شهيد ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ کي 43 سال مڪمل

ڪراچي :- شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ اندر مارشل لا لڳائڻ کي 43 سال گذري ويا آهن، آمر جنرل ضياءَ الحق 5 جولاءِ 1977 تي عوامي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ اندر ٽئين مارشل لا لڳائي ڇڏي، 17 اپريل 1979 تي عوامي مخالفت باوجود ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، جڏهن ته جنرل ضياالحق عوام سان واعدو ڪيو ته 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائي اقتدار جهموري حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو پر ائين نه ڪيو ويو ۽ آمر جنرل ضياءَ الحق پنهنجو آمراڻو دور 11 سالن تائين جاري رکيو