what can i write for my personal statement upenn creative writing major can you pay someone to write your personal statement how to make money through creative writing homework help reddit custom writing us essay on doing homework oxford essay writing service project research essay latin american writers homework help grade 5 module 6 ut austin creative writing creative writing phd rankings 2018

شهيد ڪريمان بلوچ جو ڳاڻاپو دنيا جي 100 اثرائتي ۽ اتساه ڏيندڙ شخصيتن ۾ هو

ٽورنٽو ۾ قتل ٿيل 36 وره ڄمار جي، بانڪ ڪريمان بلوچ پنهنجي ڪٽنب جي پهرين فرد نه آهي، جنهن کي شهيد ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ سندس ڪٽنب جا ڪيئي ڀاتي شهيد ڪيا ويا. جن ۾ سندس چاچي ۽ مامي کي به تربت، بلوچستان ۾ پهريان کنڀيو ويو، پوء کين شهيد ڪري، سندن لاش اڇلايا ويا.

تربت ڄائي شهيد ڪريمان بلوچ 2005 کان بلوچ حقن لاء سرگرم رهي. 2013 ۾ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (آزاد) جي چيئرمين چونڊي وئي. جنهن کانپوء مٿس حملا ٿيندا رهيا. سال کن روپوشي جي زندگي گذارڻ کان پوء 2016 ۾ ڪينيڊا اچي جلاوطني ۽ سياسي پناه واري زندگي گذارڻ لڳي. ٻٽيه ورهن جي عمر ۾ سندس شادي پنهنجي ئي هڪ سياسي ساٿي حمل حيدر بلوچ سان ٿي.

ڪريمان جلاوطني ۾ به پنهنجيون سياسي سرگرميون جاري رکيون. هن بلوچ حقن سان گڏوگڏ ڪينيڊا جي ڪرنٽ سياسي اشوز ۽ عورتن جي حقن بابت اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. هن بلڪ فورمز تي به انهن خدشن جو اظهار ڪيو هيو ته کيس ڪينيڊا ۾ جسماني طور تي ختم ڪيو ويندو.

سندس حيثيت، جرائت ۽ سياسي ڪردار جي مڃتا طور 2018 ۾ بي بي سي، دنيا جي ”100 اثرائتي ۽ اتساه ڏيندڙ“ عورتن جي ڳاڻاپي ۾ شامل ڪيو.

سينيئر سياسي اڳواڻ مير محمد علي ٽالپر بانڪ ڪريمان کي پنهنجي اولاد جيان ڀائيندو هو. سندس شهادت تي مير صاحب جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪنهن جو پي ماء گذاري ويندو آهي ته ٻار يتيم ٿي ويندا آهن، پر جڏهن ڪنهن جي اولاد گذاري ويندي آهي ته والدين يتيم ٿي ويندا آهن. ڪريمان جي شهادت مير صاحب سان گڏ ٻين هزارين ماڻهن کي يتيم ۽ اڪيلو ڪيو ويو آهي، جيڪي اهڙن/اهڙين شهيدن کي پنهنجي اولاد جيان ڀائيندا آهن.

ڪريمان جنهن کي آچر ڏينهن ڪاري جينز جي پينٽ، ٽي شرٽ، لانگ بوٽ ۽ ڪينيڊين اوورڪوٽ اوڌيل هو، ٽين بجي ڏينهن جو ٽورنٽو مان غائب ڪيو ويو. جنهن جي جاچ فورن ڪينيڊين پوليس شروع ڪئي ۽ ان ڏس ۾ مدد لاء هڪ پبلڪ اپيل به جاري ڪئي. ٻي ڏينهن تي ڪريمان جو لاش هٿ آيو آهي.

هن سال مئي ۾ سوئيڊن ۾ رهندڙ بلوچ حقن لاءپاڻ پتوڙيندڙ سجاد حسين بلوچ جو اغوا کان پوء لاش هٿ آيو. انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو دائرو رڳو انتشار هيٺ آيل علائقن تان محدود نه رهيو آهي، پر جيڪي ماڻهو، دنيا جي سماجي طور اسريل، جمهوري قدرن ۽ انساني حقن جا علمبردار ملڪن ۾ اچي سياسي پناه وٺڻ ٿا، ته انهن جو پيڇو اتي به ڪري کين جيئڻ جي عالمي انساني حق کان محروم ڪيو وڃي ٿو. ڏهاڪو سال اڳ به بالاچ خان مري کي افغانستان ۾ شهيد ڪيو ويو هو.

هنن جلاوطن بلوچ شهيدن جيڪري انساني حقن جو سموريون تنظيمون ضرور ان ڳاله بابت سوچ ويچار ڪنديون ته جلاوطني ۾ پنهنجي حقن لاء سياسي سرگرميون ڪندڙن جي حياتين جي، پناه ڏيندڙ ملڪن ۾ هوندي حفاظت ڪيئن ڪجي.