شهزادي وليم جي گهر ٻاهران تلاءَ مان عورت جي لاش هٿ

لنڊن :- برطانيه ۾ شهزادي وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن جي گهر سامهون تلاءُ مان هڪ عورت جي لاش هٿ آئي آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب شهزادي وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن جي محل جي ٻاهر تلاءَ مان هڪ عورت جي لاش هٿ آئي آهي ۽ ٻه ڏينهن گذرڻ جي باوجود لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. رائونڊ) نالي تلاءُ جي ويجهو ڪاٽيج ۾ شهزادي يوگيني به پنهنجي مڙس سان گڏ ترسيل آهي. تلاءُ مان عورت جي لاش ملڻ تي علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو آهي.پوليس لاش جي سڃاڻپ کان پوءِ ان کي سرد خاني منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ميٽ پوليس جي ترجمان صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته عورت جي لاش جي سڃاڻپ وارو عمل جاري آهي.سڃاڻپ کان پوءِ  ئي جاچ ۾ اڳڀرائي جو امڪان آهي. جڏهن ته لاش جا وارث اڃان تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن.