شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 41 هين ورسي ۽ تاريخي حقيقتون

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي عالمي شخصيت کي اڄ کان  41سال اڳ 4 اپريل 1979ع تي شهيد ڪيو ويو جيڪو 41 سال گذرڻ باوجود به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي . شهيد ذوالفقار علي ڀٽوکي بيگناهه سازشي ٽولن عالمي سازشن تحت مختلف الزام مڙهيندي کيس نه رڳو گرفتار ڪرايو پر پاڻ کي “مرد مومن” قرار ڏيندڙ وقت جي غاصب ٽولي سان لاڳاپيل ڊڪٽيٽر هن عوام دوست شخصيت کي ڦاسي جي ڦندي تي پهچائي اهو باور ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته هاڻي آمريت کي ڀٽو ازم کان نجات حاصل ٿيندي.پر اهڙي ڪوشش آمر جنرل ضياءُ الحق کي مسلسل يارنهن سالن جي اقتدار تائين کيس ڏنگيندي رهي ۽ يارنهن سالن بعد قدرت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت ۾ رڱيل هٿن، دماغ، جسم توڙي مادي واري صورت کي منطقي انجام تائين پهچائيندي جنرل ضياءَ الحق ۽ سندس ٽيم کي زميني مفاصلي کان تمام گهڻو مٿي هوا ۾ ئي انهن کي دردناڪ موت ڏئي سندس جسم کي راک ۽ هڏن جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو .

شهيد ذو الفقار علي ڀٽو جي خاندان کي ختم ڪرڻ وارا آمريت پسند،  شهيد ڀٽو جي خاندان جي چئن شهادتن، ڏکن ۽ سورن جو درمان کڻي فوت ٿي ويل بيگم نصرت ڀٽو جي فوتگي، بعد به ڀٽو ازم جهڙو پڙاڏو بڻجي گونجندڙ آواز  “جيئي ڀٽو” کي 41 سالن بعد به دٻائي نه سگهيا آهن. ويتر لاڳيتو 41 سالن دوران دنيا جي ڏتڙيل عوام لاءِ  هڪ خوشبو بڻيل آهي ۽ خلق خدا سندس ڳيچ ڳائي آمريت جي ڪنن جا پردا ڦاڙي رهيا آهن. عوام کي شعور ۽ اعتماد ڏيڻ واري عظيم شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو جي سحر انگيز شخصيت کان دنيا جو غريب ۽ ڏتڙيل عوام متاثر ٿي رهيو آهي، خوش گفتار، خوش پوش، سهڻي سوچ رکندڙ، ايشا جو چمڪندڙ ستارو، انقلابي، فلسفي، درد وندن جو درمان، غريبن ۽ مزدورن جو مسيحا، عوام کي زبان ڏيندڙ، پِسجندڙ ماڻهن لاءِ  اتساهه، اسلام جو شيدائي ۽ مجاهد، مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جو حامي، گڏيل آئين جو خالق، ماڻهن جي اکين جي پنبڻين ۾ سمايل سچ جو سرواڻ، ملڪ کي سگهارو بڻائندڙ ايٽم بم جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي 4  اپريل 1979ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي ۾ فطري طور تي ڦاسي ڏيڻ بدران رات جو ٻين وڳي سخت تشدد ڪري ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي، جڏهن ته ڦاسيءَ جي سزا جي لاءِ  جسماني طور تي ٺيڪ هجڻ وارو سرٽيفڪيٽ ڊاڪٽر جاري ڪندو آهي، تنهن بعد ئي ڦاسيءَ جي سزا تي عمل ٿيندو آهي، پر اهڙي قانون جي پوئواري بدران رات جي اونداهيءَ ۾ رهزنن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني ۽ صبح جو ڏهين وڳي تائين ڳڙهي خدا بخش ۾ عظيم اڳواڻ جي تدفين فوجي نگراني هيٺ ڪئي وئي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۽ دنيا جي اُسريل ملڪن ۽ اسلامي دنيا پاران روڄ راڙو ڪيو ويو ۽ اهڙي قتل کي سياسي قتل قرار ڏئي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪاري باب جو اضافو ڪيو ويو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ئي آشيرواد سان مقرر ٿيل چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الحق، ان وقت جي نو ستارن واري سياسي آکاڙي ۾ گڏ ٿيل مختلف سياسي کيڏاڙين ۽ آمريڪي سازش وسيلي ملڪ جي جمهوري نظام کي راتاهو هڻي لڳاتار يارنهن سالن تائين عوام مٿان “ڪاري آمريت” جو عذاب نازل ڪيو ۽ عوام کي فوجي سزائن جهڙوڪ ڦٽڪا، ڦاهيون ۽ گوليون ملنديون رهيون. پر، جيئي ڀٽو جا نعرا مسلسل يارنهن سالن تائين جنرل ضياءَ الحق جي ننڊ ڦٽائيندا رهيا. اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ جي عوام جي دلين ۾ شهيد ڀٽو جي بي پناهه محبت کي برداشت نه ڪندي، آمر جنرل ضياءُ الحق سنڌي ماڻهن کان ڀٽو همدري جي انتقام وٺڻ لاءِ ، مختلف منصوبن تي عمل ڪندي مستقبل ۾سنڌ ڌرتي کي ٽامو بڻائڻ لاءِ  مختلف منصوبا ترتيب ڏنا، جنهن ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر، هيروئن ڪلچر، ڌاڙيل ڪلچر ۽ ايم ڪيو ايم جهڙا فيڪٽر رونما ڪري سنڌ کي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو، جنهن مان اڄ تائين سنڌ واسي جان آجي نه ٿا ڪرائي سگهن. 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن کي ملڪ جي عوام سميت ايشيا ۽ اسلامي بلاڪ جو اڄ به هيرو تسليم ڪيو ٿو وڃي، اهڙي عظيم شخصيت کي جنم ڏيندڙ ڌرتي سنڌ  آهي، جنهن پنهنجي ڪُکِ منجهان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ان جي عظيم نياڻي شهيد بينظير ڀتو سميت هزارين شخصيتن کي جنم ڏئي ان جي خوشبوءَ سان دنيا کي واسي ڇڏيو آهي. اهڙي عظيم شخصيت شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجي خاندان لاءِ  تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته ڀٽو خاندان اصل ۾ هندستان جي جيسلمير راجستان جو رهاڪو هو، جنهن مان هڪ شخص سهتو خان ڀٽو لڏ پلاڻ ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ نئين ديري لڳ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي هاڻوڪي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اتي نئون ڳوٺ جوڙايو، جنهن ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش جي نالي سان مشهوري ماڻي. ڇاڪاڻ ته سر شاهنواز ڀٽو جي ڏاڏي مرحوم وڏيري خدا بخش ڀٽو جي نالي سان ئي ڳوٺ جي سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. سر شاهنواز ڀٽو 1888ع ۾ غلام مرتضيٰ خان ڀٽو جي گهر ۾جنم ورتو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي بنيادي تعليم حاصل ڪئي، ان بعد اعليٰ تعليم جي سلسلي ۾ سنڌ جي مشهور تعليمي درسگاهه سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ۽ ان بعد وري سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي مان اعليٰ تعليم جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ملڪ جي سياسي سرگرمين ۾ دلچسپي ورتي ۽ لڳ ڀڳ  22 سالن جي ڄمار ۾ ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جي ميمبر طورکيس چونڊيو ويو ۽سنڌ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته سر شاهنواز خان ڀٽو 1924ع دوران بمبئي پريزيڊنسي واري دور ۾وزير جي عهدي تي رهندي عوام جي خدمت ڪئي سر شاهنواز خان ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه شاديون ڪيون پهرين گهرواري مان ٻه پٽ امداد علي خان ڀٽو ۽ سڪندر علي پيدا ٿيا، جڏهن ته ٻي گهرواري مان ذوالفقار علي ڀٽو 5 جنوري 1928ع ۾ پيدا ٿيو، سندس والده جو نالو خورشيده بيگم هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي تعليمي ڪيريئر مطابق ڪيٿڊرل اسڪول بمبئي ۾سن 1937ع کان 1947ع تائين، ان بعد يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا آمريڪا مان 1947ع دوران تعليمي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعديونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي