شهيد بينظير ڀٽو طرفان جلاوطني ختم ڪري ڏيهه واپسي ۽ ڪراچي ۾ ڪارساز تي سندس قافلي مٿان ٿيل خوفناڪ ڌماڪن کي 13 سال مڪمل

ڪراچي :- شهيد بينظير ڀٽو طرفان جلاوطني ختم ڪري ڏيهه واپسي ۽ ڪراچي ۾ ڪارساز تي سندس قافلي مٿان ٿيل خوفناڪ ڌماڪن کي 13 سال مڪمل، شهيد بينظير ڀٽو 8 سالن جي جلاوطني ختم ڪرڻ بعد 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڏيهه واپس پهتي ته ڪراچي ۾ سندس آجيان لاءِ لکين ماڻهن جو سمنڊ اُٿلي پيو هو، ڪارساز وٽ قافلي تي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 177 کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ۽ 600 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، ڪراچي سوڌو مختلف شهرن ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ تقريبون رٿيل آهن.