شعور جي آبياري ڪندڙ پروفيسر جي سرڪاري اديبن هٿان گرفتاري

پروفيسر ساجد سومرو جيڪو ڪردار ڪيو، اهو ڪنهن به طرح سٺو ڪون هو، ان تي جيتري به نندا ڪجي سان گهٽ آهي پر هڪ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته هن جي پوسٽن لکڻين جو محور صرف سنڌ هئي ۽ سنڌي ادبي سنگت جو ڪردار هو، جيڪو عام علم چڱي ريت سمجهي سگهي ٿو، ساس ون يونٽ ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ بڻجي اڀري، جنهن نه علمي سماجي شعور جي اڳواڻي ڪئي،پر سياسي نمائندگي به ڪري ڏيکاري يعني سنڌ دشمن تي هر طرح جي برتري حاصل ڪئي هئي.اڄ منهنجي خيال ۾ شخصيتون سنگت جي سهاري پنهنجا ڌن ٺاهي رهيون آهن.اصل جهيڙي کان ته سنگت واقف آهي،پهرين ان کي مذهبي جنونيت جو رنگ ڏيئي پروفيسر ساجد سومرو خلاف محاذ کڙو ڪيو ويو، پوءِ رهيل ڪم وانگارو سئو کن اديبن به ڪري ڏيکاريو، جن سوشل ميڊيا تي خوب جوهر ڏيکاريندي ٻرنديءَ تي پئٽرول هارڻ جو ڪم ڪيو. پر معاملي کي جهڪو ڪرڻ وارين ڪوشش ۾ به هڪ طرفي سنجيدگي ڏٺي وئي،سڀني قومپرستن اديبن سياستدانن ساجد سومرو کي ته چيو ته هو هٿيار ڦٽا ڪري خاموش به ٿي ويو هو پر ٻي ڌر جي ونگار وهندي خيرپور پوليس قانون جي اهڙي ته حوصلاشڪني ڪئي آهي،جنهنجو مثال تاريخ ۾ ڪون ٿو ملي.خيرپور پوليس مذهب جي مبينا توهين ڪرڻ تان پروفيسر ساجد سومرو خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.ساجد سومرو نه رڳو گرفتار ٿي چڪو آهي پر کيس رياست خلاف عوام ڀڙڪائڻ واري روايتي ڪارروائي به ڪئي وئي آهي،جنهنڪري اسان اهو سمجهون ٿا سوشل ميڊيا تي جهيڙو هڪ طرف ۽ پوليس ڪارروائي ۽ الزام ٻيا لڳائي نه صرف پروفيسر جي زندگي اجيرن ڪئي وئي آهي پر مذهبي جنون پڻي جي ڄار ۾ ڦاسائي نه ڪيل ڏوهه جي سزابه ڏني وئي آهي،جنهن جي نه صرف مزمت ڪجي پر اعلي سطحي عدالتي جاچ ڪرائي خيرپور پوليس جي ونگارون ڪردار کي بينقاب ڪرڻ گهرجي.

ابراهيم خليل جتوئي