برڪلي ڪيمپس ۾1949ع دوران پوليٽيڪل سائنس (آنرز) ۾ گريجوئيشن حاصل ڪرڻ بعد 1950ع دوران ڪرائسٽ چرچ ڪاليج (آڪسفورڊ) برطانيه ۾ 1950ع دوران داخلا ورتي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيه مان(آنرز گريجوئيشن)1952ع جي ڊگري حاصل ڪئي. جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تعليمي سرگرميون مڪمل ڪرڻ بعد ايشيا کنڊ سان تعلق رکندڙ پهرئين شاگرد جي حيثيت سان برڪلي اسٽوڊنٽ ڪائونسل ۾ 1954ع دوران شامل ٿيو ۽  25 آڪٽوبر 1957ع دوران گڏيل قومن جي ڇهين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪئي ۽ سمنڊ جي قانون ۽ ان جي آزادي جي عنوان تحت ليڪچر ڏنو، ان کان سواءِ 1958ع ۾ شاگردي واري عرصي دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ يادگار تقرير ڪئي. اهڙي تاريخي خطاب دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اصولن تي ڪاربند رهندي پنهنجي ملڪ، خطي ۽ اسلامي دنيا سان ٿيندڙ ناجائزين تي چٽو موقف اختيار ڪندي ڪاوڙ ۾ اجلاس دوران ڪاغذ ڦاڙيندي اهو چئي اٿيو هو ته “اسان هزار سال جنگ وڙهنداسين،” جڏهن ته شاگرديءَ واري دور ۾ پنهنجي ڌرتي سان بيحد پيار ڪندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ذهانت تحت ننڍي کنڊ جي آزادي لاءِ  هلندڙ تحريڪ دوران قائد اعظم محمد علي جناح ڏانهن خط لکيو هيو، جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجو موقف اختيار ڪندي لکيو هيو ته، “جيئن ته مان هينئر اڃا اسڪولنگ ڪري رهيو آهيان ۽ پاڪستان ٺاهڻ ۾ مان ڪابه مدد ڪري نه ٿو سگهان، پر ايندڙ وقت ۾ مان پنهنجي ملڪ لاءِ  جان به قربان ڪندس.”

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قائد اعظم کي لکيل پنهنجي اظهار کي عملي طور تي ثابت ڪري تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻجي ويو. ذوالفقار علي ڀٽو ڪجهه عرصو سنڌ مسلم ڪاليج ۾ بحيثيت ليڪچرار 1954ع رهيو، جنهن بعد ڪراچي ۾ ڪجهه عرصو وڪيل رام چنداڻي سان وڪالت پڻ ڪئي. ڀٽي سياست جي باقاعده شروعات اسڪندر مرزا جي دور ۾ ڪئي هئي.ذوالفقار علي ڀٽو پرڏيهي معاملن واري وزارت  تان استعيفا ڏئي ۽ لاهور ۾ پارٽي ٺاهڻ لاءِ  ڪنوينشن گهرايو، پر، ان وقت صدر ايوب خان 144 جو قلم لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري لاهور ۾ عام جلسو ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ جي ڪري ڊاڪٽر مبشر حسين جي گهر ۾ 30 نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي وئي. (جڏهن ته پارٽي لاءِ  ٽي نالا تجويز ڪيا ويا هئا. نمبر پهريون پيپلز پروگريسو پارٽي، نمبر ٻيون پيپلز سوشل پارٽي. نمبر ٽيون پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پوءِ آخري نالو چونڊيو ويو) ۽ پارٽي جو جيڪو منشور ڏنو ويو ان ۾ اسلام اسان جو دين يقين، جهموريت اسان جي پاليسي، طاقت جو محور، سرچشمو عوام آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جو نعرو. روٽي ڪپڙا ۽ مڪان هو. ڀٽي جو حڪومتي دور سان ماڻهن جون اميدون سلهاڙيل هُيون، پر افسوس ڀٽو جي حڪومت گهڻو وقت نه هلي سگهي، دشمنن کيس گهڻو وقت هلڻ نه ڏنو ويو ۽ ڀٽي جو نعرو “روٽي ڪپڙا ۽ مڪان” پورو ٿي نه سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽو ذهين هجڻ باوجود هڪ تمام وڏي غلطي ڪئي ۽ هڪ چالاڪ، ۽ دوکيباز شخص جنرل ضياءَ کي پنج سينئرن ماڻهن کان مٿڀرو ڪري کيس پاڪ فوج جو سربراهه مقرر ڪيو ۽ مٿس اعتبار ڪيو. پر، اُنهيءَ شخص ذوالفقار علي ڀٽو کي دوکو  ڏنو ۽ ڀٽي جي زندگي ختم ڪئي.

