شهيد غزالا بتول جي اڄ ورسي، اياز پليجو پاران ڀيٽا پيش

حيدرآباد :- قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو آھي ته شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي شھيدن عالمي سامراجي دھشتگردن سان وڙھندي پنھنجي سنڌ وطن لاءِ جان ڏني. 22 مئي جا شھيد سنڌ جون سورميون ۽ سوراما آھن. محبت سنڌ ريلي ايم ڪيو ايم جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي. سنڌ ٽوڙڻ جي سازش خلاف لکين ماڻھن عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي لياري ۾ چيل چوڪ تي گڏ ٿي پريس ڪلب طرف پرامن مارچ ڪيو ته عالمي طاقتن جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن انھن معصوم ماڻھن تي خطرناڪ ھٿيارن سان حملو ڪري شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ھٿين خالي ڪارڪنن کي شھيد ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو ته جن دھشتگردن سنڌ ۾ نفرت جي سياست ڪئي، اردو ڳالھائيندڙ، سنڌي ڳالھائيندڙ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙھايو. بيگناھ ماڻھن جو خون وھايو، انھن دھشتگردن جو سربراھ تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ دفن آھن، ان کانپوءِ سنڌ ۾ امن آھي، واپاري خوف ۾ ناھن، شھري دٻاءُ ۽ حراس ۾ ناھن، دنيا دھشتگردن جي سربراھ تي ملامتون ڪري ٿي. سنڌ ۾ رھندڙ اڳ ۾ به پاڻ ۾ ڀائر ھئا ۽ اڄ به ڀائر آھن، انھن کي ڪير به  الڳ نٿو ڪري سگھي.