڪ ادارو هيو  هن پنهنجي سموري ڄمار قلم  وسيلي سماج ۾ صحتمند تبديلي لاءِ وقف ڪئي. اڄ جي دور ۾ سڀ کي خبر آهي ته پرنٽ توڙي الڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ ڪيئن ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن. شيخ عزيز ته ٽنهي زبانن جي اهم اخبارن ۾ اهم عهدن تي رهيو ۽ مال ٺاهڻ جي هر گر کان ڀلي ڀت واقف هيو. هن وٽ جڏهن خبر ايندي هئي ته خبر پاڻ پنهنجي اصليت ٻڌائيندي هئي. ان جي باوجود هن ڪڏهن به زرد صحافت نه ڪئي ۽ نه وري مال ميڙڻ وارو ڪڌو ڪم ڪيو، هن قلم جو تقدس هر ڏکي دور ۾ برقرار رکيو. شيخ عزيز  کي توهان ڪنهن به ٻولي يا طبقي جو صحافي نه ٿا چئي سگھو، هو  پيڙهيل طبقي جو نمائندو هيو ۽ صحافت وسيلي هن جي خواهش هئي ته خوبصورت سماج جوڙي سگھجي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي عزت ۽ مان سان رهڻ جو حق حاصل هجي. شيخ عزيز جون لکڻيون ۽ هن جا آدرش هن کي هميشه زنده رکندا ۽ اسان جو نئون نسل هن جي آدرشن مان لاب حاصل ڪندو رهندو.

  اسان قومي جدوجهد يا صحافت دوران جيڪو سکيو انهي جو اصل مول مقصد اهو هو ته پنهنجي قوم جي خوشحالي لاءِ پتوڙيون، انهي جي ڏکن سورن جو خاتمو آڻيون. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ڏينهن رات جاکوڙ ڪئي، هي ڪم عشق واري جذبي سان ڪيو ۽ اڄ به اهو مشن جاري آهي. اڄ جڏهن ميڊيا جا عام رپورٽر به دبئي، مليشيا گھمڻ وڃن ٿا. مون پنهنجي صحافتي سموري دور ۾ جيڪو 40 سالن تي ٻڌل آهي مون نه ڪا ملڪيت ٺاهي به وري ڪنهن ملڪ جو سير ڪيو 1997 ۾ وزير اعظم نواز شريف سان سرڪاري وفد ۾ ترڪي ۽ ايران ويس انهي دوري دوران نواز شريف جي ڪالا باغ ڊيم واري مهم جي حمايت نه ڪرڻ ڪري سموري ٽوئر ۾ هو مون کان لاتعلق رهيو.

    منهنجو سمورو وقت اخباري معاملن ۾ گذري ويندو هيو. سنڌ سجاڳ، عوامي آواز ۽ سوڀ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سمورو وقت پنهنجي پروفيشنل ڪمن  ۾ گذري ويندو هيو. منهنجي وقت ۾ عوام جي چٽي موقف کي چاپڻ ڪري حڪومتن پاران اسان جا اشتهار اڪثر بند ڪيا ويندا هيا. اسان مالي پريشانين جو شڪار رهندا هيا سون. ان مسئلن ڪري اسان ورڪرن جون پگھارون وقت تي نه ڏئي سگھنداسون هياسون. هي سمورا مسئلا اسان جي عوام دوست موقف جي ڪري پيدا ٿيندا هيا جن جو ورڪرن کي به احساس ٿيندو هيو. اڄ ميڊيا هائوسز جا سرڪار دوست پاليسين ڪري اشتهار جام آهن. مالڪ سکيا ستابا ٿي ويا آهن پر ورڪر غيريقيني واري صورتحال جو شڪار آهن. سنڌي ميڊيا هائوسز انتهائي خوشحال هجڻ جي باوجود ورڪرن کي اردو ۽ انگريزي ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن جيتريون سهولتون حاصل ڪونه آهن. سنڌ ۾ اڄ جيڪي مسئلا ڪر کنيون بيٺا آهن انهن جي حل لاءِ سنڌي ميڊيا ايتري سنجيده ڪونه آهي. ائين لڳي ٿو ته صحافت به مال ميڙڻ جو ذريعو بنجي وئي آهي جيئن سماج ۾ ٻيون ڌريون پنهنجي فرضن کان نابري واري مال ميڙڻ جي ڪڍ آهن صحافت کي هيٺ کان مٿي تائين ڏسو ته ڇا ٿي رهيو آهي. مالڪ ته ٺهيو پر ننڍڙي شهرن جي نمائندن جي مالي حالت ڪهڙي آهي اهي سڀ ڳالهيون عوام جي آڏو آهن. جيڪڏهن سنڌ کي خوشحال بنائڻو آهي ته سڀني کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو خصوصن صحافت کي درست ڪرڻو پوندو. ڇو ته صحافت سماج جي اک هوندي آهي ۽ صحافت ئي سماج ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين کي درست ڪرڻ لاءِ رهنمائي وارو ڪردار نڀائڻو پوندو. مون 1976 کان وٺي 2008 تائين اخبارن جي مالڪ ۽ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو اهو توهان جي آڏو آهي ۽ مان اڄ به احتساب لاءِ تيار آهيان ته صحافت کي صرف ۽ صرف پنهنجي عوام جي حالت بهتر بنائڻ لاءِ استعمال ڪيو.2012 کان هن وقت تائين پنهنجي هڙان لنڊن مان ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن شروع ڪيو آهي جيڪو سنڌي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ اڻڌريو ٿي ڪم ڪري رهيو آهي. تازو ويب ٽي وي به شروع ڪئي وئي آهي. منهنجي ڪوشش آهي ته سنڌ دوست ڌرين ۽ فردن جي سهڪار سان لنڊن مان سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل شروع ڪريان جيڪو دنيا آڏو سنڌ جي اصل صورتحال کي پيش ڪري سگھي. اها منهنجي خواهش سان گڏ سنڌي قوم جي ضرورت به آهي. اڄ جي صورتحال ۾ ميڊيا جو مورچو مظبوط هجڻ لازمي آهي جتان اسان دنيا  آڏو سنڌ جي  ماضي حال ۽ مستقبل بابت اصل صورتحال پيش ڪري سگھون. اها ئي شيخ عزيز ۽ سنڌ جي گھڻگھرن جي دلي خواهش هئي جيڪا اسان سڀني کي گڏجي پوري ڪرڻي آهي.

 

هي ليک ناليواري صحافي، اديب ۽ موسقي جي پارکو شيخ عزيز جي چاليهي جي موقعي کي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ لکيو ويو.

Imdad Ali Odho

www.imdadaliodho.com

odhoimdad@yahoo.com

Phone. 00 44 7519149847