ذوالفقار علي ڀٽوکي ملڪ ڇڏڻ جي آڇ يا موت قبولڻ جو چيو ويو، پر،  ڀٽو جيل ۾ هو ته اتي هڪ جنرل پڻ موڪليو ويو، جنهن ڀٽي صاحب کي اهو چيو ته “جيڪڏهن تون ملڪ ڇڏي وڃين ته ان جو بندو بست ڪيو وڃي ۽ تون اهڙي ريت زندهه بچي ويندين،” پر ذوالفقار علي ڀٽي ان جنرل کي اهو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته پاڪستان منهنجو ملڪ آهي. منهنجي ڌرتي آهي، مان مرندس به هتي ۽ جيئندس به هتي، توهان کي جيڪي ڪرڻو آهي، سو ڪيو، مان پنهنجي ڌرتي، پنهنجو ملڪ، پنهنجو وطن نه ڇڏيندس،” ۽ ڀٽي پنهنجي جان ته قربان ڪئي پر پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي.

ذوالفقار علي ڀٽو جي آخري ملاقات 3اپريل 1979ع تي سندس گهرواري نصرت ڀٽو ۽ نياڻي بينظير ڀٽو ڪرائي وئي، جڏهن ڀٽي ٻنهيءَ کي ملاقات تي گڏ ڏٺو ته هڪدم انهن کان پڇيائين ته، “اڄ آخري ملاقات آهي ڇا جو اوهان ٻئي گڏ آيون آهيو،” ۽ هنن جڏهن چيو ته “ها” ته ڀٽي جيلر کان تصديق ڪئي ۽ جڏهن جيلر کيس اهو يقين ڏياريو ته، “ها اڄ اها آخري ملاقات آهي ۽ سڀاڻي ڦاسي ڏني ويندي.”  تنهن کان پوءِ  ڀٽي صاحب پنهنجون ڪجهه شيون سگار، ۽ ڪتاب وغيره هنن کي ڏنا ۽ جيلر کي چيو ته، “منهنجي شيو جو بندو بست ڪيو وڃي، ڇو جو هي دنيا هڪ خوبصورت دنيا آهي، ۽ مان خوبصورتي واري حالت ۾ هي دنيا ڇڏڻ چاهيان ٿو.”

ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس جي الزام ۾ 4 اپريل 1979 تي ڦاهي ڏني وئي. ڀٽو پنهنجي قبر لاءِ جيڪا وصيت ڪئي، ان ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 1969ع تي سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي سان لطيف ڊي ملهايو ويو جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي خاص مهمان طور سڏايو ويو ۽ ڀٽي صاحب لطيف صاحب تي ڳالهائيندي پنهنجي قبر لاءِ  به وصيت ڪئي ته مون کي مرڻ کانپوءِ  شاهه صاحب جي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو وڃي. پر افسوس جو ڀٽو صاحب کي رات جي پيٽ ۾ بي رحمي سان قتل ڪري ۽ سنگينن جي پهري هيٺ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. تنهن کانپوءِ  به ڪيترائي ڏينهن سندس قبر تي ورديءَ وارن جو پهرو رهيو، ۽ ڀٽي صاحب جي اها وصيت به پوري ٿيڻ نه ڏني وئي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي خداداد لياقتن ۽ عوام دوستيءَ سبب ملڪ ۽ عوام جي جيڪا خدمت ڪئي اها ڪا لڪل ڪهاڻي ناهي. هن پنهنجي اقتدار کي عام ماڻهن جي بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ سميت ملڪ جي ڀلائي لاءِ  ايڏو ته وڏو ڪم ڪيو جنهن سان ملڪ جي عوام جون اکيون کلي ويون ۽ اهو عوام  ڀٽو جي عوام دوستي جي پرک جي ڀيٽ ڪرڻ لڳو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آواز سان آواز ملائي کيس لبيڪ چوڻ لڳو. نتيجي طور قائد اعظم محمد علي جناح جي قائم ڪيل پاڪستان کي سازشن ڏانهن ڌڪيندڙ سازشي ٽولن کي اها ڳالهه نه وڻي، تنهن جو فائدو وٺندي آمريڪا پڻ ڀٽو خلاف انتقامي طور تي سازشون ڪرڻ شروع ڪيون، ڇاڪاڻ ته آمريڪا کي خوف ورائي ويو هيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي