شهيد جو رت چوي ٿو قاتل ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو..!! حفيظ چانڊيو

 جڏهن به ڪنهن قتل جا پيرا گم ٿي وڃن ته پڪ سمجهو ته قاتل اهو آهي، جنهن کي مقتول جي مرڻ سان وڌ ۾ وڌ فائدو رسيو هجي، اڄ جيڪب آباد کان اسلام آباد جي ڊي چوڪ تائين، ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين بي گناهه قتل ٿيل نوجوان فيصل مغيريءَ جي خون جي انصاف لاءِ سول سوسائٽي ۽ ساڃاه وند سراپا احتجاج بڻيل آهن. فيصل مغيري جي خون سان انصاف لاءِ جيڪب آباد جي هڪ نج جاگيردار گهراڻي جي نوجوان سردار زبير خان جکراڻي پهريون ماڻهو آهي جنهن آواز اٿاريو ته شهيد فيصل مغيريءَ جي ڀاءُ شير محمد مغيريءَ جون ننڊون ئي حرام ٿي ويون. زبير خان جکراڻي کي جيتوڻيڪ مسلسل موتمار ڌمڪيون ملنديون رهيون آهن ، هن کي ڪيسَ تان هٿ کڻڻ لاءِ راڄوڻي انداز ۾ ويجھا عزيز اقارب آيا، پر هن پنهنجي شهيد ٿي ويل دوست جي انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکيو، انهن خدشن کي سامهون رکيو هو جن بابت هن سان شهيد جيئري ئي ٻڌايو هو. شهيد فيصل مغيري کي خبر هئي، ان لاءِ ئي ته هن پنهنجي جگري يار سردار زبير خان کي امڪاني موت بابت هوشيار ڪندي ڪيس جي پوئواري لاءِ جهڙوڪ پابند بڻايو هو. زبير خان آسمان تان تارا لاهي ڏيڻ جو ضد ناهي ڪيو جو شهيد فيصل مغيريءَ جو اڪيلو ڀاءُ شير محمد مغيري ۽ سندس حواري ساڻس دشمني جي حد تائين لهي آيا آهن – زبير خان، جيتوڻيڪ هاڻي لاڙڪاڻي جي سينٽرل جيل ۾ آهي، پر سندس سپنو ساڳيو ئي آهي ته سندس بيگناھ دوست جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. هو هن وقت سلاخن پٺيان آهي، جنهن پٺيان شهيد فيصل جي ڀاءُ شير محمد مغيريءَ کي هجڻ گهرجي ها… افسوس ائين ناهي ٿي سگهيو. اسان جي ملڪ ۾ ڪوريئڙي جي ڄار جهڙو اهڙو قانون آهي جنهن مان سگهارو ۽ ظالم ته آساني سان نڪريو وڃي پر سچو ۽ کرو انسان ڦاسجي ويندو آهي. شير محمد مغيري، روايتي وڏيرو آهي، جنهن وٽ هاڻي سندس ڀاءُ جي وئي کانپوءِ ڪوئي سندس ملڪيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ناهي، هو ظالم قسم جو ماڻهو آهي، جنهن لاءِ ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن دولت خاطر ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. هاڻي هو نه ٿو چاهي ته سندس ڀاءُ فيصل مغيريءَ جي قبر ڪشائي ٿئي، متان ڪٿي سندس اهو راز کلي وڃي ۽ هو دنيا ۾ پنهنجي ڀاءُ جي قتل هيٺ زندگي ڳاري، جيڪو هو نه ٿو چاهي. هو نه ٿو چاهي جنهن مقصد لاءِ هن رت جي رشتي سڳي ڀاءُ کي مارايو سا دولت هن جي هٿن مان نڪري وڃي ۽ هو سلاخن پٺيان هليو وڃي. زبير خان، اڄ ڀلي کڻي قيد و بند جون سعوبتون ڪاٽي رهيو آهي، پر سچ اهو آهي ته هن جو ذهن ۽ ضمير آڏو سئو سيڪڙو مطمئن آهي. هن کي يقين آهي ته سندس شهيد دوست فيصل مغيريءَ جي چوڻ سان انصاف ضرور ٿيندو. ڪوئي ٻڌائيندو ته زبير خان جو ڏوھ ڪهڙو آهي؟ مون کي خبر آهي ته روايتي انداز ۾ ماڻهن جي اڪثريت چوندي هوندي ته زبير خان جو مٿو خراب آهي، يا هن جو ڪهڙو ڪم وڃي. يا وري چوندا هوندا ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي… شير محمد مٿان بهتان هڻندڙ هينئر پاڻ جيل ۾ آهي. ساڳين ماڻهن جو اهو به چوڻ هوندو ته زبير خان مٿان ماضي جو ڪيس آهي ان جي ڪري جيل ۾ آهي، آءُ انهن اٻوجھن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته زبير خان جو ڏوھ صرف اهو آهي ته هو پنهنجي جگري دوست جي ناحق ٿيل چوڻ سان انصاف ڏيارڻ واري ڏوھ ۾ سلاخن پٺيان آهي، هڪ جاگيردار گهراڻي سان تعلق رکندڙ خوشحال ماڻهو رشتن کان بي نياز ٿي هڪ محبوب دوست فيصل مغيريءَ لاءِ انصاف گهڙيو ته هن کي شير محمد مغيريءَ پئسا ڏئي جيل اماڻي ڇڏيو آهي! فيصل مغيري جنهن لاءِ اڪثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن کي پنهنجي ئي ڀاءُ رات جي پيٽ ۾ ملڪيت جي معاملي تان راه ۾ ڪنڊو سمجهندي هميشه لاءِ هٽائي ڇڏيو آهي. جنهن لاءِ زبير خان جکراڻي چاهيو ته سندس بيگناھ دوست جي خون سان انصاف ٿئي. زبير خان جيتوڻيڪ جان جيڪب جي خشڪ شهر جيڪب آباد ۾ رهي ٿو، پر سوچڻ جو انداز دنيا جي سڌريل ۽ مهذب معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن جيان آهي. هو روايتي جاگيردار ناهي. هو پنهنجي جاگيرداري نظام جو باغي فرد آهي، جنهن گذريل ڪيتري عرصي کان وٺي مسڪينن جي مدد کان سندن ڏکن کي پنهنجا يو آهي. جيڪب آباد سنڌ جي سرحدي پٽيءَ جو پُٺ تي پيل اهڙو علائقو آهي، جيڪو تعليمي اوسر توڙي ترقيءَ ۾ ڍڳو پير پيران جيئن سست رفتار رهيو آهي. دنيا وڃي چنڊ تي پهتي پر جيڪب آباد جي ماڻهن ٽيڪنالاجيءَ جي هن ترقي يافته دور ۾ ذهني ترقي ناهي ماڻي. اڄ به هتان جا اڪثر ماڻهو ڀوتارڪي نظام آڏو “جي حضوري” ۾ پيش پيش رهندا آهن. هو غلامي کي گار بدران قبيلائي اعزاز سمجهي غلامي کي ڳلي جو خوبصورت هار سمجهي پاڻ سان گڏ نسلن جو نقصان ڪرڻ ۾ قصر ناهن ڇڏيندا. مٿن ڀوتارن کي پيرين پوڻ وارو رواج عروج تي آهي. سندن اهو عقيدو رهيو آهي ته “ڀوتار” سندن ابو آهي، سندن ٻچن جو وارث آهي، سندن عزتن جو محافظ آهي، جڏهن اڄ ڪلهه اسان وٽ ڀوتارن جي چال چلت ان جي ابتڙ ئي آهي پر ڪير سمجهائي اهڙن عقيدتمندن پوڄارين کي، جن جي ذهنن تي ڀوتارڪو ڀوت لهڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. اڄ جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، غوثپور ،ڪنڌڪوٽ ۽ سنڌ جون ٻهراڙيون اهڙن روايتي ماڻهن سان ڳتيل آهن، جيڪي نڪ تي مک ويهڻ برداشت ئي ناهن ڪندا پر جڏھن سندن شهرن ۾ تعليم، صحت سان گڏ ترقيءَ کي ڏسبو ته اها مورڳو اڻ لڀ هوندي پر اصلي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ هو نرڙ تي ڄاون وارا ساوا ڦڪا ٽوپ هڻي، مساڳ جو واءُ لڳائي وڏا وڏا شهپر رکندا، پر شهر ۽ ڳوٺ جي بنيادي مسئلن تي ڳالهائيندي کين تپ چڙهندو آهي. ايڪيهين صديءَ ۾ هجڻ باوجود ائين ٿو لڳي ڄڻ جان جيڪب جي شهر جا ماڻهو اڃان پٿر جي دور ۾ ٿا رهن. سندن هڪ جاءِ تي بيٺل زندگيءَ کي ڏسي جان جيڪب روح رڙيون ڪندو هوندو، جتي هن ترقيءَ لاءِ ڪوششون ورتيون، گهنٽا گهر ٺهرائي پنهنجي يادگيري ڇڏي، اڄ سندس جوڙايل گهنٽا گهر ۾ جوڙايل گهڙيال جا ڪانٽا هڪ جاءِ تي برف جيان ڄمي ويا آهن، جهڙوڪ ان کي به قبيلائي جهيڙي دوران ڪنهن رولو گولي گهائي بي ساهو ڪري ڇڏيو هجي. هتان جي ماڻهن جي زندگين جا فيصلا سندن ڀوتار ڪري رهيا آهن. هر پاسي جهالت جو جهنگ آهي، جتي هاڻي چوڦير جيئرا جاڳندا زنده لاش گھمندي ڦرندي نظر ايندا. جهالت واري هن گهاٽي جهنگ ۾ جتي رت جي رشتن تان ويساه باقي نه بچي،