شهناز انصاري نوشهرو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي:قتل ڪيس جا ٻه جوابدار گرفتار

نوشهروفيروز:- نوشهروفيروز ڀرسان بيدردي سان قتل ٿيل پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.مقتولا جي ڀاءُ علي رضا ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته منهنجي ڀيڻ شبانا جي شادي زاهد حسين سان ٿيل هئي، جيڪو 5 جنوري تي طبعي موت مري ويو هو،جنهن کانپوءِ اسان جي ڀيڻ شبانا ۽ سندس معصوم ٻارڙن کي گهر ۽ ملڪيت مان بيدخل ڪرڻ لاءِ ڌمڪائيندا رهيا،جنهن تي منهنجي ڀيڻ ايم پي اي شھناز انصاري کين يتيم معصوم ٻارڙن جي خيال لاءِ چوندي رهي.فريادي وڌيڪ ڄاڻايو ته گذريل ڏينهن چاليهي جي رسمن ۾ شرڪت لاءِ ويل هئاسين ته جوابدارن سلما ڌي اختر کوکر ,وقار پٽ اختر کوکر ۽ اختر ولد شاهه محمد هٿيارن سان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڀيڻ شھناز کي زخمي ڪري ڇڏيو جڏھن ته اها چرچ صديق کوکر جي آھي جڏھن ته اسان جي ڀيڻ رستي ۾ فوت ٿي وئي ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته الزام هيٺ آيل صديق کوکر يونين ڪائونسل ڪور حسن جو چيئرمين آھي جنهن تي چرچ جو الزام لڳايو ويو آھي جڏھن ته پوليس ٻن جوابدارن صديق کوکر ۽ عورت جوابدار مسمات سلمي کي گرفتار ڪري ورتو آھي.هوڏانهن مقتولا شهناز انصاري جي جنازي نماز مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جي گرائونڊ تي ادا ڪئي وئي.جنهن ۾پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه، ايم اين ذولفقار بهڻ، ايم اين اي سيد ابرار علي شاهه ،ايم اين اي شگفته جماڻي ،ايم پي اي شهلا رضا،ايم پي اي ممتاز چانڊيو، ايم پي اي سيد سرفراز شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار،پ پ ضلع نوشهروفيروزجو صدر فيروز جمالي پ پ ضلع شهيد بينظير آباد جو صدر علي اڪبر جمالي جي ڊي اي جو مرڪزي رهنماءَ جهوني سياستدان سيد ظفر علي شاهه جي ڊي اي ايم پي اي نسم راڄپر پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو سميت هزارين سياسي و سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين ۽  پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن، شهرين شرڪت ڪئي. ۽ سندس مڙهه هزارين آلين اکين سان درگاهه سيد اسماعيل شاهه جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.جڏهن ته سندس تڏو نوشهروفيروز شهراندر سندس رهائش گاهه اياز ڪالوني ۾ وڇايو ويو آهي جتي سندس مڙس ڊاڪٽر حميد انصاري ۽ خاندان جا ٻيا فرد تعزيتون وصول ڪري رهيا آهن.ٻي طرف پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت ايم پي اي شهناز انصاري جي شهادت تي 3 ڏينهن جو سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته پيپلزپارٽي ضلعي نوشهروفيروز جي صدر فيروز احمد خان جمالي پاران 7 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.