شيخ رشيد پاران 100 رپيا ٽڪيٽ واري ٽرين هلائڻ جو اعلان

گجرانوالا:- ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته گجرانوالا لاهور ايڪسپريس جو افتتاح ڪرڻ پيا وڃون، گجرانوالا کان لاهور ايڪسپريس جي ٽڪيٽ 100 رپيا رکي آهي.تفصيل موجب ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته گجرانوالا ۾ 6 مهينن ۾ ننڍو ڊرائي پورٽ بڻائينداسين، ايم ايل ون ۾ 1 لک ماڻهن کي نوڪريون ڏينداسين. عمران خان جي حڪومت جو سڀ کان وڏو ڪم ايم ايل ون هوندو.شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ايم ايل ون کان پوءِ لاهور کان ڪراچي 8 ڪلاڪن ۾ پهچنداسين، عمران خان جي حڪومت ۾ گجرانوالا لاهور ايڪسپريس جو افتتاح پيا ڪيون. 70 سالن ۾ ڪنهن ناهي سوچيو ته روڊ جي ڪهڙي حالت آهي، شٽل ٽرين 6 ڀيرا گجرانوالا ۽ لاهور جي وچ ۾ ملندي.گجرانوالا کان لاهور ايڪسپريس جي 100 رپيا ٽڪيٽ رکي آهي.شيخ رشيد جو چوڻ هو ته گجرانوالا لاهور ايڪسپريس ۾ اي سي بوگيون به هنيون وينديون جنهن جي ٽڪيٽ 300 هوندي.