طرح سان اسلامي بلاڪ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، تنهن سان آمريڪا جي تباهي مقدر ۾ لکيل هئي، اهو پڻ واضع ڪرڻ ضروري آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سعودي عرب سميت وچ اوڀر جي اسلامي ملڪن مان تيل جي مد ۾ حاصل ٿيندڙ آمدني کي آمريڪا جي بئنڪن ۾ رکڻ واري پاليسي جي خلاف ماحول تيار ڪري رهيو هيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان سلسلي ۾ عرب ملڪن جي سربراهن کي ان سلسلي ۾ راضي به ڪري چڪو هيو. جنهن خلاف آمريڪا 1979ع دوران پاڪستان ۾ نو ستارن واري سياسي هلچل جو فائدو حاصل ڪندي، آمر جنرل ضياءَ الحق معرفت نه رڳو جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو پر ايشيا ۽ اسلامي بلاڪ جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪرايو پر آمريت جي ساٿارين آڏو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي ۽ عوام جي حقن لاءِ  سندس  خاندان جي فردن عظيم نياڻي بينظير ڀٽو، فرزندن مير شاهنواز ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو پڻ شهادت جو جام نوش ڪيو ۽ بيگم نصرت ڀٽو ڏکن ڏوجهڙن سان مهاڏو اٽڪائيندي ڀٽو فلسفي جي آبياري ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي تاريخ ۾ ڀٽو خاندان امر بڻجي ويو، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ  سندس رت جا ويري سندس خاندان کي ختم ڪرڻ لاءِ  ڏينهن رات سازشون سٽيندا رهيا، شهيد شاهنواز ڀٽو کي زهر جو پيالو پياري پنهنجي بابا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀاڪر ۾ ابدي ننڊ سمهاريو ويو ۽ سازشن تحت پنهنجي ئي ڀيڻ بينظير ڀٽو جي حڪومت دوران سندس جگري ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي گولين جو کاڄ بڻائي شهيد ڪيو ويو، جنهن کي پڻ پنهنجي بابا جي ڀاڪر ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قبرستان ۾ سمهاريو ويو. ڀٽو خاندان جي رت جي ويرين سندس نياڻي بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع دوران راولپنڊي ۾ شهيد ڪيوويو، جيڪا پڻ پنهنجي عظيم بابا جي ڀاڪر ۾ ڍير گلن هيٺان دفنائي وئي ۽ هڪ ئي خاندان جي چئني شهيدن جون قبرن جي مٽي اڃان سڪي ئي نه ٿي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وني خاندان جي اذيتناڪ شهادتن جو درد نه سهندي هن فاني دنيا کي الوداع ڪري پنهنجي چئني شهيدن سان گڏ قبرستان ڳڙهي خدابخش جي مقبري منجهان پنجن ئي قبرن ۾ آرامي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ شهيدن جي سرواڻ بيگم نصرت ڀٽوگڏجي پاڪستان جي عوام کان اهو سوال ڪري رهيا آهن ته جمهوريت جي بقا ۽ ملڪ جي ڏتڙيل عوام جي ڀلائي لاءِ  ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ کين ڪهڙي ڏوهه عيوض کين شهادت جو جام پياريو ويو، 41 سال اڳ کان ڀٽو خاندان خلاف کيڏي ويندڙ رت جي راند مختلف طريقن سان جاري آهي، جنهن ۾ “جيئي ڀٽو” جا نعرا هڻندڙ سوين آوازن کي دٻائي شهادت ڏني وئي آهي، پر اهو طئه آهي ته ”جيئي ڀٽو” جو نعرو امرآهي ۽ رهندو.

حميد ڀٽو