creative writing youth calgary tes creative writing ks1 how would you describe yourself as a writer essay holt algebra 2 homework help online how to help someone develop critical thinking skills help me to write a business plan what comes in creative writing woodlands junior homework help vikings central michigan creative writing who to write a perfect essay top business plan writers cv writing service project manager

شرڌا جي شادي وارين خبرن تي شڪتي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي:= بالي ووڊ اداڪار ورون دهون طرفان سليبرٽي فوٽو گرافر روهن شريستها کي مبارڪباد واري پيغام کي انسٽا اسٽوري تي شيئر ڪرڻ کان پوءِ بالي ووڊ اداڪاره شردها ڪپور ۽ روهن شريسٿا جي شادي بابت مختلف   افواهون  جاري آهن. ان حوالي سان بالي ووڊ جي سينئر اداڪار شڪتي ڪپور پنهنجي ڌيءَ جي شادي جي خبرن تي بيان ڏنو آهي.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي شڪتي ڪپور چيو ته مون کي خبر ناهي ته انٽرنيٽ تي ڪهڙيون خبرون ۽ افواهون هلي رهيون آهن پر مان هميشه پنهنجي ڌيءَ سان گڏ رهندس. هن چيو ته شادي سميت زندگي جي هر فيصلي ۾ شردها سان گڏ آهيان. روهن شريستها ئي ڇو؟ جيڪڏهن هو اچي مون کي ٻڌائي جنهن کي به هن چونڊيو آهي ۽ جنهن سان به هو زندگي گذارڻ چاهي ٿي ته ان تي مون کي ڪوبه اعتراض نه هوندو.روهن جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي شڪتي ڪپور چيو ته روهن سٺو ڇوڪرو آهي. ننڍپڻ کان ئي ان جي گهر اچڻ وڃڻ آهي پر شردها مون کي ان جي باري ۾ ناهي ٻڌايو ته هو ان سان شادي جو ارادو رکي ٿي. منهنجي ويجهو هو اڃان تائين ننڍپڻ جا ئي دوست آهن. مون کي خبر ناهي ته هو هڪ ٻئي جي باري ۾ سنجيده آهن يا نه.ڀارتي اداڪار وڌيڪ چيو ته  روهن جي والد راڪيش شريستها کي فوٽو گرافر بنجڻ کان اڳ ئي سڃاڻان ٿو. راڪيش سان گڏ نه صرف ڪيترائي فوٽو شوٽ آهن پر اسان ٻنهي گڏجي ڊنر به ڪيا آهن، ٻاهر ايندا ويندا رهندا آهيون. هو منهنجو تمام سٺو دوست آهي