شهيد عزيز ميمڻ مٽيءَ ماءُ حوالي، سوڳوار صحافين جا سڄي سنڌ ۾ مظاهرا

محرابپور/نوشهروفيروز/ٺاروشاھ :- محرابپور ۾ نامعلوم جوابدارن هٿان شهيد ٿي ويل پريس ڪلب محرابپور جو صدر سينيئر صحافي عزيز ميمڻ جي هاءُ اسڪول گرائونڊ محرابپور  ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ جسقم جي مرڪزي سينئر وائس چيئرمن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي قومي اسميبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاه سنڌ جنرلسٽ ڪائونسل جي مرڪزي اڳواڻ غازي جھنڊير پريس ڪلب ٺاروشاھ جي صحافين محمد ملوڪ عباسي شاهد سومرو ثناءِ الله چنڙ ظهير سومرو سميت سنڌ جي مختلف شهرن جي سياسي سماجي اڳواڻن صحافين شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد مقتول عزيز ميمڻ جو مڙه محرابپور ڀرسان ڳوٺ صالح سهتو ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ڏک وچان محرابپور شهر جزوي طور بند رهيو جڏهن ته مقتول صحافي عزيز ميمڻ جي واقعي خلاف سنڌ جنرلسٽ جي مرڪزي اڳواڻ غازي چهنڊير جي اڳواڻي ۾ سوين صحافين جو محرابپور ٿاڻي ٻاهران سخت احتجاج ٻه ڪلاڪ هالاڻي روڊ تي  ڌرڻو هنيو ويو جتي صحافين غازي جهنڊير قاضي ذوالفقار شاهد سومرو ۽ ٻين چيو ته صحافي جي قتل کي 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن پر پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي نه ڪا ڪيس جي اڳ ڀرائي ڪئي وهي آهي اسان پوليس جي اهڙي سست عمل تي سخت پريشان آهيون هنن سنڌ حڪومت چيف آف آرمي  آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مقتول صحافي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ عبرناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين، واقعي خلاف هالا،ڪنڌڪوٽ،جوهي،بدين،گهوڙاٻاري،گولاڙچي،لاڙڪاڻي،ملير، اڪري، لکي غلام شاهه،چوهڙ جمالي، گهوٽڪي، ڏوڪري،اسلام ڪوٽ، دادلغاري، ڌاٻيجي، پڊعيدن، ماتلي، جهمپير،دولتپور،ميرپورخاص،چڪ،ڪوٽڏيجي،وارهه، قاضي احمد، ٿاڻو بولاخان، ٽنڊو مستي، پنوعاقل،ڪڍڻ، سنڌڙي، ڳاڙهو، هالاڻي، نوابشاهه، ٽنڊو ڄام، چڪ، ڪنڌرا، کپرو، سنجر چانگ، بوزدار وڏا، اڏيرو لال، عمرڪوٽ، راضي ديرو، ڪوٽڙي، ڄامشورو، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪڪڙ، اوٻاوڙو، ميرپور بٺورو، پڪاچانگ، خانپور مهر، هنڱورجا، ٻانڌي، پر جو ڳوٺ، حيدرآباد، دادو، خيرپور، قمبر، نئون ڳوٺ، شهدادپور ۽ ٻين شهرن ۾ صحافين پاران مظاهرا ڪيا ويا. احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس معاملي تي ڪو به تحرڪ ناهي ورتو، قاتلن کي گرفتار ڪري عبرت جو نشانو نه بڻايو ويو ته ملڪ گير احتجاج ٿيندو..